ڪراچي/دادو(پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪمران ڪفايت شعاري جو ڍونگ رچائڻ بدران ججن، جرنيلن، وزيرن، مشيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جون مفت مراعتون ختم ڪري سندن پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي. شهباز شريف پاران هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جي خبر قوم جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر ۽ عوام دشمن پاليسين جي عڪاسي آهي. جماعت اسلامي ظالم حڪمرانن جي قوم دشمن قدمن جو ڀرپور مقابلو ڪندي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومتي ڪارڪردگي صفر ۽ ڪرپشن عروج تي آهي، حڪمران ٽولي جي بدترين گورننس سنڌ کي پٿر جي دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. ٻوڏ، طوفاني برساتن توڙي الخدمت فائونڊيشن طرفان رمضان المبارڪ ۾ هزارين مستحقين لاءِ ميگا راشن پيڪيج اسان جي خدمت جو واضح ثبوت آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع دادو طرفان منعقد ڪيل عوامي افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر، جنرل سيڪريٽري امتياز چانڊيو سميت ٻيا ذميوار به موجود هئا۔ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته فارم 47 جي پيداوار جعلي حڪومت ڀلاري مهيني ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري اڳ ئي مهانگائي جي ماريل عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. حڪمران پنهنجون شاهانه عياشين ختم ڪرڻ بدران هر شيءِ جو بار عوام تي وجهي رهيا آهن .هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي سميت قومي ادارن کي ڀُڳڙن جي مُٺ تي وڪڻي پنهنجي عياشين لاءِ لگزري جهاز خريد ڪيا پيا وڃن.