ايران جي مجلس خبرگان رهبري جي 88 ميمبرن آيت الله علي خامنه اي جي پٽ مجتبيٰٰ خامنه اي کي نئون رهبرِاعليٰ مقرر ڪري حقيقت ۾ جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ هي چونڊ ايراني حڪومتي نظام ۾ انتهاپسند عنصرن جي فتح سمجهي پئي وڃي ۽ ان سان پاسدارانِ انقلاب کي وڌيڪ طاقت ملندي۔ آمريڪي صدر ٻه ڏينهن اڳ مجتبيٰٰ کي ناقابلِ قبول قرار ڏئي چڪا هئا، تنهن ڪري هن چونڊ کي تهران طرفان اهو پيغام به سمجهيو پيو وڃي ته آمريڪا جون خواهشون قبول نه ڪيون وينديون۔
56 ورهين جي مجتبيٰٰ خامنه اي وٽ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي ڪم ڪرڻ جو ڪو تجربو ناهي ۽ نه ئي هو ڪڏهن عوامي پليٽ فارم تي نمايان طور ظاهر ٿيا آهن۔ البت هو پنهنجي والد علي خامنه اي جا انتهائي ويجها سمجهيا ويندا هئا ۽ سندن حياتيءَ ۾ انهن جي سڀ کان وڌيڪ قابلِ اعتماد نائبن مان شمار ڪيا ويندا هئا۔ ڪجهه ذريعا ته چون ٿا ته علي خامنه اي تائين رسائي به مجتبيٰٰ جي اجازت کانسواءِ ممڪن نه هئي۔
28 فيبروري تي رهبرِاعليٰ کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٿيل حملي ۾ مجتبيٰٰ خامنه اي جي والدين سان گڏ سندن زال پڻ مارجي وئي هئي۔ ان ڪري اهو به چيو پيو وڃي ته جنهن شخص آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ پنهنجي ماءُ، پيءُ ۽ زال وڃائي ڇڏي هجي، اهو دشمن آڏو ڪنهن به نرم رويي جو مظاهرو نه ڪندو۔ هيءَ چونڊ اهڙي وقت ڪئي وئي آهي جڏهن اسرائيلي فوج اعلان ڪري چڪي هئي ته هو ڪنهن به نئين ايراني اڳواڻ کي به نشانو بڻائي سگهي ٿي ۽ ان چونڊ ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي به مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ قم ۾ اسرائيلي جهازن ان عمارت تي به حملو ڪيو هو جتي مجلس خبرگان رهبري جو اجلاس ٿيڻ وارو هو۔ ان ڪري 88 ميمبرن واري مجلس جو باقاعده اجلاس نه ٿيو، پر سيڪريٽريٽ ميمبرن سان رابطو ڪري اميدوارن تي اتفاق راءِ حاصل ڪيو ۽ پوءِ ان جو اعلان ڪيو ويو۔ مجلس جي بيان ۾ چيو ويو ته سخت جنگي حالتن، دشمنن جي سڌين ڌمڪين ۽ سيڪريٽريٽ جي آفيسن تي بمباري سبب عملي ۽ سيڪيورٽي ٽيم جي ڪيترن ميمبرن جي شهادت باوجود اسلامي نظام جي قيادت جي چونڊ ۾ هڪ لمحي جي به دير نه ڪئي وئي۔ بيان پڙهڻ کان پوءِ ٽي وي اينڪر الله اڪبر، الله اڪبر، خامنه اي رهبر آهن جا نعرا به هنيا۔ تنهن هوندي به ايران جي معتدل خيال رکندڙ اڳواڻ هن تڪڙي فيصلي کان مطمئن ناهن۔ مجتبيٰٰ خامنه اي جي چونڊ جي اعلان ۾ دير ٿيڻ جو سبب به اهو ئي هو ته مجلس جا ڪيترائي ميمبر چاهيندا هئا ته رهبرِاعليٰ جي چونڊ جلدي ۾ نه ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ مجلس جو باقاعده اجلاس سڏايو وڃي۔ پر کين اهو سمجهايو ويو ته موجوده جنگي حالتن ۾ دير ڪرڻ بدران فوري طور اڳواڻ چونڊڻ ضروري آهي ته جيئن دشمن جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ قومي پاليسي ڪنهن رڪاوٽ يا ڪمزوري جو شڪار نه ٿئي۔ ٻئي پاسي نظام سان لاڳاپيل ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته جنگي حالتن ۾ عبوري قيادتي ڪائونسل ڪم سنڀالي رهي هئي، تنهن ڪري چونڊ ۾ جلدي ڪرڻ جي ضرورت نه هئي۔
ان کان علاوه آيت الله علي خامنه اي پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي پٽ کي جانشين بڻائڻ جي خيال کي رد ڪري چڪا هئا۔ سندن چوڻ هو ته انقلابي حڪومت ۾ موروثيت نه هجڻ گهرجي، ڇو ته 1979ع جي ايراني انقلاب دراصل شاهانه موروثي نظام جي خلاف ئي ٿيو هو۔ پر هاڻي مرحوم اڳواڻ جي پٽ کي نئون رهبر بڻائڻ سان اسلامي انقلابي نظام پاڻ ئي موروثيت جي بنياد رکي ڇڏي آهي۔ ديني تعليم جي لحاظ کان به مجتبيٰٰ خامنه اي ان درجي تي ناهن، جيڪو هن وڏي مذهبي عهدي لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي۔ ديني تعليم ۾ انهن کي حجت الاسلام جو درجو حاصل آهي، جيڪو آيت الله کان هيٺ آهي۔ پر ايران ۾ سرڪاري ميڊيا انهن کي رهبر مقرر ٿيڻ کان پوءِ آيت الله سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ان ڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سندن والد وانگر کين به رهبرِاعليٰ ٿيڻ کان پوءِ آيت الله جو درجو ڏنو ويندو يا مڃيو ويندو۔
سندن والد علي خامنه اي به 1989ع ۾ رهبرِاعليٰ ٿيڻ کان اڳ آيت الله نه هئا، پر اعليٰ عهدو ملڻ کان پوءِ کين آيت الله تسليم ڪيو ويو هو۔ نئون رهبرِاعليٰ مقرر ٿيڻ کان پوءِ مجتبيٰٰ خامنه اي اڃا تائين ڪو اهڙو حڪم يا بيان جاري ناهي ڪيو جنهن مان سندن پاليسي يا حڪمت عملي جو اندازو لڳائي سگهجي۔ البت پاسدارانِ انقلاب هڪ بيان ۾ مجتبيٰٰ خامنه اي لاءِ احترام، عقيدت ۽ اطاعت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اها فورس سندن حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي۔
حقيقت ۾ مجتبيٰٰ خامنه اي جي ڪاميابي جي بنياد به پاسدارانِ انقلاب سان سندن گهرو لاڳاپو آهي۔ اها فورس ايران جي سياست ۽ معيشت ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي۔ سندن والد به پاسدارانِ انقلاب جي تمام ويجهو هئا۔ مجتبيٰٰ اسڪول ختم ڪرڻ کان پوءِ ئي پاسداران سان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ عراق سان ڊگهي جنگ ۾ به شامل رهيا هئا۔ بعد ۾ پنهنجي والد جي نائب طور به کين پاسداران جو اعتماد حاصل رهيو۔
هاڻي رهبرِاعليٰ طور سندن چونڊ اصل ۾ ايراني سياست ۾ پاسدارانِ انقلاب جي طاقت ۽ اثر جو اظهار سمجهيو پيو وڃي۔ هي ئي فورس علي خامنه اي جي قتل جو بدلو وٺڻ ۽ جنگ جاري رکڻ جي حامي آهي، تنهن ڪري امڪان آهي ته مجتبيٰٰ خامنه اي به ساڳي پاليسي تي هلندا۔ ان ڪري اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته علي خامنه اي جي وفات باوجود مجتبيٰٰ جي صورت ۾ مرحوم اڳواڻ جون پاليسيون جاري رهنديون۔ اهو خدشو به آهي ته هو ملڪ جي اپوزيشن ۽ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙن سان سخت رويو اختيار ڪندا۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻه ڏينهن اڳ ايراني رهبرِاعليٰ جي چونڊ ۾ سڌي مداخلت جو مطالبو ڪندي مجتبيٰٰ کي ناقابلِ قبول قرار ڏنو هو۔ پر هاڻي سندن چونڊ کان پوءِ ايران هڪ پاسي پنهنجي خودمختياري تي زور ڏنو آهي، ته ٻئي پاسي ٽرمپ حڪومت لاءِ اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن سفارتي رابطي جي صورت ۾ هن نئين اڳواڻ سان ڪهڙي نموني لاڳاپا قائم ڪيا ويندا۔
ايران جي اندر به ڪجهه بيچيني موجود آهي، پر جنگي حالتن ۾ ڪو به اڳواڻ هن چونڊ تي کلي تنقيد ڪرڻ جي همت نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي صورت ۾ کيس آساني سان ملڪ دشمن قرار ڏئي سگهجي ٿو۔ هي چونڊ ٻه ڏينهن اڳ صدر مسعود پزشکيان طرفان پاڙيسري عرب ملڪن سان مفاهمت جي ڪوششن لاءِ به وڏو ڌڪ سمجهي پئي وڃي۔ صدر اعلان ڪيو هو ته پاسدارانِ انقلاب کي خليجي عرب ملڪن تي حملا نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ انهن حملن تي عرب ملڪن کان معافي به گهري وئي هئي۔
آمريڪي صدر ٽرمپ ان بيان کي ايران جي سرينڊر يعني هٿيار ڦٽا ڪرڻ سان تعبير ڪيو هو۔ پر حملا جاري رهيا ۽ مسعود پزشڪيان بعد ۾ وضاحت ڪئي ته سندن بيان کي غلط سمجهيو ويو آهي۔ سندن چوڻ هو ته جيستائين عرب ملڪن جا فوجي اڏا آمريڪا جي قبضي ۾ رهندا، اهي ايران لاءِ جائز هدف آهن۔ ان کان علاوه قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني به چيو آهي ته عرب ملڪن کي آمريڪي فوجي اڏن جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ آمريڪا ته انهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، تنهن ڪري اهي اڏا به بند ٿيڻ گهرجن۔ ايران بظاهر ڊگهي جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته اها جنگ صرف آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي دفاع تائين محدود رهندي يا عرب ملڪ به ان جو نشانو بڻجندا۔ آمريڪي حملا پاڻ ئي خطي ۾ عدم استحڪام جو سبب بڻجي رهيا آهن، پر جيڪڏهن عرب ملڪن تي ايراني حملا جاري رهيا ته جنگ جي شدت ۽ ان جا اثر انتهائي سنگين ٿي سگهن ٿا۔مجتبيٰٰ خامنه اي کي هاڻي هڪ طرف اسرائيلي حملن کان محفوظ رهڻو پوندو ۽ ٻئي طرف انتهاپسند پاسدارانِ انقلاب جي حمايت باوجود اهو به ثابت ڪرڻو پوندو ته ايران کي هن وقت دشمنن جو دائرو وڌيڪ وڌائڻ نه گهرجي۔