پ پ وارا حڪومت دوران ٻن ويلن جي ماني به کسي ويا: رياض چانڊيو

وارھ ( رپورٽ ،منظورقريشي) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران 17تاريخ تي  سکر واري احتجاجي مارچ جي سلسلي ۾ عوامي رابطه مهم تحت  وارھ  پهچي شهيد فاضل راھو چونڪ تي  جلسو عام ڪيو ويو،، جنهن کيرھبرڪاميٽي چيئرمين ، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ رياض علي چانڊيو پهنل جمالي،غفارميرجت ،ڊاڪٽردرياخان،  ٻي قيادت خطاب ڪيو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌين مهوريت نه ڏٺي آهي.زرداري مافيا سردارن ڀوتارن کي طاقتور ڪيو آ هي. اسان کان پٺ تي پيل ملڪ اڄ دنيا جي اسرندڙ ملڪ ثابت ٿي رھيا آھن.بنگلاديش اڀرندڙ طاقت آ،ملائيشيا جا ماڻهو چاليھ سالن ۾ مرندا ھيا،برٽش جي آزادي بعد ايشيا جو اڀرندڙ ٽائيگر آ، سعودي عرب معيشت کي مضبوط ڪري چڪي آھي ھتي بد بخت پ پ سنڌ جي معيشت برباد ڪري ڇڏي آھي ،مراد شاه نجي بئنڪن کان 30ارب وٺي اٽو مهانگو ڪري ٻن ويلن جي ماني به کسي ويا، ڌاري آبادڪاري ،وسيلن جي لٽمار، امن امان تباه ڪري ،قتل  غارت مڙھي وئي آھي اقليتن کي تحفظ ناھي  ، ملڪ جي عدالت انصاف نٿي ڏئي ،پارليامينٽ چور آهي. ھنن چيو  ته پنجابين جي پاڪستان  سنڌين کي لاش ڏنا آھن، سنڌ جي سمورين ڊويزن جي آدم شماري گهٽائي وئي آھي  سنڌي قوم کي بک،بدحالي ڏني وئي آھي ،قومي ڪارڪنن جو شهادتون جبر قومي تحريڪ مٿان مڙھيو ويو آھي . وسيلن سان مالا مال ،بلين ڊالر جي مالڪ سنڌي قوم کي بينظير انڪم نالي تي پنايو ويو ، سنڌي قوم کي ٻن ويلن جي ماني لاء محتاج بڻائي، قومي غلامي ورچاڙھي مردم شماري ذريعي اقليتي ۾ تنبديل ڪرڻ جون سازشون  ٿي رھيون آھن.75سالن کان سنڌ کي  لٽيندڙن مان ڪابه اميد نه رکو، اسين ڌرتي جا عاشق آھيون،جي ايم سيد جي تحريڪ پيروڪارن جو ڳلين ۾ خون وھايو پيو وڃي ،تنهن ھوندي به سيد جي سپاھين جو  ڪنڌ نه جهڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.