”سلمان جا ستارا زور آهن، ايشيا ڪپ پاڪستان جو آ“ ڀارتي نجومي جي اڳڪٿي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ايشيا ڪپ 2025 جي فائنل کان اڳ مشهور ڀارتي نجومي گرين اسٽون لوبو اڳڪٿي ڪئي آهي ته هن ڀيري ٽرافي ڀارت نه پر پاڪستان کٽيندو.
جيتوڻيڪ ڀارت ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست آهي ۽ پاڪستان کي ٻه ڀيرا هارائي ڏئي چڪو آهي، ان باوجود به لوبو جو چوڻ آهي ته اڄوڪي مقابلي لاءِ پاڪستان جا امڪان وڌيڪ روشن آهن.
لوبو موجب، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا جا ستارا هن وقت وڌيڪ سگهارا آهن ۽ ڀارت جي سوريا ڪمار يادَو ڀيٽ ۾ سندس پوزيشن بهتر نظر اچي رهي آهي.
لوبو ايشيا ڪپ کي هڪ ”ننڍي ٽورنامينٽ“ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙن مقابلي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور ٽيمون به غير امڪاني طور ڪامياب ٿي وينديون آهن.
سندس اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارت اِهو فائنل هارائي ٿو ته اهو ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ هڪ اشارو هوندو ته وڏن ايونٽن جهڙوڪ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بهتر تياري ڪئي وڃي.
پر لوبو ان اڳڪٿي کي حتمي قرار نه ڏنو ۽ اعتراف ڪيو ته ٻنهي ٽيمن وٽ کٽڻ جو موقعو موجود آهي، ڇو ته رانديگرن جي صحيح تاريخ پيدائش جو پتو نه هئڻ سبب هن اڳڪٿي ۾ ڪجهه غيريقيني برقرار اهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.