مظهر الحق صديقي: هڪ ٻهڳڻو تعليمدان

تحرير: پروفيسر اعجاز احمد قريشي

هي 1970ع جي ڏهاڪي جي آخري سال جي ڳالهه آهي، لڳ ڀڳ 1979ع جو سال هوندو. مان تڏهن مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي صاحب وٽ ڊائريڪٽر پلاننگ ايند ڊولپمينٽ هيس. يونيورسٽي جي اسڪيمن جي منظوري لاءِ اسلام آباد جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ وڃڻو پوندو هو. ڇو ته ان وقت يونيورسٽيون وفاق وٽ هيون ۽ ڊولپمينٽ فنڊنگ لاءِ وفاقي حڪومت ئي پئسا منظور ڪندي هئي. اهڙي ريت يونيورسٽين جون مختلف اسڪيمون پڻ وفاق حڪومت طرفان منظور ٿينديون هيون. سنڌ جي سڀني يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي بار بار اسلام آباد وڃڻو پوندو هو. اتي رهائش لاءِ مختلف جڳهيون هونديون هيون پر سنڌ جي آفيسرن جي رهائش لاءِ سنڌ هائوس ٺهيل هو جنهن ڪري آئون اڪثر ڪري سنڌ هائوس ۾ رهندو هوس.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مان سنڌ هائوس جي ڊرائنگ روم ۾  ويٺو هوس ۽ چانهه پئي پيتم ته منهنجي سامهون واري صوفي تي هڪ سهڻو ۽ قداور شخص جنهن جا اڳيان ڪجهه وار اڇا هئا ۽ بهترين ڊريس پاتل هئس اچي ويٺو ۽ چانهن جو آرڊر ڏنائين، مون کيس ڪونه سڃاتو ۽ نه ئي هن مون کي سڃاتو، ڇو ته اڳ ڪابه واقفيت نه هئي پر جڏهن هن ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ته مان پنهنجي سيٽ تان اٿي کيس جهڪي مليس ۽ پنهنجو تعارف ڪرايم. پاڻ انتهائي بهترين نموني سان اٿي مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين ته مان مظهر آهيان. مون تفصيل پڇي مانس ته ٻڌايائين مظهر الحق صديقي سيڪريٽري فنانس سنڌ گورنمينٽ. گڏ ويٺاسين سائين سان سٺي ڪچهري ٿي. سندس نالو ته ٻڌل هو ۽ اها به خبر هئي ته پاڻ اصل ۾ سيوهڻ جي سڪي لڌي شخصيت آهي. هو سي ايس ايس ڪري انڪم ٽيڪس جي کاتي ۾ ڪمشنر ٿيو پوءِ سندس شخصيت ۽ خدمتن کي ڏسي سنڌ حڪومت هن کي پاڻ ڏي کڻي آئي. مون کيس ٻڌايو ته مان به اصل سيوهڻ تعلقي جي ڳوٺ بختيارپور جو قريشي آهيان. تفصيلي ڪچهري کانپوءِ هڪ ٻئي کان موڪلايوسين پر مان سائين جي انتهائي سهڻي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيس. سندس ڳالهين مان محسوس ٿيو ته سائين کي نه صرف انتظامي معاملن جي ڄاڻ ۽ قابليت آهي پر سندس شخصيت ۾ هڪ انتهائي پڙهيل لکيل ۽ باصلاحيت انسان هجڻ جي  جهلڪ پڻ ڏسڻ  ۾ آئي.

ان ملاقات کان پوءِ ڪافي وقت گذري ويو پر ساڻس وري ملاقات نه ٿي سگهي.   ان دور ۾ مان سگا ۽ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي ۾ سرگرم هوس، جنهن ڪري سنڌ جي صورتحال تي سوچ ويچار، صلاح مشوري ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنهنجي سينيئر رهنمائن جهڙوڪ؛ محترم محمد ابراهيم جويو، سيد غلام مصطفي شاهه، سراج الحق ميمڻ، نذر ميمڻ، پروفيسر عمر ميمڻ، فضل الحق قاضي، غلام رباني آگرو، فضل الله قريشي، مهتاب راشدي، فهميده حسين ۽ ٻين سان رابطي ۾ رهندو هوس.

هڪڙي ڏينهن اوچتو محترم فضل الله قريشي (جيڪو تن ڏينهن ڪراچي ۾  سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ هو) جو فون آيو ته سڀاڻي رات جو مون وٽ هڪڙو اهم مهمان اچي رهيو آهي، چار پنج دوست سڏيا اٿم ۽ تون به حيدرآباد مان اچي ان گڏجاڻي ۾ شامل ٿي.  مان ٻئي ڏينهن منجهند جو ڪراچي پهتس، پوري اٺين وڳي فضل الله قريشي صاحب جي گهر ڪلفٽن پهتس. انهيءَ گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، نذر ميمڻ، فضل الله قريشي ۽ هڪ ٻه دوست شامل هئاسين.

پنج ڏهه منٽ بعد ڊاڪٽر سليمان شيخ، نذر ميمڻ ۽ هڪ ٻه ٻيا دوست اچي سهڙيا. ٿوري دير کانپوءِ هڪ قداور شخص جنهن جا اڳيان وار اڇا هئا، بلو شلوار قميص ۽ سينڊل پاتل اچي نڪتو، سڀ اٿي سائين سان قرب سان ملياسون، پاڻ به پيار، محبت ۽ پاٻوهه سان مليو ۽ سندس اچڻ کان اڳ ئي فضل الله صاحب اهو ٻڌايو ته هي آهي مظهر الحق صديقي صاحب جنهن کي اڄ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿن، اچو ته سائين سان ملاقات  ۽ ڪچهري ڪيون. جيئن ته سائين سان سڀني جي سٺي ملاقات هئي پر کيس اهو ياد نه هو ته مان سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد آهيان جيئن مٿي ذڪر ڪيم ته منهنجي ساڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي تڏهن مان مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ هوس.  فضل الله صاحب سڄي سنگت  جو تعارف ڪرايو، خاطر تواضح ڪئي ۽ اها گڏجاڻي 2 ڪلاڪ هلي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ سائين سنڌ يونيورسٽي ۾ اچي وي سي جي چارج ورتي. انهي وچ ۾ سنڌ جو هڪ صدورو انسان پروفيسر محمد الياس ابڙو جيڪو وي سي هو سو مظهر صاحب کي چارج ڏئي روانو ٿيو. مظهر صاحب هڪ تمام گهڻ پڙهيو ماڻهو هو. پاڻ انگريزي، سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. مان ان وقت، سنڌ يونيورسٽي جي اقتصاديات شعبي ۾ اسسٽنٽ/ايسوسيئيٽ پروفيسر هوس ۽ الياس ابڙي جي دور ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي ڪلاسن جو انچارج مقرر ٿيل هوس. مظهر صاحب اچڻ کانپوءِ يونيورسٽي جي هر شعبي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ کيس خبر پئي ته هتي، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جو شعبو هلي رهيو آهي ۽ شام جو يونيورسٽي جي پراڻي ڪئمپس جا ڪلاس هلن ٿا، جنهن جو انچارج اعجاز قريشي آهي ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ مون کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو ۽ ڪلاسن بابت بريفنگ لاءِ چيو ويو. مان ڏنل وقت تي بريفنگ تيار ڪري سندس آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پهتس جتي مظهر صاحب سان گڏ يونيورسٽي جو رجسٽرار ڊاڪٽر محمد بخش لاشاري، ٻيا استاد ۽ ڪيترائي آفيسر موجود هئا، مون ڪلاسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پوءِ ڪافي سوال جواب ٿيا. مظهر صاحب به سٺا سوال ڪيا ۽ منهنجي سڄي ڪارڪردگي مان مطمئن ٿيو ۽ مون کي اڳتي ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين. اهڙي طرح مان ڏهه سال ان شعبي جو انچارج رهيس ۽ روزانو شام جو چئين وڳي کان اٺين وڳي تائين اتي موجود هوندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن مظهر صاحب اچي ڪلاس چيڪ ڪندو هو ۽  ليڪچر ڏيندو هو.

 ڏٺو وڃي ته علامه آءِ آءِ قاضي، حسن علي عبدالرحمان ۽ سائين غلام مصطفى شاهه جي وائيس چانسلري وارن دورن کان پوءِ مظهر الحق صديقي صاحب جو دور پڻ هڪ سونهري دور هو، ڇاڪاڻ ته سائين مظهر صاحب اچڻ سان سنڌ يونيورسٽي جي انتظامي توڙي تدريسي معاملن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جون هاسٽلون ڏوهاري ۽ غير واسطيدار ماڻهن جي قبضي هيٺ هيون جنهن ڪري پڙهڻ لکڻ ۽ تعليم سان دلچسپي رکندڙ هوشيار شاگرد نهايت خوف جو شڪار هئا، جنهن ڪري يونيورسٽي جو تعليمي ماحول متاثر ٿي رهيو هو. مظهر صاحب ان سموري صورتحال کي چڱي طرح جاچي ورتو ۽ پوءِ نهايت همت ۽ جرئت سان اپاءَ وٺڻ شروع ڪيائين. هن پاڻ وڃي هاسٽلن جو معائنو ۽ دورو ڪيو. استادن، ملازمن ۽ شاگردن سان ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪيائين، صلاح مشوري کان پوءِ اهم فيصلا ڪيائين جنهن ۾ شاگردن لاءِ خوشگوار تعليمي ماحول مهيا ڪرڻ، ٻاهرين ماڻهن جي مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي کي چوڌاري ڀتيون ڏيارڻ خاص طور شامل هئا. ان وچ ۾ آڪٽوبر 1984ع ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه شاگردن جي شهيد ٿيڻ وارو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن کي درست رخ ۾ حل ڪرڻ لاءِ مظهر صاحب جون ڪوششون نهايت اهم هيون، ڇاڪاڻ ته  اهو ضياءَ مارشلا جو قهري دور هو، مظهر صاحب نهايت بهادري ۽ ڏاهپ سان انتظاميه تي دٻاءُ وڌو جنهن ڪري جلد ئي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ گرفتار ٿيل  بي گناهه شاگرد آزاد ٿيا.

جيئن مٿي ٻڌايم ته مظهر صاحب هڪ عالم پر گڏوگڏ  عملي انسان هو. اندر ۾ سچو، ڪوڙ کان پري،  ايماندار، محنتي، با اخلاق ۽ وقت کي سٺي نموني استعمال ڪندڙ شخص هو. صبح جو ساڍي اٺين کان نوَ جي وچ ۾ پهچندو هو ۽ شام جو ڇهين ستين تائين ڪم ڪندو هو. سندس ڪوشش هئي ته سنڌ يونيورسٽي کي مٿي کڻي اچي، ۽ اها ڪوشش ڪجي ته علامه آءِ آءِ قاضي جي رستي تي هلجي. هو علامه صاحب جو شاگرد هو. مظهر صاحب سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جو هڪ آئيڊيل تعليمي ادارو بنائڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. جيتوڻيڪ ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي وٽ فنڊ تمام گهٽ هئا، پر  مظهر صاحب جيئن ته وفاقي حڪومت ۾ رهيو هو انهيءَ ڪري هن وفاقي حڪومت مان سنڌ يونيورسٽي لاءِ گهڻو  فنڊ ورتو ۽ ساڳي ريت سنڌ گورنمينٽ کان به چڱي رقم ورتي.

مظهر صاحب ٽي دفعا سنڌ يونيوسٽي جو وائيس چانسلر رهيو ۽ کيس چوٿون دفعو به ڏنو ويو پر هن قبول نه ڪيو. انهن ٻارنهن سالن ۾ هن حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي ته يونيورسٽي کي سڌارجي ۽ هن مٿي ڄاڻايل شخصيتن  علامه آءِ آءِ قاضي، سيد غلام مصطفى شاهه جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي.

مظهر صاحب جي هڪ خاص خوبي اها هئي ته هو هر هفتي مختلف شعبن جو معائنو ڪندو هو. پاڻ وڃي هر شئي ڏسندو هو، استادن توڙي شاگردن جا مسئلا ترت حل ڪندو هو. مان شروع ۾  اقتصاديات شعبي ۾ استاد ٿيس ۽ پوءِ اڳتي هلي  منهنجي دل ۾ اقتصاديات شعبي کي وسيع ڪرڻ ۽ جديد طريقن سان اڳتي وٺي وڃڻ جو خيال آيو. مون سوچيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ جديد طرز تي  اقتصاديات جو هڪ مرڪز قائم ڪجي، جنهن تحت تحقيق ڪجي ۽ سنڌ جي لاءِ ترقي جا نوان رستا  ۽ راهون ڳولهجن. مون اقتصاديات جي هيڊ پروفيسر مرحوم غلام حسين خاصخيلي ۽ ٻين استادن سان مشورو ڪري هڪ رٿا ٺاهي پر گهڻن ان جي مخالفت ڪئي ۽ پهرين ته مرحوم الياس ابڙي به مخالفت ڪئي. سندس وڃڻ کانپوءِ مون هڪ رٿا ٺاهي ڪجهه نوجوان استادن کي گڏ ڪري مظهر صاحب وٽ ويس. رٿا کي ڏسي هو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ ان کي هڪدم منظور ڪيائين ۽ چيائين ته سڀاڻي اڪانامڪس شعبي ۾  استادن سان گڏجاڻي رکو جنهن ۾ مان هن رٿا جو مقصد ٻڌائيندس. ٻئي ڏينهن پاڻ آيو ۽ ٻه ڪلاڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سڀ استاد موجود هئا. اداري جي باقاعدي منظوري ڏني وئي، جنهن جو  نالو سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊي سينٽر رکيو ويو. ان جا پئسا به منظور ڪندي، فرنيچر، آفيس اي.سي ۽ ريسرچ لاءِ هڪ گاڏي به مظهر صاحب منظور ڪئي ۽ منهنجي ڊائريڪٽر طور آرڊر ڪيائين پر مون انڪار ڪندي چيو ته سينيئر موجود آهن توهان محترم غلام حسين خاصخيلي کي مقرر ڪريو جيڪو ان وقت پروفيسر هو، جيڪا ڳالهه هن قبولي. مون کي وري ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيائين. ان کانسواءِ ڊاڪٽر اقبال پنهور کي ايڊيشنل ڊائريڪٽري (ٽو) مقرر ڪيائين.

منهنجو مظهر الحق صديقي صاحب سان يونيورسٽي واري دور کان پوءِ به سندس وفات وارين گهڙين تائين تمام سٺو تعلق رهيو. اها سندس شفقت ۽ محبت هئي جو اڪثر فون ڪري مختلف معاملن ۾ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ مونکي سڏيندو هو. سندس آتم ڪٿا ”ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي” جي لکڻ کان وٺي ڇپائڻ تائين هر ڪم مظهر صاحب منهنجي حوالي ڪيو. مظهر صاحب هڪ فرض شناس انسان هو، جنهن ڪري هن نوڪري جي حوالي سان جنهن به شعبي ۾ رهيو اتي نهايت ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪيائين. ساڻس گڏ جنهن به ڪم ڪيو اهو کيس اڄ به سٺن لفظن سان ياد ڪري ٿو ۽ کيس دعائون ڏئي ٿو. مظهر صاحب سنڌ جي انهن ڪجهه ماڻهن مان هڪ هو جن جي شخصيت، ڪردار ۽ جدوجهد کي مثال بڻائي ۽ سندن نقش قدم تي هلي اسين اڄوڪي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪيون ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ ترقي جي منزلن تي پهچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.