ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان گورنر سنڌ جي تبديلي بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايم ڪيو ايم ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته کين سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو پتو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته وفاق طرفان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ان فيصلي بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي حڪومت جي فيصلي تي جلد پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪندي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت ڪامران ٽيسوري کي هٽائي سندس جاءِ تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمري منظوري لاءِ صدر پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.