ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته اسانجي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ موتن جي شرح ڪهڙي ڪارڻ وڌي رهي آهي۔ گهرن جا گهر ڪيئن نه پيا تباهه برباد ٿين. ٻار پنهنجي والدين کان ۽ والدين پنهنجي قيمتي ٻارڙن کان ڪيئن نه پيا الڳ ٿين ۽ انهن جو آخر ڪير ذميوار آهي۔سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسانجي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ ماڻهو جي عمر گهٽ ۽ موت جي شرح وڌيڪ آهي جو هاڻ قبرستانن ۾ به مردي دفنائڻ واري گنجائش ناهي رهي۔جيڪڏهن ڪو به ذميوار آهي ته اهو ذميواري ڇو نٿو قبول ڪري۔
حقيقت اها آهي ته ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ وڌندڙ موتن جا ذميوار سنڌ سرڪار انجو صحت کاتو ڪاروباري ڊاڪٽر دوا ساز ڪمپنيون ميڊيڪل اسٽورن جا مالڪ ڊرگ انسپيڪٽرز لئبارٽريون ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ آهن جيڪي سزا و جزا کان آجا آهن ۔سندن ڪرتوتن جي سزا عام ماڻهو ڀوڳي ٿو. امير ۽ پئسي وارا ته پرڏيهه به وڃي پنهنجو علاج ڪرائي ٿا اچن۔جن وٽ اقتدار ۽ پئسو هجي تن کي ڪهڙي پرواهه غريبن ۽ عام ماڻهو جي جيڪي ويلو کائين ته ويلو بکئي پيٽ سمهي پون۔
سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر پاڙن ۾ ڪلينڪس جي کنڀي جيان واڌ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جتي سرڪاري ڊاڪٽر اسپتالون ڇڏي اچي ويهن ٿا ۽ مريضن کي ڏسن ٿا جيڪو سٺو ڪم آهي جو مهانگائي جي هن دور ۾ عام ماڻهو ڀاڙا ڀري وڃي علاج ڪرائي نٿو سگهي پر هڪ ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي آهي ته سيکڙاٽ ڪمپائونڊر به ڪلينڪس هلائين ٿا ۽ گهڻو ڪري سنڌ ۾ قائم لکين ڪلينڪس ته حڪومت وٽ رجسٽر ٿيل ئي ناهن جيڪي قانوني طور رجسٽر ٿيڻ گهرجن پر اهي انهي ڪري رجسٽر نٿيون ٿين جو سرڪاري پگهاردار ڊاڪٽر ڪلينڪس هلائين ٿا جيڪي ڪلينڪس جو رڪارڊ نه رکڻ ڪري هر سال اربين رپين جو ٽئڪس هڙپ ڪري ملڪ کي مقروض بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪن ٿا۔
سڀ ڪلينڪس سرڪاري ڊاڪٽرز جون به نه هونديون نجي ڊاڪٽرز جون به هونديون جيڪي بيروزگار آهن پر اهي به ڪلينس به رجسٽرڊ ناهن پر بيروزگار ڊاڪٽرز جي ڪلينڪس تي عام مريض مطئمن نظر ايندو جو اهو في گهٽ وڌي ٿو۔ جيڪڏهن نجي ڪلينڪس رجسٽرڊ هونديون ته انهن جو معيار به هوندو جو گهٽ ۾ گهٽ ڪلينڪس ۾ مريضن جي چڪاس جا اوزار ۽ ٻيون سهولتون موجود هونديون جن ۾ ايمرجنسي علاج ٿي سگهندو۔ هن وقت ڪلينڪس ۾ علاج بهاني مريضن جي کل لاٿي وڃي ٿي ۔ڪلينڪس تي ڪم ڪندڙ پئراميڊيڪل عملو به گهڻو ڪري سرڪار اسپتالن جو هوندو آهي پر نجي عملي کي ليبر قانونن تحت پگهارون گهٽ ملن ٿيون جنهنڪري ڪافي هنڌن تي اهي به مريضن سان ٻه هٿ ڪيو وڃن۔ ڄاڻو عملو گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙين ڪلينڪس جو آله ڪار نٿو بڻجي جنهنڪري غيرتجربيڪار عملو وڌيڪ نظر ايندو۔
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر نجي ڪلينڪس لاءِ معيار مقرر هئڻ گهرجي جيڪا به ڪلينڪ ڪير کولي ته انجي اجازت جو مجاز اٿارٽي صحت کاتي جو سيڪريٽري يا ڊائريڪٽر جنرل صحت هجي۔ڪلينڪ مريضن جي پهچ اندر هجي جنهن ۾ مرد خواتين مريضن جي ويهڻ لاءِ الڳ ڪمرا هجن۔هڪ ايمرجنسي روم هجي ۽ ڊاڪٽر لاءِ الڳ ڪمرو هجي جتي بجلي پاڻي ۽ ٽوئليٽ هجي۔سرجن ۽ فزيشن ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽرن لاءِ به ساڳيو معيار هئڻ گهرجي جن جا ڪنسلٽننگ سينٽر ڪشادن هنڌن تي هجن جتي مريضن جون گاڏيون سولائي سان پارڪ ٿي سگهن۔ڊاڪٽرس لائينز حيدرآباد وارو منظر نه هجڻ گهرجي۔ايمرجنسي مريضن کي اوليت هجڻ گهرجي اڳواٽ وقت وٺڻ وارو شرط نه هجڻ گهرجي۔
نجي ڪلينس جا ميڊيڪل اسٽور به گهڻو ڪري ڊاڪٽرن جا پنهنجا يا سندن ڪنهن اڻڄاڻ عزيز دوست جا سي به سندن ڪلينڪس جي در ڀرسان هوندا آهن ۽ جيڪا دوا ڊاڪٽر لکندو سا ٻئي اسٽور تي ملي نه سگهندي ۽ گهڻو ڪري اهي غير معياري وري مهانگيون به هونديون مريض مجبور رهندو ته دوا اتان ئي وٺي ڀلي پوءِ ڇو نه مري۔
جنهن به ڪلينڪ تي ويندا ته مريض گهٽ دواساز ڪمپنين جا نمائندا وڌيڪ نظر ايندا وري ڊاڪٽر پهريان تن سان ملندو مريض کي پوءِ ڏسندو سبب واضح ۽ عام آهن۔ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ڊاڪٽرن ۽ ڪلينڪس جي ورڪنگ اوورس ۾ ميڊيڪل ريپريزينٽيٽوز جي آمد ممنوع هجي۔ٻيو ته ڊاڪٽر ڪنهن به مرض جي تشخيص ڪرڻ لاءِ غير ضروري مهانگيون رپورٽون ڪرائي منپسند لئبارٽرين جا آله ڪار بڻجن ٿا جو انهن جي ڪميشن مقرر هوندي آهي۔هن طريقيڪار جي حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي۔هن وقت گهٽي گهٽي لىبارٽريون قائم ٿيل آهن جن وٽ ٽيڪنيشن ۽ ماهر ڊاڪٽر نه هئڻ جي برابر آهن جنهنڪري ڳريون حساس ٽيسٽن ۽ انهن جون رپورٽون شڪي هونديون آهن جن جي آڌار تي ٿيندڙ علاج به مريضن کي قبرستان موڪليو ڇڏي ۽ سندن اجايا خرچ به ٿين۔اهڙين لئبارٽرين جي به حوصلي شڪني ٿيڻ گهرجي ۽ اتي ڪم ڪندڙ ٽيڪنيشنز جي تعليم تجربي سرٽيفڪيٽن جي جاچ ٿيڻ گهرجي۔رت جون لئبارٽريون ته وڏي اهميت واريون آهن انهن جي ٿوري به غلط رپورٽ مريض لاءِ خطري کان گهٽ ناهي جن جي بنياد تي علاج ٿئي ٿو۔ڊاڪٽرن کي انسايت جو احساس هجڻ گهرجي پئسي جو نه۔
انساني بچاءُ وارين دوائن جو معيار به اهو ناهي رهيو جيڪو اڌ صدي اڳ هو۔هن وقت پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ دواساز ڪارخانا ڪمپنيون کنڀي جيان وڌي چڪيون آهن جنهنڪري دوائن جو معيار اهو ناهي رهيو ٻه نمبر غيرمعياري دوائون وڪرو ٿين ٿيون ڊرگ انسپيڪٽرز خاموش تماشائي ويٺل آهن۔صحت کاتو ۽ ٻي سرڪاري مشينري به خاموش هجڻ ڪري غيرمعياري دوائن جو سو به وڏي اگهه تي وڪرو رڪجي ناهي سگهيو۔ڊاڪٽر به غيرمعياري دوائون لکي ڏين ٿا جو سندن گهر جو خرچ اتان ٿو نڪري۔سنڌ ۾ موتن جي وڌندڙ شرح جو وڏو سبب به غيرمعياري دائون آهن۔سنڌ ۾ ٽن ڏهاڪن کان صحت واري وزارت ڪمزور ۽ سگهارن ماڻهن وٽ رهڻ ڪري به علاج جو معيار ڪريل رهيو۔البته اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن جي قيام سان عام مريض کي ڪافي ڪجهه رليف مليو ۽ محسوس ڪيو ويو جيڪو سنڌ حڪومت جو ساراهه جوڳو عمل هو ۽ آهي۔جڏهن ايترو ڪجهه ڪيو ويو ته باقي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جو معيار ڪريل ڇو آهي۔سبب تلاش ڪرڻا پوندا قدم کڻڻا پوندا۔
ايمبولينس مافيا: سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري اسپتالن توڙي خانگي اسپتالن ۾ ايمبولينس گاڏين جو وڏو مسئلو آهي جيڪو ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي۔ضرورت وقت سرڪاري اسپتالن جون ايمبولينس گاڏيون مريضن کي نٿيون ملن ۽ انهن جي خراب هجڻ جو عذر ڏنو وڃي ٿو يا وري سفارش هجي تيستائين مريض پوين پساهن ۾ هليو وڃي ٿو۔جيڪڏهن ملي به وڃي ته ڊرائيور پنهنجي پسند مطابق چارج ڪن۔خانگي ايمبولينس گهڻو ڪري سماجي تنظيمن جون آهن جيڪا به مافيا جي صورت ۾ آهن۔حيدرآباد دادو ميت ڇڏڻ يا مريض پچائڻ جا ويهن کان ٽيهه هزار رپيا وصول ڪن يا وري جتي ڌڪ لڳي۔سماجي ڀلائي واري کاتي يا صحت کاتي جا ڪامورا به هن ڪاروبار جي مافيا سان ڀاڱي ڀائيوار لڳن ٿا جو مافيا خلاف شڪايتن جو نوٽيس نٿا وٺن۔ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو ايمبولينس گاڏين جي چارج گاڏين جي نوعيت موجب ڪلوميٽر جي حساب سان مقرر ٿيڻ گهرجي جو هر ضرورتمند خرچ برداشت ڪري سگهي۔گهڻا ڊرائيور ميت وارن کان به خرچي ۽ رستي جو خرچ گهرندا آهن جنهن طريقي جي به حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي۔
نجي اسپتالون۔ سرڪاري اسپتالون ته پنهنجي جاءِ تي پر نجي خيراتي اسپتالن جو به معيار اهو ناهي رهيو ڀلي کڻي مريض اتي لکين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري۔غريب ۽ عام ماڻهو جي اتي پهچ مشڪل آهي پر غلطي سان اتي پهچي به وڃي ته انجو لاش پئسن جي ادائيگي تائين پيو سڪندو سڙندو۔نجي خيراتي اسپتال ۾ مريض کي هروڀرو آءِ سي يو ۾ ڏينهن جا ڏينهن رکڻ وارو ڊرامو رچائڻ جو سلسلو ڏسڻ وٽان ملندو۔خيراتي اسپتالن ۾ صرف انڊس يا ڪا ٻي هڪ اڌ اسپتال ڏسڻ وٽان ملندي جتي مريض جو پئسو به خرچ نٿو ٿئي باقي زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي.
سنڌ ۾ انڊس ۽ اين آءِ سي وي ڊي جهڙن اسپتالن جي سخت ضرورت آهي۔هر سال حڪومت اربين رپيا زڪوات جي صورت ۾ وصول ڪري ٿي جيڪا رقم مفت علاج وارين اسپتالن جي قيام لاءِ خرچ ڪئي وڃي۔واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچن جو!