سنڌي پرڏيهه ۾ به پنهنجي وطن کي ياد ڪندا آهن:اياز پليجو

حيدرآباد/برسبين(پ ر) آسٽريليا جي شهر برسبين ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو نارا پارڪ جاپان مان ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ماڻھو اھي آهن جيڪي جنهن وطن ۾ ويندا آهن اتي پنهنجي وطن سنڌ کي به ياد ڪندا آهن ۽ ان وطن جا به وفادار ۽ ان جا گھڻگھرا ھوندا آھن جتي ھو وڃن ٿا. سنڌي اھي نه آهن جتي وڃن اجھو، روزگار ۽ علم ملي ان ملڪ جي ان وطن جي گلا ڪن ۽ انهن جي ماڻهن کي گهٽ سمجھن. انھن کي متروڪا چئي بي عزت ڪن ۽ انهن کي چون ته ھي اسان جو ملڪ ڪونهي، جنهن ڪري آئون چاهيان ٿو ته آسٽريليا ۾ سنڌي ھجن، جاپان، آمريڪا، ڪيناڊا جتي به ھجن، اھي پنهنجي سنڌ سان پيار برقرار رکندي ان ملڪ جنهن ۾ رھن ٿا انهن سان پيار ڪن. آئون توهان مان اميد ٿو ڪريان توھان آسٽريليا جي قانون جو، اتان جي عوام جو ۽ آسٽريليا جي ڪلچر جو، اتي ريتن رسمن جو ائين احترام ڪندا جيئن سنڌ جو ۽ پاڪستان ۾ رھندڙ ماڻهن جو ڪيو ٿا، هن چيو ته آسٽريليا جي ماڻهن جي ذريعي آئون سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن کي آسٽريليا جي آدمشماري 2 ڪروڙ 60 لک جي ويجھو آهي ۽ پاڪستان جي آدمشماري 25 ڪروڙ آهي يعني سڄي پاڪستان جي آدمشماري آسٽريليا کان ڏھوڻي آهي پر آسٽريليا جي جيڪا سائيز آهي تقريبن 9 ملين ڪلوميٽرز اسڪوائر آهي ۽ پاڪستان سڄي جي سائيز تقريبن 8 لک 80 ھزار اسڪوائر ڪلوميٽر يعني آسٽريليا آبادي ۾ پاڪستان جو ڏوھون حصو آهي پاڪستان ان کان ڏوھڻ تي وڌيڪ آهي ۽ سائيز ۾ آسٽريليا پاڪستان کان ڏوھڻ تي وڏو آهي ايڏي وڏي ملڪ ۾ جيڪي سھولتون آهن علم، سائنس ۽ ترقي جون انھن جو اڃان پاڻ صحيح فائدو نه ورتو آهي. ھن وقت به آسٽريليا ۾ تقريبن ھڪ لک ويھ ھزار پاڪستاني آھن انھن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ٻئي پاسي رڳو ڀارت جا تقريبن ھڪ ملين ماڻهو رھن ٿا آسٽريليا ۾ 26 ملين ماڻهن ۾ تنھن جي ڪري توهان ھتي ثقافتي ڏينهن ملهايو آهي. برسبين جي دوستن کي مبارڪ باد ٿو ڏيان. توهان کي شاباس هجي. توھان پرڏيھ ۾ رھي پنهنجي علم، روزگار سان گڏ پنهنجي وطن کي پنهنجي سنڌ کي ياد ٿا ڪريو. سنڌ اسان جي ست ھزار سالن کان مٿي جي تھذيب آھي. اسين امن، پيار جي ڌرتي آھيون. اياز لطيف پليجي چيو ته پنھنجي ثقافت ۽ ريتن رسمن ۾ ڪي ڳالهيون ھنيون، ھاڻي پاڻ کي ختم ڪرڻ کپن پاڻ ھڪڙو لفظ چوندا آھيون اسين مھمان نواز آھيون، مھمان نوازي انھن لاءِ اسان وٽ ڪجھ ڏينھن لاءِ اچن، اسان جي قدرن، ثقافتن جو خيال ڪن انهن لاءِ اکيون ٿڌيون، اڱڻ ڪشادا، دل ۾ جايون پر جيڪي ھتي اچي پوءِ رھي پون سنڌ ۾ ۽ غير قانوني طور رھي پون. غيرقانوني ماڻهن کي نه جاپان ٿو قبول ڪري، آمريڪا، سعودي عرب، آسٽريليا ۽ يورپ سمورا غيرقانوني طور رھندڙ ڌاريان سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ پاڻ گڏجي جدوجهد ڪنداسين ۽ اھا مھمان نوازي صدين جي اسان مھمان نواز آهيون اھا ختم ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته اسين نماڻا آيون، اسين سٻاجھا سنڌي آھيون. ڪلچر ۾ چوندا آهن نماڻي نياڻي نماڻي نياڻيون نه کپن. ھاڻي نياڻي اھا کپي جيڪا فائيٽر ھجي، جيڪا مقابلو ڪري ۽ نماڻو ڇوڪرو نه کپي، سٻاجھڙو، صدرو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ ستو پيو آهي اھو نه کپي. نماڻو ماءُ جي ھنج ۾ ويٺل ٻچڙو ڪونه کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.