سنڌين کي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي\زين شاهه

ڪراچي (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ پنهنجي بيان چيو آهي ته ڪراچيءَجي شاهراه فيصل تي پرامن ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندڙ نوجوانن مٿان شيلنگ ۽ بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي پنهنجي ئي وطن ۾ پنهنجو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، ياد رهي ته پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي ذريعي سنڌ مٿان 18 سالن کان قابض آهي انهي جماعت ڪراچيءَ ۾ پرامن ثقافتي ريلي جي مٿان تشدد، شيلنگ، گرفتاريون ۽ هٿ ٺوڪيو واقعو ڪري سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سنڌ واسين جي دل آزاري آھي، سيد زين شاھ چيو ته هن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسان سمجهون ٿا ته موجوده پيپلزپارٽي سرڪار جيڪا هن وقت جنهن انداز سان حڪمراني ڪري رهي آهي اها طاقت، بندوق ۽ تشدد جي ذريعي سنڌ مٿان راڄ ڪرڻ چاهي ٿي، سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سمجهڻو پوندو ته جيڪي حڪمران اسان کي اسان جي ئي وطن ۾ ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سنڌ جا گيت ڳائڻ تي تشدد ڪن ٿا انهن حڪمرانن کي هاڻي اخلاقي جواز ناهي ته هو سنڌ مٿان حڪومت ڪن، هن واقعي تي سڄي سنڌ ڏکويل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.