ڪراچي( پ ر )جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاهه ڀاڏائي، غفارميرجت، پنھل جمالي، رمضان ماڇي اياز سولنگي، ڪمال مھر ثقافت ڏھاڙي جي موقعي تي سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ ڪيل بربريت ۽ شاھراھ فيصل بند ڪري ثقافتي ريلي جي رستا روڪ ڪرڻ ان مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ مٿان اڻ اعلانيل مارشلا مڙهيل آهي ته سنڌي پنهنجي ڪلچر جي پرچار نه ڪن وسيلن جي وارثي جي ڳالھ نه ڪن حڪمرانن جي ظلم خلاف نه ڳالهائين، هنن چيو ته سنڌ بدترين غلامي واري دور مان گذري رهي آهي سنڌي ماڻهو ڏسن ته پيپلزپارٽي جي 18 سالن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جا معدني وسيلا تيل گيس ڪوئلو درياهه ڦريو ويو زمينن تي والاري جاري آهي سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ٿينديون رهن ٿيون جن کي سنڌين جي ايڪي ۽ ٻڌي ذريعي روڪي سگهجي ٿو