ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته جمهوريت جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ضروري آهي ته فردن بدران ادارن کي مضبوط ڪيو وڃي، آئيني ترميمن ۾ جلد بازي ملڪ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي، مصنوعي قيادت ۽ هائبرڊ نظام نه، پر حقيقي جمهوريت ۽ مخلص قيادت ئي ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌي ثقافت امن، محبت ۽ رواداري جي امين آهي، اوطاق ۽ مهمان نوازي واري ڪلچر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا شاه ڀٽائي جي سرزمين سنڌ جي سونهن ۽ سڃاڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي نظم جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاهور ۾ ٿيندڙ اجتماع، تنظيمي مامرن سميت سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان جي مالياتي ڍانچي ۾ اين ايف سي ايوارڊ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، 18هين ترميم هن ايوارڊ جي اندر صوبن جي حصي کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو، جنهن سان وفاق جي صوابديدي اختيارن تي بندش لڳي، پر افسوس جو وفاق اھو چاھي ٿو ته ان تحفظ کي ختم ڪري، صوبن جو حصو گھٽايو وڃي. 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جون ڪوششون رڳو آئيني انحراف، پر صوبائي حقن تي سڌو حملو آهن. صحت، سماجي تحفظ ۽ ٻين بنيادي معاملن ۾ صوبن کي مڪمل انتظامي ۽ مالي خودمختياري ڏيڻ بجاءِ، وفاقي سطح تي متبادل کاتا جوڙڻ آئيني روح جي خلاف ورزي آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪرڻ جي اجازت هرگز ڪونه ڏيندي، 17 سالن کان صوبي ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل پ پ سرڪار اقتدار عيوض سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪارونجهر جي ڪٽائي، سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي، ڪوئلي، گئس ۽ پيٽرول سميت قدرتي وسيلن جي ڀيل ۽ مقتدر قوتن جي حوالي ڪري عوام کي بُک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو شڪار ڪيو آهي. ڪرپٽ ۽ سنڌ دشمن قوتن کان نجات لاءِ هاڻي سنڌ جي عوام کي ديانتدار قيادت جي چونڊ ڪري پنهنجي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ ڪرڻو پوندو.