ڪراچي(رپورٽر)وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه يومِ ثقافت جي موقعي تي دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن سنڌ جي سڃاڻپ، تهذيبي تسلسل ۽ گڏيل يڪجهتي جو ڏينهن آهي، اڄ هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر گهٽي اجرڪ، ٽوپي ۽ ثقافتي رنگن سان روشن آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت صدين کان قائم عظيم تهذيب ۽ صوفيانه روايتن جو خوبصورت اظهار آهي، جيڪا انسانيت، محبت ۽ برداشـت جو پيغام ڏئي ٿي،