اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) صحافي ۽ تجزئي نگار ابصار عالم عطا تارڙ تي الزام هنيو آهي ته هن رات جو دير سان کيس ڌمڪين وارو پيغام موڪليو. پيغام ۾ ابصار عالم جو نالو وٺي اهو اشارو ڏنو ويو ته سول ملٽري ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رياست خلاف بيانيو ٺاهڻ، ادارن خلاف بيان ڏيڻ ۽ ان کي اظهار جي آزادي جي اوٽ ڏيڻ سخت ڪارروائي جوڳو آهي. ابصار عالم پنهنجي ولاگ ۾ چيو ته اهڙي صورتحال ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ پيدا ٿي آهي، ظاهر آهي هي بيانيي جي جنگ آهي. وفاقي وزير ان کي ذاتي معاملو بڻائي رهيو آهي، ڇا مون کي پنهنجي راءِ ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي؟ اوهان کي خراب ڇو لڳي ٿو؟ اوهان جي ترجيح مون جهڙن ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ آهي؟ جيڪڏهن ڪارروائي ڪرڻي آهي ته طاقت ۽ عدالتون اوهان وٽ آهن، مان پنهنجي راءِ ڏيڻ بند نه ڪندس. هن چيو ته سول ۽ ملٽري وچ ۾ اختلاف راءِ ٿي سگهي ٿي، اها غلط فهمي پيدا ڪرڻ ته ٻئي هڪ ٻئي خلاف آهن، اهو درست ناهي. هن ملڪ کي قيد خانو نه بڻايو وڃي، اوهان رڳو ڌمڪيون ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهو، جهيڙي کان پوئتي نه هٽندس. اوهان اربين رپين جي سوشل ميڊيا ٽيم ٺاهي آهي پر پي ٽي آءِ جي بيانيي جي مقابلي ۾ اوهان ڪو جواب سامهون نٿو اچي. اوهان ان معاملي ۾ ڪٿي آهيو؟ اوهان پيڪا ايڪٽ ٺاهيو آهي، مون تي ڪيس ڪريو، وڌيڪ سچ به سامهون اچي ويندو. اوهان کي سمجهڻو پوندو ته 25 ڪروڙ مان 24 ڪروڙ 90 لک سول سائيڊ آهن.