لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي پنجاب حڪومت جي مبينا مڪاني قانون خلاف پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاهور، فيصل آباد، وهاڙي، مظفر ڳڙهه، چنوٺ، بهاول نگر ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريليون ۽ جلسا ٿيا، جن ۾ جماعت اسلامي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، لاهور جي مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال سڄي قوم جي سامهون آهي، 78 ورهين کان عوام پريشاني جو شڪار آهي، پاڪستان ۾ نه صرف معاشي پر سياسي ماڊل به ناڪام ٿي چڪو آهي، حڪمران عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، هي حڪومت فارم 47 ذريعي آئي آهي، جتي چند اشرافيه وارن سڄي نظام تي قبضو ڪيو آهي، پنجاب جو بلدياتي ايڪٽ ڪارو قانون آهي. جيڪي چون ٿا ته ووٽ کي عزت ڏيو، انهن فيصلو ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل جو سربراهه به عوام جي ووٽ سان نه ايندو، اهو قانون سمورا اختيار بيوروڪريسي ۽ صوبائي حڪومت جي هٿ ۾ ڏئي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن آرڊيننس ذريعي بلدياتي ادارن تي قبضو ڪيو، جيڪو قبول نه ڪيو ويندو.