ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار جي خاندان ۽ هندو ڪميونٽي تي ٻڌل وفد شيما ڪرماڻي سان گڏ وفد جي صورت ۾ سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي پوليس سنڌ رفعت مختار پڻ موجود هو. سنڌ جي گهرو وزير وفد کي يقين ڏياريو ته يرغمال ساگر ڪمال کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ۽ يرغمالي جي بازيابي اسان جي پهرين ترجيح آهي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته جوابدارن خلاف پيشيوراڻي صلاحيتن موجب قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڌرڻو هڻي ويهي رهڻ مسئلي جو حل ناهي. پوليس سان تعاون ڪريو ۽ پوليس تي اعتماد رکو، ان موقعي تي مغوي ساگر ڪمال جي امڙ ۽ ٻين چيو ته اڳ ۾ به خاطريون ڪرايون ويون پر مغوي واپس نه ڪرايا ويا آهن. يرغمالين جي حياتين کي خطرو آهي. تڪڙا قدم کڻي انهن کي آزاد ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڪراچي ٽي تلوار وٽ لڳل ڌڻي کانپوءِ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن ۽ مغوين جي وارثن جي نگراني گهرو وزر ۽ آءِ سنڌ سان ملاقات ٿي هئي.
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداريءَ سکر ۾ صحافي شهيد جان مهر جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. سندس چوڻ هو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾بيهاريو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاريلن وٽ پهچي ويا آهن، اهي هٿيار افغانستان مان پاڪستان ۾ ڪيئن پهتا؟
هوڏانهن ڪشمور ۾ اڳوڻي ڪشمور ضلعي جي ناظم سردار سليم جان مزاري مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي جي لاءِ راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. مختلف برادرين جي سوين ماڻهن جن ۾ مزاري ۽ ٻين برادرين جا ماڻهو شامل هئا، هٿياربند وٺي گيهلپور ڪچي پهتو ڪچي جي مختلف چڱن مڙسن سان يرغمالين جي بازيابي لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن. اخباري رپورٽون آهن ته ڪچي واسين پاران مغوي ساگر ڪمار سميت مغوين جي بازيابي لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اميد ڏيکاري پئي وڃي ته ٻن ڏينهن اندر ساگر ڪمار جي بازياب ٿيڻ جا امڪان آهن.
ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ٽي تلوار وٽ ڏنل ڌرڻي کانپوءِ سنڌ جي نگران گهرو وزير پاران سردار سليم جان مزاري کي ٻن ڏينهن اندر يرغمالي بازياب ڪرائڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو هو. سردار سليم جان مزاري پنهنجي برادري سميت ٻين برادرين جي سوين ماڻهن جو مزاري هائوس ڪشمور ۾ ڪٺ گهاريو هو. جتان سوين ماڻهن ڪارين ويگنن ۽ موٽر سائيڪلن تي هٿياربند ٿي ڪچي جي گيهلپور واري علائقي ڏانهن روانا ٿيا هئا اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي هئي.
گذريل ڪافي عرصي کان وٺي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعن جو امن تباهه آهي. ڌاڙيلن جا ٽولا انهن ضلعن جي مختلف علائقن ۾ سرگرم آهن. ڀنگ لاءِ ماڻهن جي اغوا کان وٺي، گاڏين، چوپائي مال ۽ موٽر سائيڪل جي چورين ۽ ڦرن جو سلسلو عروج تي آهي. ماڻهن جي جان مال بلڪل به محفوظ ناهي، سج لهڻ کان پوءِ روڊن رستن تي لاقانونيت جو رقص آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر ماڻهو گهرن اندر به محفوظ ناهن. خوف ۽ هراس جو اهڙو ماحول جڙيل آهي. جو ماڻهن کي پنهنجي پاڇي کان به ڀئُه پيو ٿئي.
لاقانونيت ايتري جو ڌاڙيلن آئي ڏينهن مختلف ماڻهن کان فونون ڪري رقم پهچائڻ ۽ ڀتا وصول ڪرڻ شروع ڪيا ايتري تائين جو مختلف ڌاڙيلن جا سوشل ميڊيا تي اڪائونٽ ٺهي ويا آهن. جيڪي پنهنجون سرگرميون اپلوڊ ڪن ٿا. جن ۾ اغواٿيل ماڻهن تي تشدد، پوليس کي ڌمڪين ۽ خوف پکيڙڻ جون ويڊيو شامل آهن.
ڪشمور ضلعي کان ويجهو ئي بلوچستان جون حدون ۽ گهوٽڪي ضلعي کان پنجاب جو بارڊر آهي جڏهن ته اهي علائقا ڌاڙيلن جو محفوظ پناهه گاهون بڻيل آهن. عوام مجبور ٿي ڪشمور دنگ تي ڪيئي ڏينهن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن جي سڏ کي سنڌ جي عوام ورنايو ۽ سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ۽ مغوين جي وارثن سان يڪجهتي طور مک شاهراهن تي عوام ڌرڻا هڻي حڪومت کي ڌاڙيلن خلاف پوليس آپريشن ڪرڻ ۽ مغوي آزاد ڪرائڻ لاءِ مطالبا ڪيا جنهن جي موٽ ۾ ڪجهه مغوي پڻ آزاد ٿيا.
بدامني، ڦرلٽ، ڌاڙن، اغوائن سميت ٻين ظلمن جا جيڪڏهن پيرا کڻنداسين ته اهي سڌاسنوان ڪيترن ئي معزز سڏجندڙ سردار وڏيرن، پيرن ۽ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ڪارين رڍن ڏانهن ويندا. قبيلائي نظام جي بقا ئي ان ۾ آهي ته هر سردار پنهنجا ڪجهه ”ڪاٽڪو جوان“ رکي ٿو. ضرورت پوڻ تي انهن کي استعمال ڪري ٿو جيڪي اهڙا ڏوهه ڪن ٿا. اهڙن ڏوهارين جي دٻدٻي سبب انهن جو نظام قائم آهي.
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيل واقعن ۾ پڻ سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙا عنصر ملوث آهن. جيڪڏهن حڪومت انهن ضلعن ۾ چاهي ٿي ته امن امان بحال ٿئي ۽ عوام سک جو ساهه کڻي ته ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي نه رڳو ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي پر سندن ساٿاري هر سردار ڀوتار پير کي پڻ بي نقاب ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن حڪومت رڳو هنن سردار خلاف ئي بي رحم احتساب شروع ڪري ۽ پوليس کي سندن خلاف ڪارروائي جو مڪمل اختيار ڏئي ته هوند امن امان قائم ٿي سگهي ٿو.