سنڌ ڌرتي امن جو پيغام ڏيندڙ هڪ قوم جي رهواسين جو نالو آهي جيڪي آرين جي دور کان به اڳ هڪ صاف شفاف قوم هئي. هيءَ قوم نه رڳو تهذيب رکندڙ هئي پر سنڌي قوم رياضي، طور ماپ، انجنيئرنگ، لٽو ڪپڙو پائڻ سميت پاڻ کي هٿيارن کان پاڪ رکندڙ دنيا جي بهترين قوم هئي. سنڌي ان ڏينهن کان اهڙي فاتحن جي حوالي ٿيل آهي جيڪي فتوحات جي ڌنڌي کي پنهنجو ڪاروبار سمجهي لاش ڪيرائيندا سنڌ ڌرتيءَ تي اچي لٿا.
آرين کان پوءِ سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاهه، وري پوءِ عباسي، ڪلهوڙا، ارغون ترخان، منگول، مغل توڙي انگريز سنڌ ۾ مسلسل حڪمراني ڪندا رهيا ۽ خون جون نديون وهنديون رهيون. انگريزن کان آزاديءَ بعد به سنڌ سان ٿيندڙ ظلم بند ناهي ٿي سگهيو، گذريل 75 سالن دوران سنڌ جا لاتعداد ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا، نوجوانن جا چچريل لاش ڏنا ويا، ڪنهن کي ڦاهي ته ڪنهن کي قيد و بند جي صعوبتن ۾ رکيو ويو، ڪنهن کي تاحيات معذور ڪيو ويو ته وري ڪنهن جا ته لاش به نه موٽيا.
اهڙي طرح تازو ٽيون ڏينهن به سنڌ جي هڪ ڳڀرو نوجوان خيرپور ناٿن شاهه واسي افضل لنڊ کي ٽنڊو آدم ۾ گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو آهي، افضل لنڊ کي ڪجهه مهينا اڳ ڌرتي ڌڻين جي حقن جون ڳالهيون ڪرڻ تان کنڀيو ويو هو پوءِ نيٺ هن تي ڪيس داخل ڪري آزاد ڪيو. نوجوان ڳڀرو جي بيگناھ قتل تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ آهي ڪراچي ۾ سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ فرسن سنڌ، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جنهن ۾ وڪيل خليل انصاري، قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، سارنگ جويو ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد افضل کي ڪجهه ڏينهن کان نامعلوم نمبرن تان ڪال ذريعي ڌمڪيون ڏنيون ويون وڃن جنهن بعد هن کي قتل ڪيو ويو آهي. هنن اهو مطالبو ڪيو ته جوڊيشل انڪوائري ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ سنڌ ۾ گذريل 76 سالن کان فتوحات جو ڌنڌو جاري آهي جنهن ۾ ڌرتيءَ جي ڪونڌر پٽن کي اهڙي طريقي سان ماريو پيو وڃي ڄڻ هو انسان نه پر حلال جانور هجن جنهن جو شڪار ڪري کاڌو وڃي. خير تاريخ گواهه آهي ته جيڪو ظلم خلاف رهيو اهو ظالم هٿان مارجي ويو ۽ امام علي عليه السلام جو قول به آهي ته "ڊڄو ان شخص جي شر کان جنهن سان اوهان چڱائي ڪئي آ”