هاڻي ڪجي ته ڇا ڪجي؟

محمد ملاح ساڪرائي

ٿورو سوچيو ـ لوچيو  پرکيو ۽ پروڙيو پوءِ  پنهنجي دل تي ھٿ رکي ڏسو ته دنيا جي عدل وارو ڪانٽو ڪٿي بيٺو آهي. ھن وقت دنيا ۾ عدل انصاف انساني حقن  ۽ جمھوريت جو چمپئن آمريڪا آهي ـ ھي ٻھراڙي جي مرشد جي سان پاڏي جھڙو بدمست آهي آڳاٽي زماني ۾  ڪنهن ڀوتار جي مينهن جو سان پاڏو کلو چرندو ڦرندو ھو ـ پرايا فصل کائيندو ناس ڪندو رھندو ھو ـ ان کي ست خون معاف ھوندا ھئا وڏيري جي پاڏي کي ڪير روڪي ؟؟؟ ڪڇي ٿو ته مري ٿو ـ ڪير چئي شينهن تنھنجي وات ۾ ڌپ ؟؟؟ جيڪو ڏاڍو سو گابو ـ جس ڪي لاٺي اس ڪي ڀينس ـ

آمريڪا دنيا ۾ آمريت ختم ڪري جمھوريت قائم ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي پر جتي آمريڪا جو مفاد ھوندو آهي اتي آمريت ۽ بادشاھت جي خود مدد ڪندو آهي جيئن سعودي عرب ڪويت ۽ٻيا کوڙ سارا ملڪ آهن جن مان سڌي ريت آمريڪا فائدو حاصل ڪري ٿو اتي آمريت به جمھوريت  نظر ايندي آهي ـ ان ڏوھ جو رڳو ھڪڙو  آمريڪا ذميوار نه آهي اسان جا مسلمان ملڪ به پنهنجي پنهنجي بادشاھتن کي بچائڻ لاءِ  سوين ھزارين بلڪي لکين بيقصور ماڻهو مارائي ڇڏين ٿا ـ

تازو توهان ڏٺو ته مصر ۾ جمھوريت  جي زور تي محمد مرسي ووٽ وٺي ملڪ جو واڳ ڌڻي بڻيو ـ جڏهن محمد مرسي جي اخوان المسلمين پارٽي اقتدار ۾  آئي ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي بنهھ ڪونه وڻي ـ خوان المسلمين پارٽي جي تڏا ويڙھ لاءِ  فوجي جنرل السيسي کي ميدان تي لاٿو ويو ـ اخوان المسلمين جو ڏوھ صرف اھو ھو ته اھا جماعت مذھبي نظريو رکندڙ ھئي ـ خوان المسلمين جي ڪارڪنن جو بيدردي سان قتلام ڪيو ويو ـ السيسي جي حمايت نه رڳو آمريڪا ۽ ان جا غير مسلم اتحادي ڪري رھيا ھئا پر سعودي عرب ڪويت ۽ بادشاھت وارا سڀ عرب ملڪ پھرين صف ۾ بيٺل ھئا ـ سعودي عرب ڪويت ۽ ٻيا عرب ملڪ محمد مرسي ۽ ان جي جماعت اخوان المسلمين جي ان ڪري مخالفت ڪري رھيا ھئا ته اخوان المسلمين جمھوريت جي حامي جماعت ھئي جنهن جمھوريت  ۽ ووٽ جي طاقت سان اقتدار ماڻيو ھو ۔ سعودي عرب ڪويت ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن کي اھو خوف کائڻ لڳو ته متان اھو عوامي انقلاب جمھوريت جي روپ ۾ اسان جي ملڪن ۾ پيدا ٿي پوي ۽ اسان جي بادشاھت خطري ۾ پئجي وڃي تنھنڪري سڀني گڏجي محمد مرسي کي اقتدار تان لاٿو ۽ اخوان المسلمين جي ڪارڪنن جو قتلام ڪرايو ـ ان وقت ڪنهن کي به جمھوريت ۽ عوام جي رائي جو احترام نظر ڪونه آيو ـ سعودي عرب ڪويت ۽ عرب بادشاهن کي پنهنجي پنهنجي بادشاهتن جو فڪر ھو ۽ آمريڪا کي اخوان المسلمين جي اسلامي نظري جو خوف ھو ـ صدا حسين ۽ ڪرنل قزافي جي حڪومتن آمريت جو لقب ڏيندڙ آمريڪا کي مصر جي عوام جي رائي کان وڌيڪ فوجي حڪومت پياري لڳي جنھن جنرل السيسي کي مصر جو والي وارث بنايو ـ جڏهن جنرل السيسي مصر جو واڳ ڌڻي بڻيو ته سڀ کان پھرين سعودي عرب ۽ ڪويت وڏي رقم سان جنرل السيسي جي مدد ڪئي ـ

اسان رڙيون ٿا ڪريون ته اسان وٽ عدل ۽ انصاف ڪونهي ـ پر ڏٺو وڃي ته پوري دنيا جو ھي سڙيل ڳريل ۽ بدبودار نظام ظلم  ۽ جبر تي ھلي پيو ـ ھر ڪو پنهنجي پنهنجي مفاد جي جنگ وڙھي رھيو آهي صحيح ۽ غلط جي ڪنهن کي پرواھ  ڪونهي ـ جنهن جو جتي ۽ جنهن ۾ فائدو آهي اھو ان کي اھميت ڏئي رھيو آهي ـ سعودي عرب ۽ ڪويت مان آمريڪا کي تيل ۽ سون ملي پيو ان ڪري آمريڪا لاءِ  اھي ملڪ اھم آهن جتي ان جو مفاد آهي.

اسان جي ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڏينھون ڏينهن وڌندڙ مھانگائي سبب  غريب ماڻهو خودڪشيون ڪري رھيا آهن ـ ملڪ جو ڪاروھنوار پن سن ۽ قرض تي پيو ھلي ـ ھاڻي  ته اھا ڳالهه   وڏي واڪي ٻڌڻ ۾ اچي پئي ته ملڪ جو نيوڪليئر پروگرام خطري ۾ آهي ـ اھو صرف ڊيڄارڻ جو شوشو آهي يا حقيقت ؟؟؟ جيڪڏهن حقيقت آهي ته پوءِ  باقي بچندو ڇا ؟؟ سواءِ  غلامي جي  ـ ـ ـ آمريڪا جي غلامي سان گڏ ڪنهن ٻئي ملڪ جي غلامي جو ڳٽ به اسان جي ڳچي ۾ وڌو ويندو ـ ھاڻي  ڪجي ته ڇا ڪجي ؟؟؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي . جڏهن اسان دنيا جي نظام تي سوچيو ٿا ته پوءِ  اسان کي سواءِ  مايوسي جي ٻيون ڪجھه  به پلئي نٿو پوي ـ  اھو نظام جيڪو ڏاڍ ۽ جبر جي ٿنڀن تي بيٺو آهي ان مان اسان کي ڪھڙو انصاف ملندو ٻھراڙي جي معمولي وڏيري کان ويندي شھر جو طاقتور وردي وارو سڀ جا سڀ ھڪڙي ڍڳي جا چور نظر اچن ٿا ۽ اسين امن ۽ انصاف پسند ماڻهو مايوسي جي ڌٻڻ ڦاسندا پيا وڃون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.