دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قديم آثارن کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي ۽ آثار قديمه جي موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن۔ سنڌي ٻولي ۾ پڻ هن موضوع تي ڪيترو ئي مواد ڇپيل آهي، جن۾ اڪثر تحريرون انگريز محققن جون آهن. سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ موجود قديم آثارن جي باري ۾ سنڌ جي نوجوان محقق ۽ ليکڪ امين جويو جي ڪتاب "تحقيق جي ڀري” جي هن ڪتاب ۾ ڪاڇي ۾ موجود نو (٩) قديم ماڳن ۽ مڪانن جي باري ۾ تحقيقي مواد پيش ڪيو آهي، ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي معروف تاريخدان محقق ۽ مصنف، مترجم گل حسن ڪلمتي صاحب جن لکيو ، ۽ ڪتاب ۾ ڪاڇي جي تاريخدان، شاعر ۽ محقق محترم عزيز ڪنگراڻي مصنف ۽ هن ڪتاب بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
هي ڪتاب قديم ماڳن بابت لکيل ڪتابن کان ڪجھه منفرد آهي، هن ڪتاب ۾ شامل هر ماڳ جي باري ۾ ڪجھه معلومات ڏيڻ کان پوءِ مصنف ان ماڳ جو هنڌ ۽ ڏس پتو لکيو آهي، ان کان پوءِ ان ماڳ بابت اڳ ۾ ٿيل تحقيق ۽ تاريخ جي ڪتابن مان حوالا پيش ڪيا آهن، هر ماڳ جي موجوده صوتحال کي بهترين انداز ۾ لکيو آهي، ان ماڳ بابت علائقي جي ماڻهن جا ويچار به قلمبند ڪيا آهن، ۽ هر ماڳ جي باري ۾ پنهنجي ڪيل تحقيق لکڻ کان پوءِ ان ماڳ کي محفوظ بڻاڻڻ لاءِ ڪجھه مفيد مشورا پڻ ڏنا آهن.
مصنف هنن ماڳن کان پنهنجي خرچ تي وڃي ڪري ، تحقيق ڪري انهن جي باري ۾ بهترين معلومات مهيا ڪئي آهي، هن تحقيق دوران مختلف جاين تي پيش ايندڙ ڪجھه رڪاوٽن، ۽ تڪليفن جو به ذڪر ڪيو آهي. جن ماڳن جي باري ۾ ڪتاب ۾ مضمون ڏنل آهن اهي هي آهن،
1 .ڪلهوڙن جو تخت گاهه ڳاڙهي 1657 کان 1700 ،
- 2. 2170 ۾ ڪلهوڙن جو مغلن سان ٿيل جهونجهارڪوجهيڙو
3.راڄي ديري ۾ ٻه عدد چٽسالي ٿيل مقبرا، زبون حال قلعو ۽ وانر شاهه جو مقام
- 4. وير ناٿ جو مندر، ٻورڙي واري مسجد، سيد ٻڍل شاه جو مقبرو
- 5. پٽ سليمان ۾ ديهه آراڙي وارا قديم مقبرا،
6.ڳوٺ گولي فقير رودناڻي ڀرسان ٻه عدد چٽسالي ٿيل مقبرا ، زبون حال مسجد ۽ ٻڌڪو ٺلھه
7.جوهي تعلقي جو هڪ تاريخي "ماڳ شاهن جو مقام
8 . خانپور ۾ چٽسالي ٿيل مقبرا
- 9. بکر شهيد جو مقبرو، زبون ٿيل ٻارهن ٿنڀو ۽ٻٽو قبو.
قديم آثار جي موضوع تي هڪ بهترين تحقيق ٿيل آهي ، سنڌ جي تاريخ سان چاهه رکندڙ، تحقيق ڪندڙ ۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ تاريخ پڙهندڙ شاگرد لاءِ تمام سٺو ڪتاب آهي، هي ڪتاب پڙهو، ۽ سنڌ جي هن نوجوان محقق جو قدر ۽ حوصلا افزائي ڪيو. ڪتاب بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي گل حسن ڪلمتي صاحب لکيو آهي ،ته امين هن ڪم تي کيرون لهڻي.