احتساب جو مال غنيمت ڪيڏانهن وڃي ٿو ؟

طفيل مگسي

ڪجهه  ڏينهن کان هر پاسي احتساب جو پڙاڏو آھي.جنهن کي تبوتار ڪرڻ جي لاءِ  بزنس ڪميونٽي سان گڏ خاص ملاقاتن جو سلسلو پڻ جاري آھي.پر  ان ڳالهه  کي هاڻي راز ۾ رکڻ جي ڪا ضرورت ناهي رهي ته اهي ملاقاتون ڪير ڪري رهيو آھي.اهو به پتو پئجي رهيو آھي ته ملڪ ۾ سخت کان سخت احتساب ٿيڻ وارو آھي.جنهن ۾ ڪنهن کي به ڪنهن قسم جي رعائيت ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

مقصد ته احتساب جو دائرو نهايت ڪشادو بڻايو پيو وڃي ۽ اھي به خبرون آھن ته ملڪ ۾ ھر قسم.جي چوري ڪرڻ وارو جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ انهن کي احتساب جي پڪڙ ۾َ آندو ويندو.

ايستائين ته زمينن تي قبضا ڪرڻ کان وٺي هرقسم جي اسمگلنگ جي خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.ٻاھرين ڪرنسي سميت اناج گڏ ڪرڻ وارن جي خلاف به ڪارروائي  ڪئي ويندي.سياستدانن کان عوام جي پئسن جو حساب ورتو ويندو.ڪاروباري طبقي کان ٽيڪسز جو حساب ورتو ويندو.۽ انهن جي گهپلن تي انهن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ بيهاريو ويندو ۽ ان کان عوام.کي فائدو رسايو ويندو.

بيشڪ مٿيون سموريون ڳالهيون سون جهڙيون آھن، پر  احتساب جو اهو نعرو هن ملڪ جي عوام.جي لاءِ  ڪو نئون ناهي.ڇوته قوم گذريل دورن کان گهٽ ۾ گهٽ چئن ڀيرن کان به وڌيڪ سخت احتساب کان گذري چڪي آھي ۽ بعد ۾ ھر ڀيري ايئن ئي ٿيو آھي ته سياستدانن کي ئي ملڪ به سنڀالڻو پيو آھي ۽ احتساب ڪرائڻ واري جي ساک به بحال ڪرائڻي پئي آھي.

هن وقت واري دور ۾ ڪنهن کان ڪا شيءِ  ڳجهي يا لڪل ناهي رهي.ڇاڪاڻ ته ميڊيا جي ترقيءَ ، ملڪ ۾ رهڻ وارن کير پياڪ ٻارن کي به نرم و سخت مداخلت جي تشريح سمجهائي ڇڏي آھي.کير جي سنڀال تي ٻلو ويهاري ڇڏجي ۽ کير جي غائب ٿيڻ تي ٻلو ئي گهر وارن کان وڃائجي ويل کير جو حساب وٺڻ شروع ڪري ته اها وڏي تعجب جي ڳالهه  ٿيندي.ڇوته سوال سنڀال ڪرڻ واري کان ڪيو ويندو آھي.پاڪستان جيڪو الله ميان جي سرسبز پک آھي.جنهن جي هيٺان کان مٿي تائين سڀ ڀيل ڪري رهيا آھن.پر  احتساب جي لاءِ  صرف سايستدانن ۽ عام عوام کي ئي ڳڻيو وڃي ٿو.۽ ملڪ جي حقيقي طبقي (يعني جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو يا بندوق آھي)کي مٿاهون سمجهي ڪري پڪڙ يا حساب کان آجو ڇڏيو وڃي ٿو.

اسان نهايت بهترين روايتن جا امين ماڻھو آھيون ۽ اسان هينئر تائين پنجهتر سال جي پراڻين روايتن کي به بحيثيت ورثي جي زنده رکي ڇڏيو آھي.اسان اڄ وقت جي ضرورت جي مطابق ماڻھن تي فتوائون ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته اسلام جي نالي تي قائم ٿيڻ وارو ملڪ پنهنجي سڀ کان خاص هٿيار کان فائدو حاصل نه ڪري سگهيو؟ الحمد الله اسان طالبان.جماعت اسلامي.تحريڪ لبيڪ جهڙين ناياب ۽ نادار اثاثن جا مالڪ آھيون.جن کي اسان موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا رهون ٿا.ان کان کانسواءِ  قوم.کي وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي لاءِ  فرقه پرستي ۽ لسانيت کان به مالا مال آھيون.جتي جنهن به شيءِ  جي ضرورت آھي.ان جو ٺپو هڻي ڇڏيون ٿا.جڏھن ته سياسي ڪيسن جي ڇڙھي ته پنهنجي ئي جاءِ تي آھي.

اسان وٽ سياستدانن کان اڄ به کن بل ۾ اربين روپيا ملي وڃن ٿا.گڏ ئي هيرا جواهر به ملي وڃن ٿا.پر  مون کي حيرت انهيءَ  ڳالهھ جي آھي ته جانچ جي دوران نوٽن سان ڀريل لانچن سميت سون جو پليٽون ڪيڏانهن غائب ٿي وڃن ٿيون؟گذريل هڪ اڌ ھفتي ۾ نقلي خبرن جي وسيلي اسان اٽڪل چار سو ارب روپين جي رڪوري حاصل ڪري چڪا آھيون.اسان جي ميڊيا اسان سان ٻٽ بيٺي آھي.هتي هر وقت اهوئي تاثر گردش ڪندو رهندو آھي ته سياستدان صرف ملڪ کي ڦرڻ جي لاءِ  اچن ٿا.اصل ته اسان آھيون .جنهن کي ڏک جانان(قوم) ساڻو وپريشان ڪري رکيو آھي.۽ اسان ئي اهي آھيون ته ان درد جي دوا به ڪنداسين.

اسان پنهنجي سٻاجهڙي قوم جي ڪهڙي جهڙي تعريف ڪيون .سبحان الله نهايت صابرين و شاڪرين ماڻھو آھيون.هرحال ۾ ايڊجسٽ ڪري ڇڏين ٿا.ڏسو جناب ڳالهه  اها آھي ته دنيا صرف عارضي زندگي جو نانء آھي ۽ آخرت جا مامرا نهايت ئي تڪليف ڏيڻ وارا آھن.ان ڪري اسان هينئر کان ئي قوم کي دوزخ ۾“ايڊجسٽ“ٿيڻ جي عادت وجهي رهيا آھيون ته جيئن دوزخ جي باهه کين کي گهڻي تڪليف نه ڏئي سگهي.

اهي سمورا ڪم اسان ان ڪري ڪري رهيا آھيون ته جنهن کير کي اسان سڃاڻون ٿا ان جي گمشدگي جو سوال اسان کان نه ڪيو وڃي.نه ئي ڪنهن جو ڌيان اسان ڏانهن وڃي.ايترو ئي پنهنجو خواب آھي.

اهڙا مرحلا بار بار ايندا ويندا رهندا.پر  حالتون ساڳيون ئي رهنديون .گذريل 77 19ع کان وٺي احتساب ته ٿيندو رهيو آھي.پر انهيءَ  احتساب جو مال غنيمت ڪيڏانهن غائب ٿي ٿي وڃي ٿو، اها ڳالهه  اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آھي !

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.