ملڪ جي معيشت جو ڪنٽرول اهڙي طبقي وٽ آهي جيڪو ڪڻڪ به پاڻ امپورٽ ٿو ڪري ته ايڪسپورٽ به پاڻ ٿو ڪري، جيڪو کنڊ جي ڪارخانن جو مالڪ به آهي ته سوين ايڪڙن تي پاڻ ڪمند به پوکي ٿو جيڪو دفاعي ادارن ۾ ويهي پاڻ سياسي ڌر ٿي اسٽبلشمينٽ جو پارٽ به پِلي ڪري ٿو، ادارن جي ڊڪٽيٽرشپ سان سهمت به آهي ته ڪٿي پاڻ به ادارن کي هلائڻ جي ٿو ڪري، هڪ اهڙو طبقو به آهي جيڪو سياسي جماعتن جي اڀرڻ، اچڻ سان، انهن جي اقتداري دورن ۾ حڪومتي ٺيڪا کڻي کڻي، سياسي جماعتن جي ونگار وهي وهي به ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن پر جيڪو طبقو سياسي ڳالهين ۾ نه ٿو اچي جيڪو روشن خيالي ۾ زندگي گذاري ٿو وڃي اهو هر دور ۾ رُلي ٿو وڃي، جيڪي ادارا طالبان سان سينو ساهن ٿا، ادارا ملڪي ايجنسين جا ڀرجهلا آهن،
سياسي پارٽين، ملڪي ادارن جون ڪجهھ ونگس اهڙيون به آهن جيڪي انهن جي پشت پناهي به ڪن ٿيون، طالبان جهڙي ڏچي جي ڳالھه ڪجي ته اهي آمريڪا سان ٺهيل به آهن ته ڊهيل به آهن، سي آءِ اي انهن کي لٺ به ڏيکاري ٿي ته چَٺِ به ڏيکاري ٿي پر مئو ته ويچارو عوام جنهن کي رڳو اهو کپي ته ڪير اچي پيٽرول سستو ڪري، ڪير اچي بجلي سستي ڪري، ڪير انهن مهانگاين مان جان آجي ڪرائي، ساڳي ڳالھه وانگي ته اهو طبقو اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽون به هلائي ٿو اهو ڪلاس فيڪٽريون به هلائي ٿو ته صنعتن جو مالڪ به آهي، ان هڪ مخصوص طبقي وٽ اهي سڀ اقتصادي الجبرائون به آهن ته اهي سڀ حل به ڪڍي سگهن ٿا ان ڪري اهو طبقو وري بينڪن جو مالڪ به آهي جو ايتري دولت قارون جي خزاني ۾ نه هئي جيتري دولت هڪ بينڪ ۾ پئي ٿي رهي ان ڪري ته اهو هڪ طبقو اهڙو آهي جيڪو جيتري محنت ڪندو اهو اوترو قرض پکن ۾ ويندو ٻڏندو ۽ ٻيو طبقو اهڙو آهي جيڪو رڳو پيسو سيڙائيندو ويندو اوترو پيسو ڪمائيندو به ويندو ان ڪري ته اهو رڳو مَٿڪي ۽ سيڪڙي جو مالڪ آهي.
پر حيرت اها به آهي ته اسان جو زرعي سيڪٽر جيترو سرسبز ۽ آباد آهي اوترو وري هاري برباد ۽ تباھ آهي ۽ جيڪو واپاري طبقو آهي جيڪو پوکي نه ٿو پر ڦيرگهير ٿو ڪري اهو ڪمائي ٿو مثال هاري چار هزار ۾ ساريون، ڪڻڪ کپائي وري اها ئي ڪڻڪ (اٽو) ڇھ هزارن ۾ وٺڻ جي لاءِ به تيار آهي، جيڪو ذخيرا انداوزي ڪري ٿو ڪمائي اهو ٿو جيڪو پوکي لڻي کپائي ٿو پوءِ اهو ئي لوڙي ٿو ان ڪري ته شين تي ڪنٽرول ناهي، جيڪي ضرورت جو شيون آهن اهي گهر ۾ ٽريڊ ڊيفيسٽ سان ملن ٿيون جو ڪڻڪ جي ٻوري کپائي به غريب ماڻهو پنهنجي ٻارن جا خرچ برداشت نه ٿو ڪري سگهي ساڳي ڳالھه اها به آهي بصرن جي ٽرڪ هڪ آءِ فون جي قيمت به نه لهي ان ڪري اهي سڀ شيون جي اسان نه ٿا ٺاهيون ته پوءِ انهن سڀني شين تي ضابطو به ان صورت آڻي سگهجي ٿو ته انهن سڀني شين جي امپورٽ تي پابندي هنئي وڃي، اهڙي شيءِ جيڪا اسان جو ملڪ ٺاهي، برداشت به ڪري سگهي اها شيءِ استعمال به ڪجي مثال ماڻهو جڏهن سستي گهڙيءَ تي، مقامي فيڪٽريءَ ۾ ٺهيل گهڙي تي ٽائيم ڏسي سگهي ٿو ته پوءِ اها استعمال ڪري، جيڪڏهن ديسي ٺاهيل گاڏي تي سفر ڪري سگهي ٿو ته امپورٽيڊ گاڏيون بند ڪيون وڃن، جي ماڻهو جڏهن گهريلو شين تي ڀاڙي سگهي ٿو ته امپورٽيڊ شيون خريد نه ڪري ان ڪري جو جيترو ٽريڊ ڊيفيسٽ جي ڪري هي ملڪ لوڙي، پريشانيون ٿو کڻي اهي سڀ لکڻ جهڙيون آهن، ايئن حساب هڻجي ته اڄڪلھه جي نئين لينڊ ڪروزر ۽ جرمنيءَ جي ٺاهيل گاڏي به 20 ڪروڙن کان به وڌي ويون آهن پر جيئن ٻين ملڪن لوڪل پراڊڪٽ ٺاهي ٺاهي انهن شين جي غلطين مان سکي ورتو ۽ انهن شين کي بهتر ڪري وري وري ٺاهي اهي شيون بهتر ڪري ويا ۽ انهن شين جي استعمال جي عمر وڌائي ويا ائين اسان به ڪري سگهون ٿا.
آبادي بنگلاديش، سريلنڪا جي مقابلي ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي وڌي پر آدم شماري ۾ ظاهر ئي ناهي، پنجاب سميت ٻين صوبن جون آدمشماريون گهٽائي ٻڌايون اٿن ته هاڻي انهن آبادين جي شرحن جو معيشت تي ڪهڙو بار تسليم ڪيون ماسوا ٻاهرين آبادين جي جيڪي معيشت تي ان ڪري به بار هجن ٿيون جو اهي ڪنهن به زرعي سيڪٽر جي واڌ جو سبب نه ٿيون بڻجن، اهي ڪا پيداوار نه ٿيون آڇن پر اهي رهندو ڪندو نوڪرين تي بار هجن ٿيون، اهي صحت جي مرڪزن تي بار هجن ٿيون اهي ناڻي تي بار هجن ٿيون اهي وسيلن تي قابض هجن ٿيون اهي شهري آبادي ۾ هجڻ جي ڪري سيڪيورٽيءَ جا مسئلا پيدا ڪن ٿيون اهي ٽرانسپورٽيشن کان وٺي تعليم ۽ خواندگيءَ تي به والار ڪن ٿيون ان ڪري معاشي سڌارا ڪرڻ ممڪن نه ٿا هجن پر ساڳي جاءِ تي جي معيشت بحال به ڪجي ته جيڪي به خطا، صوبا ڪمائن ٿا انهن جي ڪمائي تي انهن ئي صوبن جو حق تسليم به ڪجي، اقتصادي طور جي هر گهر جي هر فرد جي لاءِ لازمي آهي ته اهو ڪمائي ۽ گهر کڻي اچي ته گهر هلندو ته پوءِ ملڪ، رياست جي لاءِ به لازم آهي ته اها رياست، ملڪ ڪمائي ۽ گهر کڻي اچي ۽ گهر ۾ رکي، جيڪي به گهر جي فردن جا اثاثا هجن اهي ڀلا گهر کي ته فائدو ڏين.
جي ملڪي ادارا اهو ٿا چون ته ڪير انهن جي خلاف نه ڳالهائي ته انهن اداران آخر ڇا ڪيو آهي جو ماڻهو حق سچ نه چوندا، مثال پشتون اسلام آباد ۾ سرعام پنهنجا جهنڊا لهرائي هليا ٿا وڃن، منظور پشين اسٽيج تي چڙهي رياست کي گھٽ وڌ چئي هليو ٿو وڃي،، ايئن به چئي ٿو ته ”يه جو دهشتگردي هي اس کي پيچهي وردي هي“ پوءِ عسڪري ادارن جون ڪيتريون گاڏيون انهن کي پڪڙڻ ويون آهن، انهن جي باغي جهنڊن کي ڪنهن ساڙي راک ڪيو، جيڪي هو ڪن اهو صحيح آهي باقي جيڪي قومون سڙن پچن ٿيون اهي ڪجهھ نه ڪن، پر ان ڪري ماڻهن کي هاڻي اهو راز معلوم ٿي ويو آهي ته رياست جا دوڪان ڪهڙا ڪهڙا آهن ۽ رياست کي هلائڻ وارا ڪير ڪير آهن جيڪي عام ماڻهن جو رت چوسي رياست جا ڌنڌا هلائن ٿا، اهي آءِ ايم ايف جا پيسا ڪير ٿو وٺي ۽ اهي پيسا ڪاڏي ٿا وڃن جو مزدور جيڪو ڏهاڙي ٿو ڪمائي اهو به پيٽرول جي ليوي ٿو ڀري ۽ غريب هاري جنهن جي گهر ۾ سڀ ڀاتي هن پکي هيٺان ٿا سمهن سي به بجليءَ جا بل ڀري هن رياست جا ڀڀ ٿا ڀرن، اهي غريب طبقا جيڪي سرڪاري نوڪري به نه ٿا ڪن پر سرڪار کي ڪنزيومر ٽيڪس به ڀري ٿا ڏين ان ڪري ته جيئن سرڪار جو ڌنڌو هلندو رهي ۽ سرڪار جيئندي رهي پر عام ماڻهو مرندو رهي.
ان ڪري هاڻي هر ماڻهو سول نافرماني تي لهي آيو اڳي هڪ عمران خان هيو جنهن ڪنٽينر تي چڙهي بجلي ۽ گيس جا بل ڦاڙيا هيا هاڻي هر علائقي ۾ ماڻهو بجلي ۽ گيس جا بل ڦاڙي حڪومت کي چتاءُ ٿا ڏين ته اهي پنهنجا ليکا چوکا سڌا ڪن ان ڪري ته انهن جي عيش عشرت هن عوام جي چيلهھ ڀڄي ڇڏي آهي..
آمريڪي شهرين وانگي ڪنهن به ڪامياب ماڻهوءَ جي بزنس ماڊل جي پويان لڳي سگهجي ٿو، ان جي تجربي مان فائدو وٺي سگهجي ٿو ۽ ان جي اقتصادي معاملن جي بهتريءَ مان لاڀ حاصل ڪجي، اهڙو ماڻهو جيڪو بزنس ماڊل ٺاهي، سيڙپ جا نوان نوان طريقا ڳولهي، سمجهائي ته ان جي معاشي سمجهاڻين تي عمل ڪجي پر مصيبت رڳو اها آهي ته جيڪي به هاءِ ڪلاس جا ڏاها ماڻهو، بزنس ڪلاس ماڻهو آهن اهي رڳو پنهنجن پنهنجن ادارن جي لاءِ سيبتا آهن انهن جي پنهنجي ادارن جي گروٿ ريٽ جي لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙين ٿا، مثال اسٽيل مل جي لاءِ را مٽيريل ناهي پر اتفاق فائونڊيشن جي لاءِ آهي، ملڪ اندر سيڙپڪاري جا رجحان ناهن پر برطانيا جي اندر سيڙپڪاريون ڪن ٿا، اهي سمجهن ٿا جي برطاينا جي اندر حرام جي پئيسن مان حلال سيڙپڪاري ڪبي ته ڪمائي سگهجي.
ڪير اها ڳالھه ثابت نه ڪندو انهن سڀني بزنس ٽائيڪونز جي پنهنجن فيڪٽرين ۾ ڪڏهن به ڪرپشن نه ٿيندي هوندي اها ٻي ڳالھه آهي اهي ٽيڪس چور ضرور هوندا اهي مفت جي بجلي ٻاري، مفت جي گيس ۽ ٻيون انڪم ٽيڪس جون چوريون ڪري هڪ فيڪٽريءَ مان ٻه فيڪٽريون هڻندا هوندا پر انهن جي پنهنجن اداران ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري تي وڏا وڏا مذهبي ليڪچر به هلندا هوندا، وڏا وڏا ايمانداريءَ جا سبق به ڏيندا هوندا پر اهي ئي جڏهن سرڪاري ناڻي تي ويهن ٿا ته اهي سمجهن ٿا ته هو دشمن جو مال آهي ڇو ته اهو مال غريب ماڻهن جي پئيسن مان گڏ ڪيل آهي جيڪي طبقا پيٽرول ۽ گيس بجلي جي بهاني حڪومت جي کيسن ۾ وجهن ٿا ته جيئن رياست وري وزيرن ۽ اميرن جا ڀڀ ڀري انهن کي فري بجلي، گيس ۽ پيٽرول ڏئي.