انقره( ويب ڊيسڪ) ڀارت کي يورپ سان ڳنڍيندڙ اقتصادي راهداري جي رستي ۾ ترڪيه به اچي ٿو پر اهو ان ۾ شامل ناهي.
معاهدي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان پنهنجي ملڪ جي ان منصوبي ۾ شامل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي ڪوريڊور انهن کانسواءِ ممڪن نه ٿو ٿي سگهي.معاشي ۽ مالي نقصان کان سواءِ، ترڪيه کي ڪجهه ٻيا خدشا آهن.
انڊين ڪائونسل آف ورلڊ افيئرز جي سينيئر ريسرچ فيلو ڊاڪٽر فضل الرحمان صديقي جو چوڻ آهي ته ان اقتصادي راهداري ۾ اسرائيل به شامل آهي، جنهن سبب ان کي آمريڪا جي سازش جي طور تي ڏٺو پيو وڃي. ان کي چين جي ’بيلٽ اينڊ روڊ پروجيڪٽ‘ جو متبادل بڻائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي.