اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين شاهه محمود چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ڪو نعم البدل نٿو ٿي سگهي، پي ٽي آءِ چيئرمين شپ بابت افواهه پکيڙي غلط فهميون پيدا ڪيون پيون وڃن.
صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مان به ٻين قيدين وانگر اڊيالا جيل ۾ اڪيلائي ۾ رهان ٿو. مون کي به جيل کان ٻاهر هلڻ جي اجازت ناهي ۽ عام قيدين وانگر گهر جو کاڌو به نٿو ملي.
هن چيو ته انصاف ۾ دير ٿي سگهي ٿي، انڌير نه ٿيڻ گهرجي، ڪالهه گهرڀاتين سان ملاقات ٿي، ٻار ۽ زال اڊيالا جيل آيا، منهنجو خاندان هن وقت سڀ کان وڌيڪ اذيتن مان گذري رهيو آهي، مان 9 مئي جي واقعن ۾ بيگناهه آهيان. ها، مان اتي نه هئس، منهنجي زال ان وقت بيمار هئي ۽ مان هن جي سنڀال ڪري رهيو هوس.