جناح اسپتال جي مريضن کي هاڃيڪار کاڌو کارائڻ جو انڪشاف، ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر): جناح اسپتال ڪراچي جي بورچيخاني مان مريضن کي مڇي، ڪڪڙ جو هاڃيڪار گوشت ۽ ٻيو ناقص کاڌو کارائڻ جو انڪشاف   ٿيو آهي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سيڪريٽري صحت کي انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب  سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪالهه جناح اسپتال جو هنگامي دوري دوران مريضن کي مڇي، مرغي جو گوشت ۽ ٻيو ناقص کاڌو کارائڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صحت واري سيڪريٽري منصور عباس رضوي جناح اسپتال جي ڊرگ انسپيڪٽر ۽ فوڊ انسپيڪٽر کي سيمپل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ڊرگ اينڊ فوڊ انسپيڪٽر ڪچن مان ڪڪڙ ۽ مڇي جي گوشت جا نمونا حاصل ڪري ورتا جيڪو ٻنهي نمونن جي جديد ليبارٽري ذريعي ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ جلد رپورٽ تيار ڪئي ويندي.

نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي حڪم تي بورچيخاني مان نمونا وٺڻ بعد جناح اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ڪچن جي انچارج ڊاڪٽر سلمان جي ڊوڙ شروع ٿي وئي.

جناح اسپتال جي دوري دران  نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته  جناح اسپتال جا واش رومز انتهائي گندو هجڻ تي فوري صفائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ جلد شهر جي ٻين اسپتالن جو به دورو ڪندس.

نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وڌيڪ چيو ته جناح اسپتال ۾ نرسنگ اسٽاف جي کوٽ آهي، جلد پوري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.