پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي آزادي لاءِ آپريشن ٿيندو، بدامني ۾ سردار ملوث آهن: عمر سومرو

ڪنڌڪوٽ/ڪشمور (رپورٽ ممتازسنڌي+عرفان سومرو+دليپ ڪيسواڻي)ڪنڌڪوٽ ۾ نگران صوبائي وزيرقانون  محمدعمرسومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ بدامني ۾ هتان جا   مقامي سردار ذميوار آهن  ڌاڙيلن ۽سهولتڪارن خلاف جلدڪاروائي ڪئي ويندي,ڪچي ۽ پڪي سميت ڏوهارين ۽ سھولتڪارن خلاف جلد آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي ، فاطمه ڦرڙر قتل ڪيس بابت صوبائي وزير چيو ته خيرپور پوليس انتھائي غفلت جو مظاھرو ڪيو آھي اڃا تائين ملزم جو فون مان به معلومات ناھن وٺي سگھيا جان محمد مھر ۽ پريا ڪماري مسئلي تي ايس ايس پي سکر کان روزاني جي بنياد تي معلومات ورتي ويندي ٻي طرف انساني حقن جي رپورٽ جي مطابق  ڪشمورمان  ٻن مهينن دوران ٻه سوماڻهو اغواٿيا آهن،عمر سومرو چيو ته منهنجي خواهش آهي ته شڪارپور جا وزير به سول اسپتالن ۾ داخل ٿين اُتي ڪابه سهولت ناهي افسوس ۽ ڏک ٿيو جڏهن اُتي مون وزٽ ڪيو.هن چيو ته گذريل حڪومت شڪارپور لاءِ ڪهڙا ڪم ڪرايا جيڪي سواليا نشان آهن.نگران قانون واري وزير جو چوڻ هو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي حالت انتهائي خراب آهي ٻارڙا عورتون اغوا پيون ٿين، هن چيو ته ڪچي ۾ هن وقت پوليس جو آپريشن نه پيو ٿي سگهي ڇو ته ڪچي ۾ هن وقت درياءَ جو پاڻي آهي.ڪچي ۽ پڪي تي 2 قسمن جا ڏوه ٿين ٿا هڪ ڌاڙيل ڪچي ۾ ڪن ٿا ۽ وري سردار پڪي تي هنن جي سپورٽ ڪن ٿا. هن چيو ته سردار پاران سرعام هٿيارن جي نمائش ڪئي جنهن مان اسين مطمئن ناهيون ،ڪارروائي ٿيندي. 2 سالن بعد به آءُ پراميد آهيان ته آءُ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائيندس اجلاس ۾ مغوين ڪوثر کوسو ۽ نازيا کوسو جي وارثن به شرڪت ڪئي ان موقعي تي نگران صوبائي وزير آڏو هندو ڪميونٽي دانهون ڪيون ته اسان لڏپلاڻ ڪري رهيا آهيون اسان هتي پاڻ کي محفوظ نه پيا سمجهون نگران صوبائي وزير قانون ايس ايس پي کي خاص هدايتون ڏنيون ته مغوي عورت نازيا کوسو ۽ ٻارڙي ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائي هندوڪميونٽي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.جڏهن ته ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحيل کوسو نازيا کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي امڙ ۽ ڀينر سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي مغوين جي بازيابي جو يقين ڏياريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.