پيپلزپارٽي اقتدار لاءِ ڊيل ۾ ڪجهه به ڏئي سگهي ٿي: اياز لطيف

حيدرآباد/ ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽  پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مستقل 15 سالا حڪمراني ڇو پسند آھي، پ پ پ تي اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس آھن، انڪري ھر حڪم مڃي ٿي.

اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي سٺي سوديبازي ڪندڙ ۽ بهترين قيمت ادا ڪندڙ آهي، ڊيل وقت ڪجھه به ڏئي سگھي ٿي، سنڌ جي ترقي ۽ وسيلن کان پيپلز پارٽي مڪمل لاتعلق آھي، انڪري سمورا عالمي ۽ وفاقي فيصلا ھڪدم قبول ڪريو وٺي.

هن چيو ته پورٽ ڪوئلو گئس، پيٽرول معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن، زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ سھولتڪاري جو اھم ڪردار ادا ڪيو.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاءِ سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيا، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي  ڪارڪردگي ناڪام ۽ عوام دشمن پاليسي رھي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي پر ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا ۽ سڀ کان وڏو نقصان ته اھي اسان جي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.