”وڏن عهدن تي ننڍڙا ماڻهو ويهندا ته نتيجا به اهي نڪرندا جيڪي نڪرن پيا“

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  صدر عارف علوي عام چونڊن جي تاريخ تجويز ڪري نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته اسيمبليون ٽٽڻ کي مهينو ٿي ويو پر اليڪشن ڪميشن چونڊن  جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو، نتيجي طور مونجهارو رهيو ته چونڊون ٿينديون نه ٿينديون، ڪڏهن ٿينديون.

ان صورتحال ۾ صدر علوي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي اصل ۾ پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته آئين ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابندي آهي ۽ صدر علوي کي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو آئيني اختيار به آهي.

ان هوندي به صدر علوي خط ۾ نرم ٻولي ڪتب آندي آهي،ڪنهن کي ڳالهه وڻي يا نه وڻي آئين 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پابند بڻايو آهي، هاڻي لڳي ٿو ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويندو.

نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته صدر علو ي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ بدران تاريخ تجويز ڪرڻ جو مطلب آهي ته هن اسٽيبلشمينٽ جي ڳالهه تسليم ڪئي آهي ۽ پي ٽي آءِ کي مايوس ڪيو آهي،

صحافي افتخار احمد جو چوڻ آهي ته صدر علوي جهڙو تڪراري صدر سڄي عمر ۾نه ڏٺو آهي. تاريخ ۾ تڪراري ترين صدر طور  ياد ڪيو ويندو. چونڊن جي تاريخ ڏيڻ به نئين تڪرار کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش آهي.

 نامياري صحافي ابصار عالم جو چوڻ آهي ته جڏهن وڏن عهدن تي بدنيت، ننڍڙا  ماڻهون ويهاريا ويندا ته نتيجا اهي ايندا جيڪي اچي رهيا آهن. صدر علوي اصل ۾ نئين چيف جسٽس کي به تڪرار ۾ الجهائي ان کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 14 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.