سنڌ ۾ 15 سالن دوران وڏي تباهي آئي آهي، جاچ آفيسر فنڊن بابت رڙيون پيا ڪن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) زيادتي ڪيسن ۾ صحيح جاچ نه ٿيڻ تي عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ پيش سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ سوپاريون وڪرو ڪندڙ پوليس   کي ٻه ڪروڙ ڏين ٿا پر ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ شڪارپور وارا ڇا ڪن، توهان جا جاچ آفيسر رڙيون ٿا ڪن ته اسان وٽ فنڊ ناهن، رقم سڌو سنئون ٿاڻن کي ڇو نٿا ڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آرام باغ ٿاڻي جي حد ۾ نينگريءَ سان زيادتي واري ڪيس ۾ جاچ صحيح نه ٿيڻ تي عدالتي حڪم تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار پيش ٿيو.

ان موقعي تي جسٽس امجد سهتو ريمارڪس ڏيندي چيو ته آءِ جي صاحب، گذريل پندرهن سالن ۾ سنڌ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي اها ڪٿي به نه ٿي آهي، خبر ناهي توھان چئن ڇهن مهينن کانپوءِ ڪٿي هوندا پر ويندي ويندي سنڌ جي عوام تي احسان ڪندا وڃو.

انويسٽيگيشن لاءِ جاچ آفيسر کي هڪ هٿ سان چيڪ ڏنو وڃي ٿو ۽ وري ٻئي هٿ سان ورتو وڃي ٿو، جاچ آفيسر چون ٿا ته اسان کي فنڊ نٿا ملن، جاچ لاءِ پنهنجي کيسي مان پئسا ڇو خرچ ڪريون.

عدالت چيو ته جاچ لاءِ فنڊ هر ضلعي کي ڏيڻ بدران سڌو پوليس اسٽيشنن کي ڇو نه ٿا ڏنا وڃن؟ ٿاڻن کي جاچ لاءِ پئسا ڏيندا ته انھن کان جواب به طلب ڪري سگھجي ٿو، عدالت آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جي عوام جون نظرون اوهان تي آهن.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٻن چئن مهينن کانپوءِ سنڌ ۾ شيون تبديل ٿيندي نظر اينديون، جسٽس امجد سهتو چيو ته ڪراچي ۾ ته جاچ آفيسر ڪجھه نه ڪجھه ڪن ٿا، سوپاريون وڪرو ڪندڙ به پوليس کي ٻه ڪروڙ ڏئي ٿو پر شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ سوپاريون وڪرو ڪرڻ وارو ناهي.

عدالت جوابدارن خلاف فائلون ته گڏ ڪندي رهي ٿي پر ڪٿي به ثبوت نه ٿا ملن، اسان ڳولي ڳولي ٿڪجي پوندا آھيون جوابدارن خلاف ڪو به ثبوت پيش ناهي ڪيو ويندو، جڏهن جوابدار آزاد ٿي وڃن ٿا ته ٻئي ڏينهن بيان اچي ٿو، اسان جوابدارن کي پڪڙيون ٿا پر عدالت جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏي ٿي.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار پاران عدالت کي جاچ واري مرحلي ۾ ڪوتاھين کي فوري طور حل ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائي، عدالت زيادتي واري ڪيس ۾ جوابدار فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.