اسٽيبلشمينٽ کي شهنشاهيت تان هٿ کڻڻو پوندو:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ لائرز فورم پاران سنڌ ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال بابت تقريب کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته 46ع واري قرارداد جو ڪٻاڙو ڪيو ويو آهي،مون ڪشمور ۾ احتجاج دوران پوليس سان ٻين ايجنسين گڏيل آپريشن جو چيو ته گوڙ پئجي ويو، انهن مونکي چيو ته ڌاڙيلن کي ته ڪڍنداسين پر هنن کي وري ڪير ڪڍي؟.

هن وڌيڪ چيو 2007ع ۾ جڏهن محترمه زنده هئي ته  آصف زرداري چيو اچو گڏ ٿيو حڪومت ملندي، اهڙي طرح 2012ع ۾ نواز شريف آڇ ڪئي ۽ 2017ع ۾ عارف علوي چيو ته اچو اهڙي طرح حڪومتون اڳ ئي طئي ڪيون وڃن ٿيون پر اسان جو لاڙو پنهنجي ماڻهن ڏانهن آهي.

هن چيو ته جنهن کي عقل ۽ دماغ آهي اهي ٻاهر وڃڻ ٿا چاهن، هي جديد دور آهي ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي شهنشاهيت تان هٿ کڻڻو پوندو. هن چيو ته حافظ صاحب سميت ٻيا آفيسر صرف پوسٽن تائين لاءِ سوچن ٿا ته ان لاءِ ئي اگر ملڪ ٺهيو هو ته بهتر هو نه ٺهڻ گهرجي ها، ڳالھ حق ۽ ناحق، ظالم ۽ مظلوم، ڪرپٽ ۽ ايماندار جي آهي، ان لاءِ عوام کي ايماندار حڪمرانن جي ضرورت آهي.

سي پي ايل سي چيف جميل يوسف خطاب ڪندي چيو ته ڪراچيءَ جي نصيب ۾ رڳو آپريشن لکيل آھن،ڏوهاري ڏوهاري هوندو آ ۽ هر ڏوهاري پاڻ کي سياسي پارٽي جو ماڻهو سڏائيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس پيٽرولنگ ذريعي پيسا کائيندي آهي ان لاءِ سي پي ايل تي سسٽم اچڻ سان اهو پتو به لڳائي سگهجي ٿو ته هو چيڪنگ ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي پيا وڃن. ان لاءِ سسٽم بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ سردار رحيم خطاب ڪندي چيو ته قانون جي پاسداري جي ڪا شيء آهي ئي نه، هر ماڻهو قانون ڀڃي رهيو آهي، ايس ايڇ او، ايس ايس پي کان وٺي هر وڏي عهدي تائين ڪرپشن ڪندڙ هوندا آهن. هن چيو ته سياسي ماڻهن لاءِ ته چيو ويندو آهي سڀ ڪرپٽ آهن پوءِ ڀلي اهي هجن يا نه هجن، اسان کي جهڙي طرف هڪليو ويندو آهي اهڙي طرف ويندا آهيون نه وينداسين ته نقصان ڪيو ويندو آهي.

سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته 80ع واري ڏهاڪي ۾ آءِ جي بشير عباسي چيو ته جنهن علائقي مان ڏوھ ٿيندو ان جو ذميوار ايس ايڇ او هوندو، ان ئي وقت پرو ڌاڙيل کي اجرڪ پارايا ويندا هئا، پرو هنن ڌاڙيلن وانگر نه هو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن سردار، ڀوتار، جاگيردار ۽ خان هوندا ته قانون جي پاسداري اهڙي ئي هوندي. سنڌ ۾ جيڪو جاگيردار آهي اهو اهو ئي چاهيندو ته هن جي پسند جو ايس ايس پي يا ڊي آءِ جي لڳي. اسان پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ لڳا آهيون،وڪيل.

هن وڌيڪ چيو ته صحافي ۽ سياستدان پنهنجي گاڏين تي وڪيل، پريس ۽ ايم پي اي لکرائي معاشري کي اهو ٻڌائيندا آهن ته هو عام ماڻهو کان وڌيڪ آهن، پر ٿيڻ ايئن گهرجي جو سڀ قانون تي عمل ڪن. حڪران ڌاڙيلن کان ڀتو به وٺن ٿا ۽ دهشتگردن کي سپورٽ به ڪن ٿا.

هن 12 مئي واقعي جي حوالي سان چيو ته اهو هٿ سان ايم ڪيو ايم کان ڪرايو ويو ان واقعي جو پلان گرونر هائوس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ ٻيا آفيسر به شامل هئا جيڪي مشرف سان رابطي ۾ هئا ان لاءِ ته ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيو، رڳو 12 مئي نه پر 27 ڊسمبر به واقعو ٿيو، ان وقت فوج ۽ رينجرز ڪٿي هئي جو عام شهرين جون ڪروڙين رپين جون ملڪيتون ساڙيون ويون.

هن چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال جا ذميوار رياستي ادارا آهن. اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام سرور جمالي چيو ته اغوا واقعا 1970ع کان شروع ٿيا، سنڌ ۾ ڏوھ تڏهن ٿيندو آيو آهي جڏهن پنهنجا حڪمران ڪرپٽ هجن. جيڪڏهن ڪنهن کي هٿ پير ٻڌي درياه ۾ اڇلايو وڃي ته اهو تري نه ٿو سگهي، پوليس سان به ساڳيو حشر آهي.

ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته ڌاڙيلن کي هڪ پراجيڪٽ طور لائونچ ڪيو ويو آهي، بلاول جي ڪڍ لکين ماڻهو آهن ۽ ان کي اهي ئي ووٽ ڏئي کٽرائين ٿا جيڪي هن سسٽم خلاف آهن. پوليس منشيات فروشن کي ڇڏي پئي ڏئي ۽ پوليس چوي ٿي ته منشيات فروشن کي ڇڏائڻ لاءِ خلائي مخلوق فون ڪري ڇڏائي ٿي ۽ اها مخلوق چوي ٿي ته اهو اسان جو مخبر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل سسٽم کان پوءِ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات به هٿ سان وڌائي وئي آهي.

بئريسٽر صلاح الدين چيو ته عدالت رڳو فيصلا ٻڌائيندي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جيستائين آزاد نه هوندا ته قانون جي حڪمراني نه ٿيندي، عدالتن جو گهڻي ڀاڱي نه پر ٿوري آزادي جو چوندس ته ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان قاتل کي معاف ڪرڻ وارا قانون به موجود آهن جنهن سبب ناظم جوکيو جو ڪيس ختم ٿي ويو ۽ هاڻي معصوم فاطمه ڦرڙو جي ڪيس جي به اهڙي صورتحال لڳي پئي آهي.

تقريب کان بعد عوامي آواز سان ڳالهائيندي ايس يو پي اڳواڻ جگديش آهوجا چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي جي ڌاڙيلن جي سرپرستي حاصل آهي، ڌاڙيلن کي رياستي ادارا، ڪرپٽ بيوروڪريسي ۽ وڏيرا سپورٽ ٿا ڪن، اجمل ساوند لاءِ ڌرڻو هنيوسين ان جا قاتل ته نه مليا پر پنج پوليس وارن جا لاش مليا. هن چيو ته اسان هڪ احتجاج ختم نه ٿا ڪيون ته ٻيو واقعو پيش ٿو اچي جنهن ۾ نوجوان افضل لنڊ جو مثال سامهون آهي.

پروفيسر انعام عباسي چيو ته سنڌ اندر خراب صورتحال سبب معيشت کي نقصان ٿو پوي، صورتحال ايئن رهي ته سنڌ جا ننڍا ننڍا سرمائيدار هتان هليا ويندا جنهن سان سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته هتي خاص ڪري هندو برادري کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي،.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.