اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه پر اليڪشن ڪميشن کي 6 نومبر تي چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني آهي.
نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ صدر عارف علوي ٻنهي پاسي کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هڪ طرف پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ کي به راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن کڻي چئجي ته گهوٽيتن تاريخ تجويز ڪري ڪنواريتن کي حتمي تاريخ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 14 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي