ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن تائين رينجرز جي مقرريءَ ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار سميت پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار صوبي ۾ امن مان جي صورتحال بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني.
آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال 218 ماڻهو اغوا ٿيا، 207مغوي بازياب ڪرايا ۽11 اڃا يرغمال بڻيل آهن.
اجلاس دوران ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي مقرريءَ ۾ وڌيڪ 6 مهينا وڌا جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تحت مقرري 14 سپٽيمبر 2023 کان فيبروري 2024 تائين هوندي.
ان دوران سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو .