ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪچي ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي پوليس رفعت مختار سميت پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار صوبي ۾ امن مان جي صورتحال بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني.
آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هلندڙ سال 218 ماڻهو اغوا ٿيا، 207مغوي بازياب ڪرايا ۽11 اڃا يرغمال بڻيل آهن.
ان موقعي تي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر حڪم ڏنو ته مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ڪچي ۾ انٽرنيٽ سهولت ختم ڪئي وڃي، ڌاڙيلن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.
نگران وڏي وزير پاران آءِ جي سنڌ کي مغوين جي خاندانن سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.
ان دوران سنڌ ڪابينا پاران ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آرمي آپريشن جو فيصلو ڪيو .