ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته کيس جسم جي هر حصي ۾ سور آهي.
پاڪستان ٽيم ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو جنهن ۾ رانديگرن، فيلڊنگ، بيٽنگ ۽ بالنگ جي مشق ڪئي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي حارث رئوف جي پريڪٽس سيشن دوران رڪارڊ ڪيل وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هو صحافين سان ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي.
صحافي جي سوال تي حارث رئوف کِلندي ٻڌايو ته مٿي کان پيرن تائين جسم جي هر حصي ۾ سور آهي.