مستونگ ۾ ڌماڪو، جي يو آءِ جو اهم اڳواڻ زخمي

مستونگ ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڌماڪي سبب جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمد الله زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس ذريعن موجب، ڌماڪو حافظ حمد الله جي گاڏي جي ويجهو ٿيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي، حافظ حمدالله کي فوري طور تي  طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيوويو آهي، جتان کان هُن کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ مجموعي طور تي ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

ڊي سي مستونگ موجب، ڌماڪي ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن ۾ حافظ حمد الله به شامل آهي، زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.