شعيب اختر پاڪستاني ٽيم جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر ڀارت خلاف پاڪستان ميچ جي عبرتانڪ شڪست تي پاڪستان ٽيم کي ڇتي تنقيد جونشانو بڻائيندي شاهين، نسيم حارث جي فٽنس تي پڻ سوال اُٿاري ڇڏيا آهن.

پنهنجي يوٽيوب چئنل راولپنڊي ايڪسپريس هن چيو ته سريلنڪا جو ويهه سالا دونيٿ ويلالاگي ڀارت خلاف ويڙهه ڪندي نظر آيو، پر پاڪستاني رانديگر ائين ڪندي نظر نه آيا، ٽنهي بالرن لڳاتار 25-30 ون ڊي ميچون کيڏيون؟ پوءِ اسان اميد ڪندا آهيون ته 10،10 اوورز هلائين ۽ زخمي به نه ٿين.

پنهنجي وڊيو ۾ هن تي ڀارت ۽ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ناقص پرفارمنس جو مظاهرو ڪرڻ تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته ڀارتي ٽيم گيم فڪس ڪري ڇڏي آهي ۽ ڄاڻي واڻي ميچ هارائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ ڊونيٿ ويلالاگي چاليهه رنسون ڏئي ڀارت جي ٽاپ آرڊر جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته بيٽنگ ۾ 43 رنسون ٺاهيون!.

هن چيو ته سريلنڪا ميچ کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ڀارتي ۽ ٻين مُلڪن مان فون ڪالز اچي رهيون آهن ته ڀارت پاڪستان کي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي هارائي رهيو آهي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر شوقينن کان سوال ڪيو ته ڀارت ڇو سريلنڪا خلاف هارائڻ چاهي ٿو، جيتوڻيڪ هو ميچ کٽي فائنل کيڏڻ لاءِ پنهنجي سيٽ پڪي ڪري وٺندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.