ڀارت ۾ ٿيل ” جي 20“ گڏجاڻي

تحرير: نثار لغاري

ڀارت جي گاديءَ واري شهر نئين دهليءَ ۾ ٻه ڏينهن هلڻ کان پوءِ دنيا جي 20 سگهارين معيشتن جي گروپ ’جي 20’ جو اجلاس گذريل آچر تي پورو ٿيو.ان موقعي تي ڀارت جي وزير اعظم نريندر موديءَ گروپ جي صدارت برازيل جي صدر لولا ڊيسلوا جي حوالي ڪئي.

برازيل جي صدر ڪر کڻندڙ معيشتن جي مفاد کي وزن ڏيڻ تي ڀارت کي ساراهيو.وزير اعظم نريندر موديءَ پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ چيو ته هن ’ون ارٿ، ون فيملي، ون فيوچر’ سيشن ۾ وڏي پيماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.هن چيو ته کيس ان ڳالهه تي خوشي آهي ته اڄ ’ون ارٿ، ون فيملي، ون فيوچر‘ بابت اميد ڀرين ڪوششن جو پليٽ فارم هلي پيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ’’هتي اسان اهڙي ايندڙ وقت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جتي اسان ’عالمي ڳوٺ‘ جي ’عالمي ڪٽنب‘ کي حقيقت بڻجندي ڏسي رهيا آهيون.“

نئين دهليءَ مان سهيل انجم جي رپورٽ مطابق، مودي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي ٿيڻ وارن خيالن جي ڏي وٺ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نومبر ۾ ’ورچوئل اجلاس’ سڏائڻ جي تجويز ڏني. ڀارت نومبر تائين گروپ جو صدر آهي.برازيل جي صدر ڀارتي وزير اعظم جي ان ڳالهه تي مبارڪون ڏنيون ته اجلاس سماجي ڀائيچاري، بک جي خلاف جنگ، توانائيءَ جي منتقلي ۽ جٽادار ترقيءَ کي ’جي 20’ جي ترجيح قرار ڏنو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل کي ٻيهر سياسي طاقت بڻجڻ لاءِ نون ترقي ڪندڙ ملڪن کي مستقل رڪن جي حيثيت ڏيڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته اسان عالمي بينڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۾ اڀرندڙ ملڪن جي وڌيڪ نمائندگي گهُرون ٿا.

تجزيه نگارن مطابق، يوڪرين سيمت ٻين مختلف معاملن تي عالمي اڳواڻن جي وچ ۾ راءِ جو اتفاق، آفريقي يونين جي گروپ ۾ شامل ٿيڻ، عالمي اعتماد وڌائڻ جي اپيل، گلوبل بائيو فيول ايلائنس جي شروعات ۽ آمريڪا، ڀارت، سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن جي وچ ۾ نئين رابطي جي نيٽ ورڪ جي شروعات اجلاس ۾ مکيه حيثيت جا معاملا رهيا.

گروپ جي ميمبر ملڪن دهليءَ جي گڏيل بيان کي راءِ جي اتفاق سان منظور ڪيو، جنهن ۾ امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي خاطر ملڪن کان علائقائي سالميت ۽ عالمي انساني قانون کي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ميڊيا رپورٽن جي مطابق، چين ۽ روس به، جن جي اڳواڻن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، دهليءَ جي گڏيل بيان سان اتفاق ڪيو آهي.يوڪرين جي پرڏيهي وزارت پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته گڏيل اعلان ۾ ڪا فخر جي ڳالهه ڪانهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته يوڪرين جي موجودگيءَ سان اجلاس ۾ شريڪ وفد صورت حال جو بهتر اندازو لڳائي سگهيا ٿي.

اجلاس جي پهرئين ڏينهن تي وزير اعظم نريندر موديءَ نار وارن عرب ملڪن ۽ يورپ جي وچ ۾ اقتصادي راهداريءُ جو اعلان ڪيو.هوڏانهن آمريڪي صدر جو بائيڊن هن اقتصادي چوواٽي کي اهم واقعو قرار ڏنو آهي.تجزيه نگارن جي مطابق، اهو چوواٽو چين جي رٿا ’بيلٽ اينڊ روڊ’ جي جواب ۾ آهي.

ڀارتي خبرن جي اداري، ’اي اين آءِ’ مطابق، روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف روس يوڪرين جنگ جي مسئلي کي اجلاس تي حاوي ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ڀارت کي ساراهيو.هن اجلاس کان پوءِ اخباري ڪانفرنس ۾ اجلاس کي ڪامياب قرار ڏنو. سندس چواڻي، ڀارت اجلاس جي ايجنڊا کي’يوڪرينائز’ ڪرڻ جي اولهندي ملڪن جي ڪوشش کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو. لاوروف چيو ته کيس ميمبر ملڪن جي وچ ۾ راءِ جي اتفاق جي اميد نه هئي.

هڪ ڪامريڊ تجزيو ڪندي لکيو آھي ته روس ۽ چين جا صدر شريڪ نه پيا ٿين. ترقي ڪندڙ ايشيا جي ملڪن جو مطالبو آھي ته عالمي مھنگائي گھٽ ڪرڻ ۽ عالمي قرضن جي وياج ختم ڪرڻ جا فيصلا ڪيا وڃن. آمريڪا ۽ يورپ يوڪرين جي جنگ بابت روس جي مذمت جي گُھر ڪري پيو. ماحولياتي تبديليون ۽ بلاڪ چين ڪمپيوٽر مان ٺھيل ڊجيٽل پئسا به ايجنڊا جو حصو آهن. G20 ۾ وزيرن جي سطح تي ٿيل ڳالهيون ڪنھن حل تائين پهچي نه سگھيون آھن. جيئن ته G7 ۽ G20 بنيادي طرح آمريڪا جي اثر ھيٺ رھيا آھن، انھيءَ جي ڪري چين متبادل ادارا قائم ڪري رھيو آھي. جنھن ۾ شھنگائي ڪانفرنس، BRICS ۽ ٻيا اقتصادي ادارا آهن، جن کي وڌيڪ سگهارو ڪري متبادل طور تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ڊالر بدران ٻين ڪرنسين ۾ ڪاروبار کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ھن ڇڪتاڻ جا ڪارڻ آھن: ڇا دنيا آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ٺاھيل قانون تي ھلي يا دنيا ۾ اقتصادي ۽ سياسي طاقت جا ٻيا به محور ٺھن.

چين ۽ ڀارت دنيا جون ٻه وڏيون اسرندڙ طاقتون آھن. ھن وقت ڀارت جي معاشي ترقي جي رفتار چين کان وڌيڪ آهي، پر چين جي معاشي ترقي آمريڪا کانپوءِ ٻي نمبر تي آهي. آمريڪا چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجود تضادن کي تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. چين ۽ روس جي ملڪن جي وزيرن جي موجودگي ۽ سربراهن جي شرڪت نه ڪرڻ سان ڪانفرنس جي فيصلن  جي اھميت گھڻو گھٽجي وئي آهي، پر ڀارت عالمي سطح تي پنهنجي معاشي، سائنسي ۽ سياسي قوت تسليم ڪرائي چڪو آهي. ٻي طرف پاڪستان پنھنجن حڪمرانن جي لالچ، ڪرپشن، ضمير فروشي ۽ سامراج جي دلالي سبب ھن وقت دنيا جي غريب ڏيوالي نڪتل ملڪن ۾ شامل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.