پاڪستان ۾ اشرافيه جيتري قدر مزي ۽ عيش ۾ آھي، ھتان جو عوام ان کان به وڌيڪ عذاب ڀوڳي رھيو آھي. ھتي عام انسانن لاءِ جيئڻ جا دڳ روز بروز سوڙھا، تنگ ۽ تاريڪ ٿي رھيا آھن ته ٻئي طرف وري خاص ماڻھن لاءِ زندگي جون راھون ڏينھون ڏينھن ڪشاديون ۽ آسان ٿينديون پيون وڃن.
ڪيڏي نه عجيب، تعجب ۽ مشڪري جي ڳالهه آھي جو جن ماڻھن جي آمدني ۽ پگھار سندن ضرورت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آھي، مفت جون سڀئي سھولتون به انھن کي ئي ڏنيون وڃن ٿيون، جڏھن ته انھن سھولتن جا حقيقي حقدار پورھيت طبقو ۽ اھي ننڍا سرڪاري ملازم آھن، جن جون پگھارون بنھ گھٽ آھن، جنھن سان سندن بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين ۽ انھن لاءِ مھنگائي ڄڻ موت بڻجي چڪي آھي ۽ سندن زندگي جو ھر لمحو لمحه فڪر بڻجي ويو آھي، ھو ھڪ ويلو ڪيئي ويل ڪاٽڻ جي بعد ئي ٽاري سگھندا آھن، پر بي حس حڪمرانن ۽ اشرافيه کي ان ڳالهه جو ڪو احساس ناھي ته سندن خراب پاليسين سبب عام ماڻھن لاءِ زندگي ھڪ جبر بڻجي وئي آھي. جنھن سبب سندن حياتي جون سڀ حسناڪيون ختم ٿينديون پيون وڃن. اشرف المخلوقات (انسان) ۽ جانورن ۾ بنيادي فرق (احساس) گھڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪو آھي. ۽ ھيءُ معاشرو مھذب جي بدران جھنگ جھڙي دنيا ۾ تبديل ٿي رھيو آھي، جتي سگھارا جانور خود کي زنده رکڻ لاءِ ڪمزور جانورن تي ھلان ڪري کين چيري ڦاڙي پنھنجي خوراڪ بڻائي ڇڏيندا آھن.
ان ۾ ھاڻي ڪو ابھام ناھي رھيو ته اسان ھڪ زوال پذير ۽ جھنگ نما معاشري ۾ رھون ٿا، جتي جا سرمائيدار مڪمل طور تي خونخوار ۽ وحشي جانور بڻجي چڪا آھن، ڇو ته ھتي ھر ڪنھن پنھنجي زندگي جو مقصد رڳو پئسو ميڙڻ ۽ پنھنجي لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ کي بڻائي ورتو آھي. جيڪي خود کي جيئرو رکڻ لاءِ عوام کي معاشي لحاظ کان مارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچڻ لڳا آھن. اھي ماڻھون ناجائز پئسو ڪمائڻ جي لالچ ۾ روز مره جي استعمال ۾ ايندڙ شين جو ذخيزو ڪري انھن جو اگھه آسمان تي پھچائي ڇڏيو آھي، جنھن سبب ملڪ ۾ ھٿرادو مھنگائي جا طوفان ۽ بحران پيدا ٿي پيا آھن،
پاڪستان ۾ موجوده بحران پڻ انھن جا ئي پيدا ڪيل آھن، جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته سندن اھو عمل ھڪ حوالي سان رياستي رٽ کي چيلنج ڪرڻ جي مترادف پڻ آھي، پر رياستي ادارا اڄ ڏينھن تائين ان معاملي ۾ سواءِ سکڻين ڳالهه ين جي سندن خلاف ڪا ٺوس ڪارروائي ڪري ناھن سگھيا. جڏھن ھڪ رياست پنھنجي بنيادي افاديت وڃائي ويھندي آھي ته اتي ادارن جي بدران فرد طاقتور بڻجي ويندا آھن، جيڪي پنھنجي مفاد خاطر ملڪي قانون ۽ آئين کي ٽوڙڻ ۾ دير ئي ناھن لڳائيندا، جنھن جي نتيجي ۾ ملڪ ڪمزور بڻجي مسئلن ۽ بحرانن جي ور چڙھي ويندا آھن.
اھا اسان جي بدقسمتي آھي جو ھتي شروع کان ئي ادارن جي بالادستي قائم ڪرڻ جي بدران فردن کي طاقتور بڻايو ويو آھي، اھو ئي سبب آھي جو دنيا اڳتي ۽ اسان پٺتي جو سفر ڪري رھيا آھيون. دنيا جي ملڪن جي تاريخ پڙھي ڏسو! ھر ملڪ جي ماضي کان حال وڌيڪ بھتر ۽ سندن مستقبل روشن نظر ايندو، پر ان جي ابتڙ پاڪستان جي مستقبل ۽ حال کان ان جو ماضي ڪنھن قدر بھتر ڏسڻ ۾ ايندو آھي. آخر ايئن ڇو آھي ۽ ان جو ڪارڻ ڪھڙو آھي، جو اسان ترقي ڪرڻ جي بدران تباھي طرف وڌي رھيا آھيون؟ ان جو ھڪ مکيه سبب ته لاقانونيت آھي، جا پاڪستان ۾ ايامن کان جاري آھي. دنيا جون ترقي يافته قومون پنھنجي غلطين ۽ ناڪامين مان عبرت ۽ سبق حاصل ڪري آئنده جو لائحه عمل جوڙي اڳتي وڌنديون رھنديون آھن، جڏھن ته اسان وٽ اڳ ۾ آزمايل ۽ ناڪام ٿيل تجربا ٻيھر ۽ ھر ھر ڪيا ويندا آھن، جيڪو عمل تجربي خاطر زھر پيئڻ جيان آھي.
دنيا ۾ اھڙو ڪو به مسئلو ناھي، جنھن جو معقول ۽ مستقل حل موجود نه ھجي، پر ان سلسلي ۾ ماڻھو جو مخلص ۽ نيڪ نيت ھجڻ تمام گھڻو ضروري آھي. پر اسان جي حڪمرانن جي ايجنڊا ئي ڪجهھ الڳ ۽ انوکي آھي ته مسئلا حل ڪرڻ جي بدران بحران پيدا ڪندا رھو ته جيئن ان ۾ قوم کي الجھائي پنھنجي عياشي ۽ نااھلي کي لڪائي عوام جو معاشي استحصال جاري رکي سگھجي. مھانگائي بدامني اغواڪاري سميت ٻيا ھڙئي مسئلا جيڪي ملڪ ۾ سالن کان جاري آھن، جيڪي ايندڙ ڪيترن ئي سالن ۾ ختم ٿيندي نظر نٿا اچن، اھي سڀئي انھن جا ئي پيدا ڪيل آھن. ان قسم جو سمورو عمل اڪيلي سر ڪا به مخصوص ڌر ڪري نٿي سگھي، ان ۾ مٿين طبقي جا ماڻھون ھڪ ٻئي جا مددگار ۽ ڀرجھلا بڻيل آھن. مثال طور ذخيره اندوزي ڪرڻ واري عمل ۾ ضلعي جا اعلي علمدار به واپارين سان ٻٽ بڻجي وڃن ٿا، ھوئنن جن جي مرضي کان سواءِ ڪٿي ڪو ڪک به چري ناھي سگھندو. ذخيره اندوزي ڪرڻ ايتري قدر منافعي وارو ڪاروبار بڻجي چڪو آھي، جو واپاري کنڊ، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ وغيره اصلي اگھه کان ٻيڻ تي وڪرو ڪري ٻيڻو منافعو ڪمائي وٺن ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نااھلي سبب ھاڻ عام واپاري ته ٺھيو پر ننڍا ننڍا زميندار به پنھنجي گھرن ۽ اوطاقن ۾ ڪڻڪ جو اَن اسٽاڪ ڪرڻ لڳا آھن، جنھن سبب ايندڙ مھينن ۾ اٽي جي بحران جو امڪان پڻ آھي.
تازو آرمي چيف طرفان ذخيره اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ڳالهه سامھون آئي آھي. جنھن سان سون ڊالر ۽ کنڊ جي اگھن ۾ وڏي لاٿ اچي وئي آھي، ان لاءِ ئي چيو ويندو آھي ته سوٽي ھجي ساڻ ته گڏهه گوھي نه ڪري.ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي سخت عملي قدم کڻڻ ۽ گودامن تي ڇاپا ھڻڻ گھرجن. غير قانوني طور اسٽاڪ ٿيل سمورو مال سرڪاري تحويل ۾ وٺي ضبط ڪرڻ گھرجي، جنھن سان ھڪ مافيا کي مات پڻ ملندي ۽ ھٿرادو مھانگائي جو خاتمو به يقيني بڻجي ويندو.