"اسين سوجھرو آھيون”

تحرير: شازيه مظهر

ڪائونسلنگ سينٽر ۾ پنھنجي ھڪ پراڻي ساهيڙي سميرا سان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو. سميرا کي شروع کان ئي ٻارن جي نفسيات کي سمجھڻ ۽ پڙھڻ  جو تمام گھڻو شوق ھيو.  ھن فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ  ھن پرڏيهه مان تعليم به حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ  ھن ڪراچي ۾ ھڪ ڪائونسلنگ سينٽر "پنھنجي ٻارن کي سمجھو” جي نالي سان کوليو. ان ڪائونسلنگ سينٽر ۾ ھوءَ غريبن جي ٻارن جو علاج مفت ڪندي ھئي. مزي جي ڳالھه چوان يا ستم ظريفي ته غريبن جا ٻار ھن سينٽر ۾ ايندا ئي ڪونه  ھيا ڇو جو انھن جي مائٽن  ۾  تعليم جي گهٽائي سبب اھو شعور ئي ڪونه  ھوندو آھي ته ٻارن ۾ ڪھڙي نفسياتي تبديلي اچي پئي ۽ ھن کي ڪيئن ڏسجي ھو انھيءَ تبديلي کي ڪنھن جن ڀوت يا غيبائت سان منسوب ڪري ڇڏيندا آهن.

خير آئون ھن جي سينٽر ۾ جيئن پھتم ته  مونکي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. هال ۾ داخل ٿيم ته ڏسان کور سارا ٻار موجود ھئا پر سڀ  وڏي گھراڻي سان تعلق رکندڙ پئي لڳا. ڪنھن کي صفا خاموش ڏٺم، ڪو وري پنهنجو پاڻ سان ڳالھائي پيو. ھڪ ٻار لاڳيتو ڇت ۾ پئي نيھاريو. اهو سڀ  ڏسي دل تمام گهڻي اداس ٿي وئي. ڪجھه  ٻارن کي ڏسي ايئن لڳو ته  ڄڻ انھن جي ھٿ ۾ موبائل فون ھجي ۽ اهي ھٿن جي اشارن سان فون ھلائيندي نظر پئي آيا، اھو سڀ  ڏسي مون محسوس ڪيو ته  ٻارن  جو حد کان وڌيڪ موبائل ھلائڻ ڪيڏو نقصان پهچائيندڙ  آھي . انھن ۾ ھڪ ٻار جيڪو لڳ ڀڳ تيرھن چوڏھن سالن جو پئي لڳو ،  سو ھر ھر پنھنجي شلوار کي پڪڙي پيو ۽ ھڪ ئي جملو پئي ورجايو ته منهنجي شلوار کي نه لاهيو. سندس مائٽ صفا غريب ۽ اٻوجهه پئي لڳا، ماءُ  جا ڳوڙھا ڏسي مونکي پريشاني ٿي، مون انھن کان پڇيو ھن کي ڇا ٿيو آهي، ھي ايئن  ڇو پيو ڪري؟ سندس صفا سادي ۽ اڻ پڙھيل ماءُ ھئي، ٻڌائي پئي ته امان منھنجي پٽ کي جن جو اثر ٿي پيو آهي پر ھن جو پيءُ زوريءَ شھر وٺي آيو اٿس، ھاڻي ھي چون ٿا ته ھن سان ڪو غلط ڪم ٿيو آهي. ايتري ٻار سان ڪير غلط ڪندو امان تون ٻڌاءِ.

آئون اھو سڀ  ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويم،  ھن مائي کي ڇا چوان ته تون ھڪ سادي اٻوجهه مائي آھين، توکي ڪھڙي خبر ھن دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ڪيئن  رھزن گھمن ٿا  ڪيئن  سوشل ميڊيا تي ننڍڙن ٻارن جا فوٽو کڻي اگهاڙيون ويڊيوز ٺاھيون پئي و وڃن ۽ بدقسمتي سان اسان جو ملڪ ھن ۾ سڀ  کان اڳتي آھي. جنھن ملڪ جو بنياد اسلام جي نالي تي هجي ۽  اھو ملڪ گندي ۽ غليظ  حرڪتن ۾ پنھنجو ريڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي.ھن ويچاريءَ کي ڪھڙي خبر ته جن مدرسن ۽ درسگاھن ۾ اسان جا پنھنجا ٻار اھو سوچي موڪليا ويندا آھن ته اھي ھڪ ڏينھن سٺا ماڻهو بڻجي نڪرندا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انھن درسگاھن ۽ مدرسن جي اونداهن  ڪمرن مان ايندڙ نسل، نفسياتي، وحشي ۽ بي حس ماڻھو بڻجي نڪرندا آهن. ڪنھن دور ۾ مدرسن ۽ درسگاھن مان عالم پيدا ٿيندا ھيا پر ھاڻي انھن درسگاھن جي اونداهن ڪمرن مان ٻوسٽ زده روح پروان چڙھي ٿو جيڪو معاشري کي جهالت ۾ ٻوڙي پيو ڇڏي. ھن ويچاريءَ کي ڪھڙي خبر ته اڄ جو وڏو ديو يا جن ته  انسان آھي.

مون ھن اٻوجهه عورت کي دلاسو ڏنو ته پريشان نه ٿيو، اوھان جو ننڍڙو جلد ٺيڪ ٿي ويندو.  ڇوڪرو کي جنھن جو نالو محمود ھو تنھن جي بيچيني ڏسي ٻاھر ويٺل اسسٽنٽ جلدي اندر موڪليائين . ماءُ  پيءُ  ٻئي سھڪندا سھڪندا پنھنجي پٽ کي اندر وٺي ويا، جنھن جو ھٿ لاڳيتو شلوار ۾ ھو. محمود کي ڏسي مونکي لڳو  پيو  ته ساڻس تمام غلط ٿيو آهي ڇا ٿيو آهي، اھو سميرا سان ملڻ کان پوءِ  خبر پئي.  سميرا کي جيئن منھنجي خبر پئي، ھن مونکي پنهنجي اسسٽنٽ جي ذريعي گھرايو، پر مون منع ڪري ڇڏيو، ڇو ته مونکي محمود جي باري ۾ معلوم ڪرڻو ھو. مان چاهيو پئي  ته سميرا سڀني کي اطمينان سان ڏسي وٺي پوءِ  مونکي محمود بابت تفصيل سان ۽ سڪون سان  ٻڌائي.

مونکي سميرا جي سينٽر جو نالو پسند آيو ته ”پنهنجي ٻارن کي سمجھو“ اسان ٻار ته پئدا ڪريون ٿا پر انھن کي سمجھڻ جي ڪڏھن به ڪوشش ناھيون ڪندا، سندن گهرجون ته پوريون ڪندا آھيون پر انھن جي من اندر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي باري ۾  ڌيان ئي ناهيون  ڏيندا. اندر جون ضرورتون انھن جي دل ۽ دماغ ۾ ھلندڙ جنگ آھي، ٻار وڏي ڪشمڪش جو شڪار رھندا آھن .  بظاھر خوش نظر ايندڙ ٻار پنهنجي اندر جي بيچيني کي ڪيئن  ٿو ھينڊل ڪري اھو ھو ٻار ئي ڄاڻي ٿو. اسڪولن ۾ ايترو ٻار جو وزن ناھي ھوندو جيترو سندن ڪتابن جي ٿيلهي جو وزن ھوندو آھي ۽ اھو وزن زبردستي انھن جي معصوم ذھنن ۾ وڌو ويندو آھي. ھڪ مضمون جا ٽي ٽي ڪتاب ۽ نصاب اھڙو ڏکيو جو ٻار ويچارا پنهنجي ننڍپڻ سان کيڏڻ بدران سبق ياد ڪرڻ جي پريشاني ۾ وٺجي ويندا آهن. ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھا پريشاني انھن کي مختلف نفسياتي مرضن ۾ وڪوڙي ڇڏيندي آهي

آئون سوچن ۾ الائي ڪٿي گم ٿي ويس .ايتري ۾ مونکي سميرا فون ڪري اندر گھرايو. اندر ويندي ئي مون سميرا کان محمود جي بابت پڇا ڪئي. ڪير محمود سميرا کي حيرت ٿي ته ھي ڪھڙي محمود جي باري ۾ پڇا پئي ڪري. يار سميرا،  تو وارو پيشنٽ محمود جنھن کي تون ٿوري دير اڳ ڏٺو. او يس يس ھا يار محمود جي ھڪ وڏي ڏکوئيندڙ ڪھاڻي آھي. ڏک ٿيندو آهي ھن کي ڏسي ھي ھاڻي پوءِ  به پھريان کان ٿورو بھتر ٿيو آهي.  ٻڌائي نه ته ڇا ٿيو آهي اصل ۾ ھن سان.زيادتي سا به روز جي بنياد تي ٿيندي هئي. ڇا؟ جي ھا. او ماءِ گاڊ پر ڪيئن  .

ھي جڏھن ستن اٺن ورھين جو ھو ته توکي خبر آهي قدرتي طور ھر ٻار ۾ ھن عمر ۾ ھارمونلز تبديليون اينديون رھنديون آھن. ڪنهن ۾ گھٽ ته ڪنھن ۾ وڌيڪ . اھڙي قسم جون ھارمونلز تبديليون، ٻارن کي سيڪس جي طرف به متوجهه ڪنديون آهن ۽ ھو ھو پنھنجي پرائيويٽ پارٽس تي توجهه ڏيڻ شروع ڪندا  آھن. ھڪ ڏينھن محمود گھر ۾ ڪنھن ڪنڊ ۾ ويھي ڪا غلط حرڪت ڪري رھيو ھو، سندس ماءُ جي نظر پئجي ويس. ماءُ ڪٽڻ شروع ٿي ويس ايتري ۾ ھن جو پيءُ  به گھر ۾ داخل ٿيو. ھن کي جڏھن ان ڳالهه خبر پئي ته ھن به کيس تمام گھڻي مار ڏني ۽ پاڙي ۾ موجود ھڪ مدرسي ۾ وٺي ويس. مولوي کي چيائين  ته مان پنهنجو  ھي پٽ توهان جي حوالي ٿو ڪيان ھن کي قرآن شريف جي تعليم ۽ مذھب جي باري ۾ ڄاڻ ڏيوس، ھي غلط رستي تي نڪري ويو آهي. ملي چيو بس تون ڳڻتي نه ڪر مون وٽ اھڙا کوڙ ٻار ايندا آهن منٽن ۾ صحيح ٿي ويندا آهن. تون بي فڪر ٿي ڪري ھليو وڃ.

محمود جو پيءُ  پٽ کي مولوي جي حوالي ڪري گھر ھليو ويو. ماءُ  پيءُ  ٻئي خوش ھيا ته اسان جو ٻچڙو ديني تعليم پيو حاصل ڪري ۽ ھڪ ڏينھن سٺو انسان ٿي موٽي ايندو انھن کي ڪھڙي خبر ته ھو پنھنجي ٻار کي بگھڙن جي حوالي ڪري آيا آھن . ھو ڇا ڄاڻن ته ھي دنيا معصوم ٻارن لاءِ  درنده صفت ٿي وئي آهي پر وحشين کان به وڌيڪ ڀوائتي. ھتي درسگاھن ۾ پوءِ  ھو ديني ھجن يا دنياوي، وحشي جانورن جي آماجگاھ بڻجي چڪا آهن. محمود سان روز غلط ڪم ٿيندو رھيو ۽ ھو اهو سڀ  سھندو رھيو. ڪچي ٻاراڻي عمر ھيس. پر ھڪ ڏينھن جڏھن پيءُ  ڪافي عرصي کان پوءِ  ملڻ آيس ته پٽ کي ڏسي رڙ نڪري ويس ڇو جو محمود صفا ڪمزور ۽ ھلڻ کان لاچار پئي  لڳو، ھن مولويءَ کي دانهن ڏيندي پڇيو ته ھي منھنجي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي، ملي لاتعلقي جو اظھار ڪري ڪاوڙ مان چيس ته پنهنجي پٽ کي گھر وٺي وڃ، ھي ڪنھن ڪم جو ڪونھي، عالم نٿو ٿي سگھي. قرآن شريف جي تعليم مان ھي ڇا ڄاڻي، تنھنجو پٽ نڀاڳو آھي. نڀاڳو ته اصل ۾ ملو پاڻ ھيو جنھن اسلام جھڙي مذھب کي رسوا ڪيو آهي.

گھر ۾ محمود صفا ماٺ رھڻ لڳو ۽ ننڊ ۾ رڙيون ڪندو ھو ته مونکي ڇڏيو. منهنجي شلوار نه لاھيو، مونکي نه ماريو .ايئن  ڪري ڪري ھو صفا چريو ٿي پيو ۽ گھر کان ٻاھر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائين،  بس رڙيون ڪندو رهندو هو. ھن جي اھا حالت ڏسي سندس چاچو جيڪو ڪراچي ۾ رھندو ھيو  ۽ ڪجھه  پڙھيل لکيل ھيو سو محمود کي سندس ماءُ  پيءُ  سان گڏ ڪراچي وٺي آيو،  جتي ھڪ ھاسپٽل ۾ سندس طبي معائنو ڪرايو   جنھن ۾ خبر پئي ته ھن سان ڪافي عرصي تائين زيادتي ٿيندي رهي  آهي.  ڊاڪٽر علاج کان پوءِ  ھن کي ذھني صحت جي علاج لاءِ  مشورو ڏنو ۽ محمود ھن ريت مون وٽ آيو، ھن وقت محمود صفا ذھني طور ختم ٿي چڪو ھو، پر پوءِ  به لاڳيتو ڪائوسلنگ کان پوءِ  ھي ڪجھه  بھتر ٿيو آهي.

سميرا اھو سڀ  ٻڌائي ٿڌو ساھ کڻي چپ ٿي وئي. پر منهنجي دنيا لٽي وئي مونکي ھن دنيا کان نفرت پيدا ٿيڻ لڳي. مون سميرا کي چيو ته ھي دنيا ڪني آھي  يار اھڙي دنيا ۾ جيئڻ  جي حسرت ئي ختم ٿي  وئي آهي. پر سميرا جي انهن جملن مون ۾ جيئڻ  جو حوصلو پيدا ڪري ڇڏيو. ڏس، ھيءَ دنيا ڀلي ڪني ھجي، توکي اها ڪني ٿي لڳي ان جو مطلب تون سٺي آھين ۽ اھڙا کوڙ سارا ماڻھو ھوندا، جنھن کي ھيءَ دنيا ڪني لڳندي ھوندي، ان جو مطلب ته ھو سٺا آھن. پوءِ ھي سٺا ماڻھو، ھن گندي دنيا کي سٺو به ته ڪري سگھن ٿا. اسان انھن وحشي حيوانن کي علم ۽ شعور جي مار به ته ڏئي سگھون  ٿا اسان پنھنجي طريقي سان پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھون ٿا جيئن آئون محمود کي ٺيڪ ڪري پنھنجو ڪردار ادا ڪيان پئي، اھڙي ريت تون به پنھنجي لکڻي ذريعي معاشري جي اونداھيءَ کي سوجھري ۾ تبديل ڪري سگھن ٿي، اسان سوجھرو آھيون ۽ ھي اونداهي آھن، اسان پنهنجي سوجھري سان ھن اونداهي کي ھميشھ لاءِ  ختم  ڪري سگھون ٿا.

آئون ھڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان ڪائونسلنگ سينٽر مان ٻاھر نڪري ويس  ۽ ھي جملا منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته ”اسين پنهنجي سوجھري سان ھن اونداهي کي مٽائي سگھون ٿا.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.