پي ٽي آءِ جلسو: گنداپور جي خطاب دوران ڪارڪن آپي مان نڪري ويا، اسٽيج ڏانهن بوتلون اُڇلايون، نعريبازي

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف( پي ٽي آءِ ) جي جلسي دوران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خطاب دوران ڪارڪنن اسٽيج ڏانهن بوتلون اُڇلايون.
پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي دوران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خطاب ڪيو ۽ چيو ته حقيقي آزادي جي جنگ جاري رهندي، ملڪ ۾ عدليه کي پيغام ڏيون ٿا ته آئين تحت انصاف ڏيو.
هن چيو ته عمران خان، سندس گهرواري ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي انصاف ڏيو، سڀ ادارا جيستائين تائين آئين تحت ڪم نه ڪندا، آواز اٿارينداسين.
هن چيو ته فيلڊ مارشل صاحب 25 ڪروڙ عوام جو سپهه سالار آهن، پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي سڄي قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڀارت سان جنگ دوران عمران خان چيو ته عوام فوج جو ساٿ ڏئي.
علي امين گنڊاپور جي خطاب دوران ڪارڪنن اسٽيج ڏانهن بوتلون اُڇلايون ۽ سندس جي خلاف نعرا پڻ لڳايا.
ٻئي پاسي، جلسي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن عورتن جي انڪلوزر ۾ داخل ٿي ويا ۽ عورتن جي سيٽن تي ويهي رهيا، جنهن تي پوليس ڌِڪا ڏئي ڪارڪنن کي پنڊال مان ٻاهر ڪڍيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.