ٻين کاڌي پيتي جي شين وانگر کنڊ جو اگهه به وڌي ويو آهي. کنڊ جي قيمت ۾ جيڪو اضافو ٿيو آهي سو رڪارڊ ٽوڙ آهي. هن کان اڳ ۾ ، ڪنهن به شيءِ جو ايترو اگهه ڪونه وڌيو. پر، هن وقت کنڊ سو سيڪڙو کان به وڌيڪ مهانگي ٿي آهي. واپاري حضرات هٿرادو اگهه وٺي رهيا آهن. ڪي واپاري کنڊ جي ذخيره اندوزي ڪن پيا. جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ کنڊ جي کوٽ پيدا ٿي آهي. کوٽ جي ڪري اها بليڪ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. حالانڪه سڄي ملڪ ۾ کوڙ شگر ملون موجود آهن. رڳو سنڌ ۾ ئي هڪ ئي گروپ جون ويهارو کن ملون آهن. تنهن هوندي به کنڊ جي کوٽ آهي. جيڪا نه هئڻ گهرجي. پر، خبر ناهي ته انهن ملن جي کنڊ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته مل وارا گودام ڀري اسٽاڪ ڪندا هجن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ، مذڪوره ملن جي کنڊ ڀرپاسي جي ملڪن ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. اها اسملنگ ٿي رهي آهي. ايتري قدر چيو پيو وڃي ته اها افغانستان ۽ ايران ۾ موڪلي پئي وڃي. چمن واري رستي سان ڄاڻايل ملڪن ۾ وڏا ٽرالا ڀرجي وڃي رهيا آهن. ملون بااثر ماڻهن جون آهن. جنهن ڪري انهن ٽرالن ۽ ٽرڪن کي ڪونه ٿو روڪيو وڃي جن ۾ کنڊ پرڏيهه وڃي رهي آهي. ڪو به پڇاڻو نه آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ملز مالڪان اثر رسوخ وارا آهن. سندن ڪير به نالو وٺڻ وارو ڪونه آهي. هو قانون کان ، سگهارا ۽ طاقتور آهن. جنهن ڪري قانون ، بي وس بنجي خاموشي اختيار ڪئي آهي. اها خاموشي خبر ناهي ته ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ قانون حرڪت ۾ ايندو.
اها به مڃيل حقيقت آهي ته ، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ڪنهن به شيءِ جو اگهه هڪ دفعو وڌيو آهي ته اهو ڪڏهن به هيٺ ڪونه لٿو آهي. پوءِ ڪيترا به هيلا هلايا وڃن، وسيلا ۽ ذريعا استعمال ڪجن. احتجاج ڪيا وڃن. ريليون ڪڍيون وڃن. پريس ڪانفرنسون ڪيون وڃن. ڌرڻا هنيا وڃن ۽ هڙتالون ٿينديون رهن. پر، انهن جو ڪو به نتيجو ڪونه نڪرندو آهي. حڪمران عوام جي رڙين ۽ دانهن ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڏيندا آهن. ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته اهڙا کوڙ سارا مثال ذهن جي اسڪرين تي اچي ويندا. گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ڪونه آهي. تازو ، بجلي في يونٽ جي اگهه ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. سڄي ملڪ جي عوام حڪومت جي ان فيصلي کي رد ڪيو آهي. عوام ان فيصلي جي خلاف آواز بلند ڪيو. بلن کي باهيون ڏنيون پر، موجوده حڪومت هڪ به ڪونه ٻڌي ۽ پنهنجي فيصلي کي واپس ڪونه ورتو بلڪ ان کي برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. عوام ته لاچار ، مجبور ۽ بيوس آهي. رڙيون ڪندي خاموش ٿي ويندو. نگران حڪومت پنهنجي ضد تي قائم آهي. شايد ، کيس اقتدار ۾ گهڻو وقت رهڻ جو ارادو آهي جو اهڙا فيصلا مڙهيندي رهي ٿي. ان ڏس ۾ بس ، هيءَ مثال ڪافي آهي جنهن مان ثابت ٿيو ته ، ڪنهن به شيءِ جو هڪ دفعو اگهه وڌيو سو ٻيهر ڪڏهن به گهٽجندو ڪونه. شايد ماضي وانگر کنڊ جو اگهه هيٺ ڪيرايو نه وڃي. پر، حالتن کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ، کنڊو جون قيمتون اڃا به وڌايون وينديون. اهو به ممڪن آهي ته حڪومت واپارين کي فائدو ڏيڻ لاءِ ، عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙڻ جي ڪوشش ڪري يا شگر ملز مالڪان کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ امير ڪرڻ لاءِ کنڊ جي قيمتن کي وڌائي ڇڏي. غريب عوام ڀلي مفلس رهي ۽ پريشان هجي. حڪومت کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه ڪونه ٿيندي. اڳ ۾ ئي چيو پيو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ غربت جي شرح وڌيڪ آهي. ويتر اهڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪئي ويئي ته ، اڃا وڌيڪ غربت ٿيندي يعني غربت ۾ واڌارو ٿيندو. غربت جي ڪري عوام کي پريشانين ، تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. جڏهن ته هن وقت به عوام جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. عوام جي پريشانين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اهو ، حال آئنده به برقرار رهيو ۽ ساڳيو ڏسڻ ۾ آيو ته پوءِ ياد رکجو ته ، ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿيڻ ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻو آهي. اسان وٽان غربت هر گز ختم ٿي نه ٿي سگهي. ملڪ ۾ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون ويون آهن. جن موجب ، هتي امير ، امير ترين ۽ غريب ، غريب ترين ٿيندو پيو وڃي. جيڪي غريب آهن. تن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ وجهه فراهم ڪونه ٿا ڪيا وڃن. اهي روزگار لاءِ واجهائيندا رهن ٿا. حڪومت وٽان ، کين ڪو به رليف ڪونه ٿو ڏنو وڃي ۽ نه وري ڪا مالي امدادي به ڪئي وڃي ٿي.
هينئر اهو محسوس ٿئي پيو ته عوام بي سهارا ، بي يارو مددگار ٿي ويو آهي. حڪومت ، کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ کنڊ جو مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ تي ڪو به نوٽيس ڪونه ٿي وٺي. هر، شهر ۾ کنڊ جا مختلف ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن. کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري معاشري تي ناڪاري ، منفي ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن. جن به شين ۾ کنڊ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهي سموريون شيون مهانگيون ٿيون آهن. هوٽلن ۾ چانهه جي هڪ ڪوپ جي قيمت به وڌي ويئي آهي. مختلف مٺاين ٺاهڻ ۾ به کنڊ استعمال ڪئي وڃي ٿي. جنهن ڪري مٺاين جهڙوڪ حلوو ، مائو ، جليبي ، رس گلا ، لڏون ، جامن ، بوندي ، توشا ٽڪيون وعيره جا به اگهه ڳاٽي ٽوڙ وڌيا آهن. اهي مٺايون غريبن جي خريد ڪرڻ کان گهڻو مٿي آهن. هو ، هي هر گز خريد ڪري نه ٿا سگهن. گهرن ۾ کاڌو تيار ڪرڻ مهل جن طعامن ۾ کنڊ استعمال ٿئي ٿي. اهي طعام به تيار ڪونه ٿا ڪيا وڃن. بيڪري جي بسڪوٽن ۽ ڪيڪن جا اگهه به مٿي چڙهي ويا آهن. هن وقت مٺائي جي دوڪانن ۽ بيڪرين جا ڌنڌا به گهٽجي ويا آهن. سندن ڪاروبار کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ڪاپاري نقصان پيو ٿئي. جنهن ڪري اهي به ڏاڍا پريشان نظر اچن ٿا. سندن چوڻ آهي ته ، کنڊ جو اگهه ايئن وڌندو رهيو ته پوءِ کين شايد اهو ڪاروبار بند ڪرڻو پئجي وڃي. پوءِ ٻئي ڪنهن ڌنڌي ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو. جتان روزانه ٻه روپيا اچن جو گهر جو گاڏو هلائي سگهجي. هاڻ ، سندن گذران ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. ان ڪري اهي مونجهاري ۾ پئجي ويا آهن.
حالت اها آهي جو ، کنڊ مهانگي ٿيڻ کان پوءِ ڳڙ به مهانگو ٿي ويو آهي. ڳڙ جي واپارين جي الله ٻڌي آهي. سندن ٻئي هٿ گيهه ۾ پئجي ويا آهن. اهي سرها ۽ خوش ڏسڻ ۾ اچان ٿا. هو به وقت جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ غريب عوام کي ڦريندا وتن. معلوم ٿيو آهي ته ، مارڪيٽ ۾ به ڳڙ ، جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي. جيڪا واپارين جي هٿ سان پيدا ڪيل آهي. هاڻ ، ڳڙ جي به ذخيره اندوزي ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي طرفان ڪو به پڇاڻو ڪونه ڪيو پيو وڃي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ، ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا به شيءِ موجود ڪونه آهي. نالي ماتر حڪومت هلي پئي. جنهن ڪري واپارين جو من وڌندو پيو وڃي. کين جيئن وڻي تيئن هٿرادو اگهه مقرر ڪري عوام کي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن. هاڻ ، موجوده نگران حڪومت کي گهرجي ته ، کنڊ جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري ۽ کنڊ جي وڌيل قيمتن وارو فيصلو واپس وٺي عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، کنڊ ۽ ڳڙ جي واپارين جي ڪن مروٽ ڪرڻ به وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ذخيره اندوزي کان پاسو ڪن ۽ مناسب قيمت سان ڄاڻايل شين جو واپار ڪن. عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪن. ان سلسلي ۾ ، حڪومت کي ڪو خاص فورس مقرر ڪرڻ گهرجي. جيڪو قيمتن تي نظر رکي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته مهانگائي اڃا وڌندي پوءِ عوام ۾ اضطرابي ۽ بي آرامي واري ڪيفيت پيدا ٿيندي ۽ ماڻهو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. اڳ ۾ ئي عوام تاءَ ، ڪاوڙ ۽ غصي ۾ آهي. هاڻ ان ڪاوڙ کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ، حڪومت کي موزون ۽ معقول قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ واپارين کي به ڍر ڏيڻ نه گهرجي جن مذڪوره معاملي ۾ ، قاعدن ۽ قانونن کي نظرانداز ڪيو آهي.