ڪنڌ ڪوٽ مان وڌيڪ ٽي پورھيت اغوا ٿي ويا

ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي جي لاءِ احتجاج جاري آھي تھ وري ساڳئي علائقي مان وڌيڪ ٽي پورھيت اغوا ٿي ويا آھن.جنھن مان ثابت ٿي رھيو آھي تھ انھيءِ علائقي ۾ حڪومت جي رٽ مڪمل طور ختم ٿي وئي آھي.تازي اغوا جي واردات ڪنڌڪوٽ ڀرسان ملير انڊس ھاءِ وي تي  ٿي آھي،جتي بلوچستان کان پنجاب ڏانھن ويندڙ ٽرڪن تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري، ٽرڪن جي ٽائرن کي گوليون هنيون ،جنھن تي ٽرڪون رڪجي ويون.جنھن بعد  ھٿياربند ٽن ڄڻن قدير، جھانزيب ۽  محمد ياسين کي اغوا ڪري ويا هئا.

اھڙي واقعي بعد ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽ يونين پاران احتجاج ڪيو ويو. واقعي واري ھنڌ تي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو ٻئي ڏينهن تائين به جاري رھيو. ڌرڻي سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏانھن  ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٻن ڏينهن کان وٺي  رڪيل آھي.ان دوارن پوليس جي دعويٰ آھي تھ ھڪ ٽرڪ ڊرائيور جهانزيب کي پوليس ھٿياربندن کان ڇڏائي ورتو آھي.

سنڌ ۾ اترين ضلعن ۾ڪافي وقت کان اغوا جون ورداتون عام آھن،بدامني جي اھڙي باھ خلاف دانھن ڪرڻ بعد عوام شٽر بند ھڙتال ڪري ڌرڻا ھڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي.اھڙي سنگين ڏوھن تي بھ اختيارين جڏھن ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو تھ ان جو  سموري سنڌ ۾ ردعمل ظاھر ٿيو آھي، ھن وقت بھ سنڌ جي مخلتف ھنڌن تي احتجاج جو سلسلو جاري آھي. جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تھ ھاڻي عام ماڻھو مڪمل طور تي سنڌ ۾ جاري بدامني کان بيزار ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي مقامي پوليس ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ضلعي ۾ عوام جي اندر اھڙي ڪا اميد پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي،جنھن سان ماڻھن کي تحفظ جو احساس ٿئي.

حڪومت جو آئيني،قانوني۽ اخلاقي طور اھو فرض ٿئي ٿو تھ عوام جو تحفظ ڪيو وڃي پر ان پاسي ڪو بھ ڌيان نھ پيو ڏنو وڃي.جنھن ڪري حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اڳي ئي موجود فرق ۽ ويڇو وڌي رھيو آھي.جنھن جو اثر سموري معاشري تي پئجي رھيو آھي.جنھن ڪري علائقي ۾ ڪاروبار ڪندڙ ڌريون ۽ پورھيت  ماڻھو خوف واري ڪيفيت ۾ گھاري رھيا آھن.اختيارين طرفان اھڙي قسم جي لاپرواھي جو ئي نتيجو آھي جو ڌاڙيلن وٽان ايترا مغوي واپس نھ ٿيا آھن،ھن وقت تائين بھ ڪافي مغوي ھٿياربندن وٽ موجود آھن،مٿان واري ڏوھاري ماڻھو سرعام وارداتون ڪري رھيا آھن.

ڪنھن بھ معاشري ۾ رواجي زندگيءُ جي لاءَ امن امان جو بھتر ھئڻ لازمي آھي،ان بعد ئي زندگيءَ جي ٻين شعبن کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو.تڏھن ئي ماڻھو پنھنجي ڪم ڪار ۾ آزاد ھوندا ۽ ان جو معاشري کي ڪو فائدو پھچي سگھندو،پر خوف جي ڪري ڪنھن بھ ماڻھو کان جوڳو ڪم نھ ٿي سگھندو، اھڙي ريت سماجي ترقي جو ڦيٿو مڪمل جام ٿي ويندو،جنھن جو ھر سطح تي وڏو نقصان سھڻو پوندو.

حڪومت کي گھرجي تھ اتر سنڌ خاص ڪري ڪنڌ ڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ پوليس کي فري ھينڊ ڏئي جئين امن امان کي بھتر ڪري سگھجي ٻئي صورت ۾ ماڻھن جي اندر ڀرجندڙ ڪاوڙ ڪنھن وڏي ڌماڪي جي صورت ۾ ٻاھر نڪري سگھي ٿي.

ڌارين کي نيڪالي ڏئي امن امان بھتر ڪيو وڃي

حڪومت ان ڳالھه کان آگاھ ھوندي شھرن ۾ ڏوھن جي وڌندر گراف جو  جو ھڪ وڏو سبب غيرقانوني طور آيل غير ملڪي ۽ ڌاريا ئي آھن،اھڙو اظھار ڪافي ڀيرا ڪيو ويوآھي.خاص طور تي ڪراچي بد امني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چٽي نموني چيو ھو تھ ڪراچي ۾ غيرقانوني طور رھندڙ ڌاريا ڏوھن ۾ ملوث آھن.

سياست جون پنھنجون مصلحتون آھن،پر ان  لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي وڏي قيمت چڪائڻي پئجي رھي آھي ڌارين جو مسئلو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي.ڪيترائي ئي سبب آھن جنھن ڪري غيرملڪي توڻي ڌاريا سنڌ جو رخ ڪن ٿا.ان لاءِانھيءَ  وقت جون حڪومتون انھن  لاءِ سھولتون پڻ پيدا ڪنديون رھيون آھن.

خاص ڪري 1980کان پوءِ ڌارين جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۽ اتي اچي پراپرٽيز خريد ڪرڻ جو سلسلو وڌيو ھو.ان کي روڪڻ لاءِ ڪي بھ جوڳا اپاءَ نھ ورتا ويا،نتيجي ۾ ھاڻي جڏھن صوبي ۽ ملڪ  جي وسيلن تي دٻاءُ وڌيو آھي تھ مختلف آبادين ۾ تڪرار اڀري رھيا آھن،جنھن ڪري ھاڻي اھو به ضروري ٿي ويو آھي تھ غيرقانوني طور سنڌ ۾ آيل ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.

ٽن سامونڊي پورٽس مان ٻھ ڪراچي ۾ آھن،جتان دنيا سان واپار جو سلسلو جاري رھي ٿو جنھن ڪري ان سنڌ جي واحد پورٽ سٽي تي آبادي جو دٻاءُ وڌي رھيو آھي،ماڻھو ھتي روزگار جي سلسلي ۾بھ  اچن ٿا.ڪراچي صنعتي شھر ھجڻ ڪري روزگار جا وسيلا بھ آھن. اھو بھ درست ھجي تھ ڪراچي ھر فرد کي پناھ ڏئي ٿو، پر ان شھر کي وڏي قيمت بھ ادا ڪرڻي پوي ٿي.

صوبي جي مقامي ماڻھن جي لاءِ سھولتون فراھم ڪندڙن ادارن جي وسيلن تي پريشر وڌي رھيو آھي.ڪراچي جي آبادي وڌڻ  ڪري گئس، بجلي، پاڻي،رھائش ۽ ٽرانسپورٽ جھڙين سھولتن جي کوٽ جنم ورتو آھي. وڏن شھرن ۾ وارداتن جو گراف پڻ وڌي رھيو آھي،جنھن ۾ ڪجھھ ادارن جا ماڻھو بھ سڌي ۽ اڻسڌي ريت ملوث آھن،ان ڪري غير قانوني طور آيلن جي نيڪالي بابت  حڪومت کي فوري فيصلو ڪري ان  تي سختي سان عمل ڪرڻ گھرجي.

افغانستان جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ ڪري وڏي انگ ۾ افغاني مھاجرن جي  ملڪ ۾ آمد جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو ھو اھو ھن وقت تائين بھ جاري آھي.جنھن جو ھڪ وڏو نقصان خود خيبرپختونخواھ ۾ نظر اچي رھيو آھي.

40 سالن جي جھاد باجود افغانستان ۾ اقتدار تي طالبان جي ڪيل قبضي کانپوءِ بھ افغاني شھري وري ھجرت ڪري پاڪستان  پھتا آھن.

تازو حڪومت ڌارين ۽ خاص ڪري افغانين بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي ڳالھھ تھ ڪئي آھي پر ان کي اڃا چٽو نھ ڪيو ويو آھي تھ حڪومت غيرقانوني ڌارين بابت ڪھڙو فيصلو ڪيو آھي.

اسان جو حڪومت کان مطالبو آھي تھ ڌرارين کي  نيڪالي ڏني وڃي.سختي سان غير ملڪين جي داخلا کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري ملڪ ۾ امن امان جي صوتحال بھتر نھ ٿي سگھندي.

اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت ان سلسلي ۾ فوري طور فيصلو ڪندي جئين سموري معاشري کي ٿيندڙ نقصان کان بچائي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.