سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ تعليم پرائيندڙن نوجوانن جي گهڻائي جا ٽي اهم مسئلا آهن. هڪ ارٿ ميٽيڪس يا مئٿامئٽڪس، جنهن کي پاڻ انگي حساب/ رياضي چئون ٿا، ٻيو بهتر انگريزي ٻوليءَ جي ڄاڻ ۽ ٽيون پنهنجي ڳالهه کي سگهاري ۽ چِٽي ريت بيان ڪرڻ جي صلاحيت. انگريزي ته صرف هڪ ٻولي آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو ڀڙ آهي يا نه، ان سان ڪو وڏو فرق نه پوڻ کپي. پر ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سائنسي، سماجي، ادارتي، چٽاڀيٽي ۽ ٻاهرين دنيا سان ڳانڍاپي جو نظام انگريزي تي دارومدار رکي ٿو، ان ڪري ان تي دسترس هجڻ ضروري آهي. انگريزي سائنس، ٽيڪنالاجي، جديد علم، ڪمپيوٽر، مصنوعي ذهانت، ماڊلنگ، ادب، تحقيق سان گڏ ٻين ڪيترن شعبن تائين رسائي جي ٻولي آهي، ان ڪري اعليٰ تعليم ۽ ان سان جوڙيل مستقبل لاءِ بهتر ۽ صحيح انگريزي جو اچڻ ضروري آهي. انگي حساب (شماريات سميت) هر شعبي، علم ۽ امتحان جو سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو آهي. ٻاهرن ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرون حاصل ڪرڻ لاءِ امتحان ڏ يڻا ٿا پون، جنهن ۾ SAT (Scholastic Assessment Test)، GRE(Graduate Record Examinations)، GMAT(Graduate Management Admission Test) وغيره شامل آهن، ان ۾ انگي حساب ۾ لاڳاپيل مهارت ۽ ڄاڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن نه آهي. دنيا جا سڀئي سماجي، سائنسي ۽ اقتصادي شعبا انگي حساب جي بنيادي ڄاڻ گهرن ٿا.
اسان سميت ڪافي ملڪن جي شاگردن ۾ رياضي جو خوف ويٺل هوندو آهي ته اُهو ڏکيو سبجيڪٽ آهي. مونکي ياد پيو اچي ته جڏهن يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ لازمي ٿي پئي (1997) مهراڻ يونيورسٽي ۾ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعي جا سڀئي اُميدوار ناپاس ٿيا. ان کي ڏسندي سکر ۾ هڪ تياريءَ جو سينٽر ڪجهه دوستن سان گڏ کوليو. خاص ڪري شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ٻارن کي اُتساھ ڏيارڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ. ان وقت ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شاگردن لاءِ هڪ سبجڪيٽ ”حساب ڪرڻ جا بنيادي قاعدا“ پڻ شروع ڪيو سين ۽ ان کي پڙهائڻ جي ذميداري مون تي هئي. جڏهن پڙهائڻ شروع ڪيو ته شاگردن (جيڪي پري انجنيئرنگ جا به هئا) مان ڪجهه اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا ”سائين! اِها جِنن جي ٻولي اسان کي سمجهه ۾ نٿي اچي!“ ان کان پوءِ هڪ واڌو هڪ سان شروع ڪيوسين. ڪجهه عرصي کانپوءِ ٻارن مان مئٿس جو خوف ختم ٿيو ۽ ٽيسٽون پاس ڪري وڃي مختلف يونيورسٽين ۾ پهتا. مقصد ته هڪ بهتر تعليمي ماحول سان مئٿاميٽڪس جي خوف کي ختم ڪري، نوجوانن ۾ ان جي ڄاڻ کي عام ڪري سگهجي ٿو ته جيئن هو مختلف امتحان پاس ڪري بهتر تعليم، نوڪري يا ٻين اڳتي وڌڻ وارن موقعن مان فائدو وٺي سگهن.
علم جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته رياضي انساني ويچار۽ منطق جو هڪ بنيادي حصو آهي. اِهو علم پنهنجي پاڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ جي ڪوشش لاءِ اڻٽر آهي. رياضي ذهني نظم ۽ ضبط جي واڌ ويجهه ڪري ٿو. ان مان ڄاڻ جو اُتساھ، شين جي باري ۾ دليلي بحث ۽ ذهني مشق کي هٿي ملي ٿي. رياضي صرف انجنيئري مضمون نه آهي. اِهو سائنس، سماجيات ۽ اقتصاديات، تان جو موسيقي ۽ آرٽ کي سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڪنهن دور ۾ استاد ”بُٽاڻي جي انگي حساب- ڪتاب “ جنهن ۾ انگ اکرن وارن حسابن سان گڏ ”لفظي يا بيان ڪيل حساب“ پڻ هوندا هئا (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ورڊ پرابلم چئجي ٿو)، ڳجهارتن جيان هڪ ٻئي کي حل ڪرڻ لاءِ ڏيندا هئا. اڄ به ڪافي شاگردن کي ورڊ پرابلم ۾ مسئلا ٿين ٿا. ان جا ٻه اهم سبب آهن، هڪ ته ان لاءِ انگريزي جي سمجهه ضروري آهي، ٻيو اِهو ته جيڪي بنيادي پڙهائي جا درجا آهن (پهرين کان اٺين تائين) ان ۾ ٻارن جي رياضي جي صلاحيتن ۽ ڄاڻ تي گهڻو ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ان سڄي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ اسان جي تعليمي کاتي، ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏ تعليم تي ڪم ڪندڙ سول سوسائٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. استادن جي ڀرتي لاءِ ميرٽ کي بنياد بڻايو ويندو ته معيار ازخود بهتر ٿيڻ لڳندو.
مونکي باگڙجي سکر جو هڪ نوجوان جيڪو هاڻ آءِ بي اي ڪراچيءَ ۾ ايڪانامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، تنهن ٻڌايو هو ته ”منهنجو والد صاحب سنڌي استاد آهي، جڏهن ڪو گهر جو سامان وٺي ايندا هئا ته سامان جو چيرو (بل) مونکي پرائمري جي تعليم دوران ڏيندا هئا ته ڏس وزن ۽ رقمون صحيح آهن يا نه! ڇاڪاڻ ته بل ۾ وزن ڀڳن، اڻ پور (اڌ ڪلو، پاءُ ، لٽر وغيره) ۾ لکيل هوندو هو ۽ پوءِ ان جي قيمت کي به ڏسڻو پوندو هو ته ان جي نتيجي ۾ اڻپور، ضرب، ونڊ ۽ ٽه رقمي سمجهه ۾ اچڻ لڳا ۽ مون کي خبر ئي نه پئي ته آئون اِهو سڀ ڪجهه سکي ويس!”. ٻارن کي ڪلڪيولٽر کان پري رکي شروعات ۾ بنيادي آپريشن سمجهائي، انهن کي روزمره جي مثالن، تجربن ۽ مشاهدن سان ڳنڍبو ته ٻار نه صرف اِها صلاحيت حاصل ڪري وٺندو، پر ان سان گڏ ان جي عملي استعمال کان پڻ واقف ٿيندو.
رياضي جي حسابن کي جيڪڏهن روز وارن ڪمن سان سلهاڙبو ته ان جي ’عام فهمي‘ آسان ٿيندي. جيڪو اسان خريداري ڪيون ٿا، ڪٿي پهچڻ لاءِ وقت جي ڪٿ ڪيون ٿا، گهر ۾ رنگ ڪرائڻ لاءِ ماپون وٺون ٿا، پئسن جو حساب ڪتاب ڪيون ٿا، پنهنجي ڪمن جي رٿابندي ڪيون ٿا، انهن سڀن عملن ۾ حسابي انگ اکر آهن!
جيڪا شيءِ رياضي جي علم کي خاص بڻائي ٿي، اُها سندس ’آفاقي ٻولي‘ هجڻ آهي. رياضي جي انگ اکرن جي پوري دنيا ۾ ساڳي معنيٰ آهي. ٻوليون (مختلف هئڻ جي ڪري) اسان کي ورهائن ٿيون، انگ اسان کي جوڙين ٿا! نواڻ ۽ جديد خيالن ڏانهن مئٿس اسان کي اُتساهي ٿي! انگ اکرن کي سمجهڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ ان مان نتيجا ڪڍڻ جي صلاحيت نوجوانن کي اڳتي قدم وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا.
اسان جي پرائمري کان وٺي سيڪنڊري اسڪولن ۾ (۽ ان کان مٿي جي ڪلاسن ۾ پڻ) قابل استاد موجود آهن. ٻارن ۾ رياضي جو خوف ختم ڪري ان کي دلچسپ بڻائڻ، رياضيءَ سان لاڳاپيل رانديون ۽ چٽاڀيٽي، روزاني زندگيءَ جي ڪرت مان مثال، جيڪڏهن انٽرنيٽ تائين رسائي آهي ته اُتي معياري مواد، وڊيو وغيره ٻارن کي ڏيکارڻ، خاص ڪري وڏن درجن ۾ بياني حسابن جون وري وري مشقون ڪرائڻ، روزانو ورجاءُ ڪرڻ، مختلف قسم جي مثال وارا حساب ڪرڻ، مٿين ڪلاس (نائين کان ٻارهين تائين) SAT جهڙي گهاڙيٽي وارا حساب ڪرائڻ، ساڳئي نموني يونيورسٽين ۾ انهن لاءِ (انگريزيءَ سميت) فائونڊيشن ڪورس هلائڻ (جيئن آءِ بي اَي سکر ۽ ڪجهه ٻين ادارن ۾ ڪيو ويو) ۽ ان کي ترتيب وار سموري سنڌ ۾ لاڳو ڪرڻ، استادن جي مسلسل تربيت وغيره ڪجهه اهڙا قدم آهن، جيڪي کڻڻ ضروري آهن!
سنڌ اشتهارن ۾ لکيل نعرن، تعليمي نظام ۾ حصا ــ پتي ڪرڻ سان بهتر نٿي ٿي سگهي. تعليمي کاتي جي نئين ادارتي سربراهي سان اُميد ته ڪافي نواڻ ۽ بهتري اچي سگهندي. SAT، GRE، GMAT جهڙن امتحانن لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي هڪ جامع پروگرام جوڙي اُن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سمجهڻ کپي ته بهتر انگريزي، رياضي جو ڏانءُ ۽ پنهنجي پاڻ جي ڳالهه صاف، چِٽي ۽ دليل سان ڪرڻ جي صلاحيت سنڌ جي نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار لاءِ ڪُنجي آهي. عمومي طور تي سنڌ جي نوجوان جو نون تعليمي طريقن سان لاڳاپو يا واسطو، ٻاهرين دنيا سان نيٽ تي ڳانڍاپو ۽ سماجي لهه وچڙ يا پڌرائي (Exposure) گهٽ آهي. خاص ڪري ٻهراڙيءَ جو ٻار ’ان تعليمي ۽ ماحولياتي نواڻ‘ جي باري ۾ تجربو نٿو رکي.ان جي ڪري ايئن هرگز نه سمجهيو وڃي ته ان وٽ ڄاڻ يا سمجهڻ جي صلاحيت گهٽ آهي. وڏن کان سوال نه پڇڻ، استادن جي غلط چيل ڳالهه کي ڄاڻ جي باوجود چئلينج نه ڪرڻ، هڪ ويهاريل ڊپ کان سوال نه پڇڻ (ته الاهي ڪير ڇا سمجهي)، ڪن حالتن ۾ استادن جو سوال پُڇندڙ شاگردن ڏانهن جارحانه (۽ بدلي وٺڻ وارو) رويو، اسان جي سماجي ۽ تعليمي نظام جون اهڙيون خرابيون آهن، جن کي چڱي ريت ٽٽولي، ان ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. استاد يا وڏن جو ادب (جنهن ۾ انهن جي سامهون سوال نه ڪرڻو آهي يا ڳالهائڻو ناهي) ۽ علم ۾ رڪاوٽ ڪندڙ عمل ۾ صفا سنهو پردو آهي. بظاهر ڊپ گاڏڙ ادب ۾ رهي سڄي عمر انسان ڄاڻ ۽ سمجهه کان وانجهيل رهجي ٿو وڃي. ڊڄ واري عنصر جي ڪري، شاگرد جو پنهنجو پاڻ تي اعتماد ختم ٿئي يا گهٽجي ٿو. هڪ عجيب قسم جي لڄ وارا رويا جنم وٺن ٿا . جنهن جي نتيجي ۾ سوال پڇڻ ته پري رهيو، پر ٿيندڙ سوال کي صحيح نموني سمجهي جواب ڏيڻ ۾ اٽڪاءُ ٿئي ٿو، ان جي نتيجي ۾ ڪنهن سوال جي جواب جي ڄاڻ جي باوجود خود اعتمادي جي ڪمزوري جي ڪري نوجوان لاجواب ٿيو وڃن!
هي اُهي مجموعي سببن مان ڪجهه سبب آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جي نوجوان (نياڻيون ۽ نينگر) پنهنجي باهمي مهارتن (انٽر پرسونل اسڪل) جي اظهار ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. اِهي ڳالهه ٻڌڻ، پنهنجي ڳالهه ڪرڻ، پنهنجن دوستن، آفيس وارن، زندگيءَ جي وهنوار ۾ واسطيدارن ۽ غير واسطيدارن سان رابطو رکڻ، لهه وچڙ ۾ اچڻ وارا گڻ ’باهمي مهارتون‘ سڏجن ٿيون. نوڪري کان وٺي ڪاروبار تائين، ڪلاس ۾ اُستاد کان سوال پڇڻ کان ڪنهن انٽرويو ڏيڻ تائين يا وري پنهنجي ئي گهر جي ڀاتين جي ڳالهه ٻڌائڻ کان سمجهائڻ تائين، هر جاءِ تي ان صلاحيتن جي ضرورت پوي ٿي. نوڪرين، ڪمپنين ۽ دنيا جي ڪاروباري وهنوار ۾ هميشه کان ٽيڪنيڪل صلاحيتن تي غور ڪيو ويندو هو. پر پوءِ محسوس ڪيو ويو ته گهڻن ڪمن ۾ رڪاوٽ، ڪنهن به اداري جي بهتر يا خراب ڪارڪردگيءَ ۾ انهن ’نرم صلاحيتن‘ يا سافٽ اسڪلز جي تمام گهڻي اهميت آهي. هڪ اعليٰ ٽيڪنيڪل ماهر، انجنيئر پنهنجي ڊزائين، ڪم چڱي ريت سمجهي ٿو، پر جيڪڏهن اُهو ڪم هو سمجهائي نٿو سگهي ته شايد ان جو نتيجو سڄي ڪم تي منفي پوندو.
تحقيقون ٻڌائين ٿيون ته انٽر پرسونل اسڪلز ــ ماڻهن سان، ماڻهن جي وچ ۾، سولين ۽ ڏکين حالتن ۾ گڏجي ڪم ڪري، اڳواڻي يا پوئلڳي ڪري اڳتي وڌڻ ۽ مسئلن جا حل ڪڍڻ جهڙيون صلاحيتون انتهائي اهم آهن.ان ۾ پنهنجي ڳالهه مناسب وقت چٽي ۽ مقصديت سان بيان ڪرڻ، ٻي کي آرام سان ٻڌڻ ۽ ان جي پيغام جو ادراڪ پيدا ڪرڻ، ٻين سان گڏجي ٽيم جي صُورت ۾ ڪم ڪرڻ، اڳواڻي ڪرڻ، ٻئي جي جذبن کي سمجهڻ ۽ پنهنجن جذبن کي قابو ۾ رکندي بهتر فيصله سازي ڏانهن وڃڻ، سهڪار ڪرڻ، اُتساھ پيدا ڪرڻ، ادارتي يا انفرادي اختلافات کي قابو ڪري يا گهٽائي شين کي بهتر ڪري ادارتي، تعليمي يا ڪاروباري ڪم کي وڌائڻ، اهڙين صلاحيتن کي پيدا ڪرڻ شامل آهن. ان لاءِ اسان کي تعليمي، گهرو تربيت ۽ سماجي بهتر پليٽ فارم پيدا ڪرڻا پوندا. اسڪول کان وٺي يونيورسٽي تائين، ۽ يونيورسٽيءَ کان پوءِ ان لاءِ هڪ بهتر ڍانچو ٺاهي لٽيل سنڌ جي اُتساهي ۽ پراُميد نوجوان لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا سڌا ڪرڻا پوندا.