جيڪڏهن هو ڪنهن نيم نارمل ملڪ جو سپھه سالار ھجي ھا تھ صبح ناشتي جي ميز تي پنهنجي سرحدي ڪمانڊرن جي رپورٽ ملي ھا تھ رات جي اونداهي ۾ بھ ڪنهن دشمن اسان ڏانهن ميري اک سان ناھي ڏٺو.
دفتر پهچي، ڪافي پيئندي، ڏينهن جي ايجنڊا تي ھڪ نظر وجهي، معمول جي ميٽنگ جي صدارت ڪري، ڪنهن کي شاباسي ڏئي ۽ ڪنھن کي دڙڪا ڏئي.
پوءِ هيلي ڪاپٽر تي ويهي ھا ۽ ھڪ فوجي مشق جو جائزو وٺي، جوانن جو حوصلو وڌائي، انھن سان رلي ملي وڃي ھا.پاڪستان زنده آباد جو نعرا ھڻائي ھا.ٻنپھرن جي ماني ڪنھن آفيسرز ميس ۾ نوش ڪري ھا يا جوانن سان سپاهين ”بڙي کاني“ ۾ شريڪ ٿئي ھا پوءِ هيلي ڪاپٽر ۾ ويهي ھا ڪنھن سرحدي چوڪي جو دورو ڪري ھا توپن۽ ٽينڪن جو تيل ۽ پاڻي چيڪ ڪري ھا.
ٽپھري جو آفيس موٽي ھا، پنهنجي ٻاھرن ملڪ کان آيل پنھنجي هم منصب سان ڳالهيون ڪري ھا، شيلڊ پيش ڪري ھا، وصول ڪري ھا، تصوير ڪڍرائي ھا، وچ ۾ جيڪڏهن ڪو سياستدان، ڪو صحافي، ڪو سيٺ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ھا تھ اسٽاف آفيسر دڙڪا ڏئي ھا تھ اسان وزارت دفاع اندر اچون ٿا. جي، ڪجهه پڇڻو آھي ته اتي رابطو ڪريو.
آخري فائيل تي نوٽ لکي ھا،پورين پنجين وڳي آفيس مان اٿي ھا ۽ سڌو گولف ڪورس ڏانهن روانو ٿئي ھا.
پر اسان جي سپھه سالار جي نصيب ۾ اهڙي پرسڪون زندگيءَ ڪٿي ؟ اسلام آباد جا جيد صحافي اسان کي وڏي آواز ۾ ٻڌائي رهيا آهن ته اسان جي سپھه سالار کي متحرڪ ٿيڻو پيو. هن سٺين جي کيسن مان ڊالر ڪڍرايا آهن، زراعت، معدنيات، ڊالر جو ريٽ، بجلي جا بل، سوشل ميڊيا تي ويٺل سازشين، اهي سڀ ڪم اسان سپھه سالار جي ذمي لڳائي ڇڏيا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ آسپھ سالار جو ڏينھن ڪڏهن شروع ٿيو،ھو آفيس مان وڃي گولف ڪيئن کيڏڻ وڃي ھا. توهان ڏٺوھوندو ته اسان جي فوج ڪجهه تمام شاندار گولف ڪورسز ٺاهي رکياآهن، پر مون ڪيئن سالن کان ڪنھن حاضر سروس سپھه سالار کي گولف ڪورس تي ناھي ڏٺو.
آخري سپھه سالار جنهن کي گولف ڪورس تي شاٽ ھڻندي ڏٺو ھو،اھو مرحوم جنرل ضياءُ الحق هو. ان کان پوءِ ايندڙن کي ھن قوم ايترو متحرڪ رکيو آھي جو اھو ٽي سال پنھنجي ملازمت گذارڻ جو فرض بھ پورو نٿو ڪري سگھي. ان ڪري ڪڏهن گھر ۽ مطالبن تي تھ ڪڏهن وري لٺ جي زور تي ايڪشن وٺڻ تي مجبور ھوندا آهن.
ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ، جڏهن اسان جو ٿڪل ٽٽل سپهه سالار گهر پهچندو آهي، ته پتو پوندو آھي تھ سڄي ڏينهن جو ڪم اجايو ويو، خزانو اڃا بھ خالي آهي.
ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ماڻهو چئي رهيا آهن ته هو بکايل سمھي رهيو آهي، اهو فيصلو نھ پيو ڪري سگھي تھ بجلي جو بل ڏجي يا پنهنجن ٻارن جي اسڪول جي فيس. ظاهر آهي، هڪ دردناڪ سپهه سالار کي ننڊ ڪيئن ٿي اچي سگهي. هن ملڪ جي وڏن وڏن سيٺن کي گھرائي انھن سان مشورو ڪري ٿو تھ، هاڻي توهان ئي ٻڌايو تھ ڇا ڪرڻو آهي.
چيف جي نوي ٻيانوي سيٺن سان رات دير تائين ھلندڙ ملاقاتن ۽ ان بعد ايندڙ خوشخبرين کان پوءِ اھو سمجھه ۾ نه آيو ته اهي سيٺ اسان جي قوم جو سرمايو آھن يا ھي ملڪ انھن سيٺن جو سرمايو آهي
شڪر آھي جو چيف کي ڪنهن اها صلاح نه ڏني ته ملڪ مان هڪ سئو يا ٻه سئو غريب ماڻهن کي گڏ ڪري انهن سان صلاح مشورو ڪيو وڃي ته هن ملڪ ۽ ان جي معيشت کي ڇا ڪرڻو آهي. ائين ڪرڻ سان سپھه سالار جا ڏينهن ۽ راتيون وڌيڪ مشڪل ٿي وڃن ها.
اسان اڳي ئي سپهھ سالار کي ايترو متحرڪ ڪري رکيو آھي جو ائين ٿو لڳي تھ هو صبح جو جاڳندي ئي فوج جي ٺاهيل زراعت جي جديد فارم تي ھر ھلائيندو آھي.تھ جئين غذائي بحران کان بچي سگھجي. پوءِ آفيس وڃڻ مهل رستي ۾ رڪجي ڪوڏر سان جبلن جي سيني کي چيري ٿو.ته جيئن ايتري معدنيات نڪري اچي جو قوم جو ھڪ ڏينھن جو خرچ نڪري اچي.
اهو لفٽ نٿو ڪرائي پر آفيس جي دروازي جي ٻاهران عام شهرين جو هجوم هوندو آھي،جيڪو چوندو ھوندو ته توهان جي ايتري محنت جي ڪري توھان جي بوٽ تي مٽي چڙھي وئي آھي،ھڪڙو موقعو اسان کي بھ کڻي ڏيو.
قربانين جي موسم بھ اڃا هلي رهي آهي، تھ ڪيترين شهيدن جي گهرن ڏانهن وڃي. 9 مئي جي دهشتگردن جي ڪيسن کي به ڏسڻو پوندو ھوندو. پوءِ وري بارڊر وٽان نوجوانن جي هڪ ٽولي اچي ويندي آھي،انھن سان گپ شپ، اھا خبر رکڻ ته اٽڪ واري قيدي جي ڇت تھ نھ ٽمي رهي آهي، روس ۽ آمريڪا کان ايندڙ ٽيليفون ڪالون، عرب شهزادن جا پيغام. ايترو ڪجھه ڪرڻ بعد وري بھ کيسو خالي.
سوچيان ٿو ته اهڙي ڏکئي ڏينهن کان پوءِ، جڏهن سپھه سالار نيٺ سمهڻ ويندو ھوندو. ته ڪيئن ننڊ ايندي ھوندي.ملندڙ ٻڌائين ٿا تھ سپھه سالار پنھجين تقريرن ۾ آيتن ۽ حديثن جا حوالا اڪثر ڏيندو آهي، تھ پوءِ يقينن سمهڻ کان اڳ ڪا دعا پڙهي ڪري۽ قوم تي ڦوڪيندو ھوندو ته جيئن قوم کي رات جو ڪو ڀوائتو خواب نه اچي.