وقت کان اڳ واري چونڊ مهم

غلام حسين لغاري

اها پڪ ٿي چڪي آهي ۽ حالتون به ٻڌائين پيون ته ايندڙ عام چونڊون آئيني تقاضائن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نوي ڏينهن اندر نومبر ۾ وقت سر نه ٿي سگهنديون پوءِ به دلاسن تي گذران جاري آهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن کي اشارو ملندو تڏهن ئي شيڊول جاري ٿيندو.اڃا ته چونڊن جي ڪا بوءِ محسوس نٿي ٿئي،هن وقت تڪ بندين ٺاهڻ واري مرحلي ۾ ملڪ آهي.بهرحال ملڪ ۾ اڌو گابري چونڊ هلچل جو آغاز ٿي چڪو آهي، جنهن لاءِ پ پ پ ۽ ن ليگ عوامي رابطي واري اڌوگابري مهم شروع ڪري ڏني آهي.پي ٽي آءِ جي چونڊ چر پر ته هن وقت مفلوج بڻيل آهي، پر گلگت بلتستان ۾ ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي مخالف پارٽين پ پ پ ۽ ن ليگ جا ترا ڪڍي کين اتي شڪست ڏئي سرخرو ٿي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ مخالفن ۾ ڪنهن حد تائين مايوسي ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڀلي ڀت وقت سر چونڊن جي انعقاد کان خوفزده آهن.

پ پ پ ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ٺٽي کان شروع ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ن ليگ جو مک اڳواڻ طلال چوڌري سنڌ جي دوري تي ڪراچي پهتو ۽ ن ليگ جي سنڌ قيادت سان گڏجاڻي ڪري کين ن ليگ جي قائد ميان محمد نوازشريف جو پيغام پهچايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي قيادت کي ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصي وٺڻ جي تياري لاءِ چيو ويو.هن گڏجاڻي ۾ ن ليگ ۾ سنڌ جي برک سياسي چهرن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ ۽ پنهنجي ويجهو آڻڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي.ايئن چئجي ته ن ليگ کي سنڌ ۾ نوان چهرا ۽ نوان اڳواڻ گهرجن جن وٽ پنهنجو ووٽ بئنڪ هجي پر شايد ئي ن ليگ جو اهو خواب پورو ٿئي جو سنڌ جي مک سياسي قيادت جنهن اڳ ۾ ئي ن ليگ کي آزمائي چڪي آهي، ن ليگ ۾ شامل ٿئي، البته اهي قياس آرائيون آهن ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي باغي قيادت مسلم ليگ فنڪشنل يا جي ڊي اي ۾ شامل ٿئي يا وري آزادانه طور چونڊون وڙهن.مٺي ۾ ٽيون ڏينهن فنڪشنل مسلم ليگ جو جيڪو عام جلسو ٿيو ان ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم کي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو اها دعوت قبول ڪري جلد پير صاحب پاڳاري جي روبرو شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.جيڪڏهن هو اهڙو اعلان ڪري ٿو ته ٿر ۾ پ پ پ ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو اثر ختم ٿي سگهي ٿو ۽ فنڪشنل ليگ ٿر ۾ مضبوط پوزيشن ماڻي سگهي ٿي.

ن ليگ جنهن ماضي ۾ سنڌ ۾ به حڪومت ڪئي ۽ ن ليگ سنڌ ۾ سگهاري سمجهي ويندي هئي، جنهن جو مک ڪارڻ اهو هو ته انوقت ن ليگ ۾ سنڌ جي مک سياسي قيادت جنهن ۾ لياقت علي جتوئي،ميان محمد سومرو،سيد غوث علي شاهه،شيرازي ڀائر سميت وڏي انگ ۾ برک مڃيا ويندڙ سياستدان پنهنجي ذاتي خواهش يا وري سگهارين ڌرين جي چوڻ تي ن ليگ ۾ شامل ٿيا هئا ۽ ننڍي ورڪر جو به پارٽي ۾ مان مرتبو هو ۽ کين ٻڌو ويندو هو جن کي به مخصوص سيٽن يا سينيٽ ۾ آندو ويو هو.هن وقت پارٽي ۾ اهي برک سياستدان رهيا ئي ناهن ۽ ننڍو ڪارڪن به مايوسين جو شڪار آهي، جيڪو مفتاح اسماعيل جي مثبت روين سبب ن ليگ ۾ سرگرم هو. مفتاح اسماعيل هن وقت پارٽي مخالف روين سبب خاموش آهي نه وري ورڪر گهڻو سرگرم آهي ۽ باغي اڳواڻن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.چيو وڃي ٿو ته ن ليگ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن طلال چوڌري سان شڪايتن جا انبار کولي ڇڏيا ۽ ن ليگ سان گڏ رهڻ جو عزم ڪيو آهي پر اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته سنڌ ۾ ن ليگ ۾ بغاوت به ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي قائد ميان محمد نوازشريف کي ڪو سنجيدگي سان فيصلو ڪرڻو پوندو.ن ليگ جي گذريل ٽن حڪومتن ۾ ته ٺهيو پر پي ڊي ايم دور حڪومت ۾ به سنڌ ۾ ن ليگ ڪارڪنن کي مايوسين کانسواءِ ڪجهه به نه مليو.جيڪڏهن ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجو وجود برقرار ڏسڻ چاهي ٿي ته سنڌ جي ورڪرن کي اهميت ڏيڻي پوندس انهن جون مايوسيون ختم ڪرڻيون پوندس.باقي نٿو لڳي ته ن ليگ کي ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ مان ڪا مثبت موٽ ملي سگهي جنهن جو کيس فڪر به آهي.

پ پ پ ملڪ گير چونڊ مهم جو آغاز ڪري چڪي آهي.هن ڏس ۾ پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ٺٽو،بدين،ٽنڊومحمدخان ۽ حيدرآباد ۾ عام جلسن کي خطاب ڪيو آهي.پنجاب سرحد ۽ بلوچستان وڃڻ جو به پروگرام اٿس، پر جلسن ۾ اهو جوش و خروش گهٽ نظر پيو اچي جيڪو ماضي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه يا وري آصف علي زرداري جي جلسن ۾ رهيو آهي. پ پ پ آهي ته هڪ پارٽي پر انجي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمن آصف علي زرداري جا متضاد بيان سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ پارٽي ورڪر يا عام ماڻهو اها ڳالهه سمجهي ناهي سگهيو ته آخر متضاد بيان ڇو اچي رهيا آهن يا آيا آهن ۽ انهن جو ڪهڙو مقصد آهي.بلاول ڀٽو زرداري نوي ڏينهن اندر چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو دهرائي رهيو آهي جڏهن ته سندس والد آصف علي زرداري تڪبندين جي تشڪيل ۽ ملڪي بقا جي اهميت وارا بيان ڏنا آهن.بقول سندس ته ملڪ هوندو ته سياست به قائم و دائم رهندي ۽ سندس بيان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عام چونڊون دير سان به ٿي سگهن ٿيون.پ پ پ جي هن وقت تائين ٿيل چونڊ جلسن ۾ ڪنهن به سنڌ جي برک سياسي قيادت پ پ پ ۾ شموليت جو ڪو به اعلان ناهي ڪيو جنهن جي اميد هئي.هن ڏس ۾ خبرون آهن ته سياسي شخصيتون وقت جو انتظار پيون ڪن ۽ جڏهن کين ڪو اشارو ملندو ته اهي سجدن ۾ هليون وينديون جو اها ماضي ۾ روايت رهي آهي.باقي ٿي سگهي ٿو ته ڏکڻ پنجاب جون ڪجهه سياسي شخصيتون بلاول کي ڪا موٽ ڏين ۽ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪن.

اهو تاثر به ته چونڊ مهم جو باقائده سلسلو تڏهن ئي شروع ٿيندو جڏهن اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو ڪو اعلان ڪندي.اڪثر سياسي پارٽيون وقت کان اڳ چونڊ مهم هلائڻ جي حق ۾ ناهن جنهن سان سندن ۽ اميدوارن جو پئسو اجايو ضايع ٿئي.اهوئي سبب آهي جو پارٽين اميدوارن کان ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به ناهن گهرايون.جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جا پ پ پ کي چڙ ڏياريندڙ بيان ظاهر ڪن ٿا ته پي ڊي ايم ۾ ڏڦير پيل آهي جنهنڪري پ پ پ اڳ به پي ڊي ايم کان الڳ هئي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به الڳ رهي اڪيلي سر حصو وٺندي.پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي بيان وري متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي چيڙائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي حيدرآباد واري خطاب ۾ صاف چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي ۽ هن مڪاني چونڊن ۾ حصو نه وٺي اهو ثابت ڪري چڪي آهي ته اها چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي.بلاول ڀٽو متحده تي سخت کان سخت تنقيد ڪري ڪراچي جي عوام خاص ڪري مهاجر ووٽرن کي هڪ قسم جو پيغام ڏنو آهي ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ جمهوري رويا رکندڙ پارٽين کي ڏين.متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي قيادت پنهنجي پاڙ پختي رکڻ ۽ مهاجرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ وري هڪ ڀيرو ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص نوابشاهه ۽ سکر کي واپس ورائڻ وارو لسانيت تي مبني بيانيو شروع ڪيو آهي البته متحده به چونڊ مهم جو باقائده آغاز شروع ناهي ڪيو.ايندڙ چونڊن ۾ جماعت اسلامي ۽ متحده جي طاقت سبب پ پ پ کي ڪراچي جي شهري علائقن ۾ وڏا چئلنج ڏسڻا پوندا جنهن لاءِ پ پ پ کي ڪراچي ۾ فوري ۽ تڪڙا ترقياتي عوامي مفاد وارا ڪم ڪرائڻا پوندا جو ميئرشپ هن وقت پ پ پ وٽ آهي.

سنڌ ۾ هن ڀيري پ پ پ کي چونڊن ۾ ٽف ٽائيم ڏيڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن جنهن ۾ جي ڊي اي،فنڪشنل ليگ،متحده ۽ جماعت اسلامي ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن.پ پ پ لاڳيتا پندرهن سال سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي به سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به رليف يا انصاف وٽان ڪم ڪرڻ کان لاچاري رهي آهي جنهنڪري به عام شهري ووٽر پ پ پ کان خائف ٿي چڪو آهي البته ٻهراري پ پ پ جو ڏڍ بڻجي سگهي ٿي جو اتان جو وڏيرو گهڻو ڪري پ پ پ جو ٻانهن ٻيلي رهندو پيو اچي تنهنڪري ٻهراڙي جو ووٽ پ پ پ کان پري نه ويندو.ڪجهه ڏينهن اڳ متحده ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جي ملاقات کانپوءِ اهو بيان اچڻ ته ايندڙ حڪومت متحده ۽ جي ڊي اي گڏجي ٺاهينديون معنيٰ خيز ۽ تعجب خيز آهي.جي ڊي اي ماضي ۾ متحده جي روين ۽ بيانن تي وڏا ڇوهه پئي ڇنڊيا آهن ۽ هن وقت سندن اتحاد ڪرڻ جي پويان ڪو ته راز هوندو.ڇا سنڌ جن قومپرست پارٽيون متحده جي ڊي اي اتحاد جون حمايت ڪنديون،نٿو لڳي ته ڪا حمايت ڪن.هن اتحاد جي شرطن شروطن جي خبر تڏهن پوندي جڏهن چونڊ شيڊول جو اعلان ٿئي ۽ اتحاد جڙن تيستائين ڀلي پيو هرڪو پنهنجو پاسو ڪوسو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.