انسانيت جي خدمت تي يقين رکندڙ سرڳواسي وشنداس جو وڇوڙو

سليم سميجو

سڀ کان عظيم ڌرم انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي، جنهن به ڌرم جو پيشوا يا اڳواڻ هُجي يا پيغمبر هُجن اُنهن سڀني انسانيت جي خدمت کي ئي اوليت ڏني آهي، سنڌ جي ڪُک مان پڻ اهڙا سپوت، جوڌا، انسانيت جا هڏڏوکي ۽ خدمتگذار جنم وٺندا رهيا آهن جن بنا مذهب جي مت ڀيد جي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي اُهو پوءِ ڪاروبار جي دُنيا ۾ هُجي يا ٻئي ڪنهن شعبي ۾ اُتي ماڻهن جي ترقي ۽ فلاح لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، اهڙين هڏڏوکي، ترقي پسند ۽ انسانيت جي همدرد شخصيتن مان سنڌ جي ٿر واري علائقي سان واسطو رکندڙ سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي هِڪ آهي جنهن پنهنجو پاڻ سڄي ڄمار سنڌ جي ماروئڙن جي خدمت خاص طور تي ٿر جي وارياسي علائقن سان واسطو رکندڙ ماروئڙن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ غريبن کي روزگار ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، ٿر جي سياسي سماجي اڳواڻ سرڳواسي وشنداس ڀٽاڻي هڪ عظيم نالو رهيو آهي سندس وڇوڙو ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيو، پر سندس انسانيت لاءِ ڪيل خدمتون هميشه زنده رهنديون. سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي جو ٻارس ڪراچي ڪينٽ واري علائقي ۾ ايس ايس ڊي هائوس ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن، دوستن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي، جتي سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته وشنداس ڀُٽاڻي انسانيت جي خدمت کي هميشه اُتم سمجهندو هو، هن سدائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ غريبن جي ڪم اچڻ جي ڳالهه ڪئي. ٻارس واري تقريب ۾ ۾ سينيٽر اميت ڪمار، اڳوڻي ايم اين اي رميش وانڪواڻي، اڳوڻي ايم اين ڊاڪٽر اشوڪ رتناڻي، اڳوڻي ايم پي اي ۽ بلاول هائوس جي ترجمان ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سريندر ولاسائي، راڻا ڪنور ڪرني سنگهه، ڪمل گرداري، نند لال پارواڻي، هيرا لال ڀٽاڻي، ڊاڪٽر نند لال ڀٽاڻي، ڪيلاش وشنداس ڀٽاڻي، ڊاڪٽر ڪنول ڀٽاڻي، گهنشام داس پارواڻي، ڊاڪٽر تيرٿ گل، سيٺ قيمت راءِ، اقبال احمد خاصخيلي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام سرور سميجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن صاحب خان ڀنڊ، ڊاڪٽر هري داس، ڊاڪٽر موهن لال منجاڻي، نندلال پارواڻي، سنيئر صحافي علي بخش مئو، رفيق راڄپر، سيد آفتاب شاهه، وحيد ميمڻ، نثار رڪ، خالد جلباڻي، امتياز لاشاري، سليم سميجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي مختلف شخصيتن ڳالهائيندي سرڳواسي وشنداس ڀُٽاڻي کي لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽  چيو ته سيٺ وشنداس ڀُٽاڻي سچو ۽ کرو انسان هو، وشنداس ڀٽائي انسانيت جي خدمت کي هميشه اُتم سمجهندو هو، هن سدائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ ۽ غريبن جي ڪم اچڻ جي ڳالهه ڪئي، هن پنهنجي علائقي ۾ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيو، اڄ وشنداس هن دنيا ۾ ناهي پر هو پنهنجي ڪردار ۽ عمل ذريعي پٺيان نالو ڇڏي ويو آهي، جيڪو سدائين ياد رهندو، دنيا حقيقت ۾ اهڙن انسان کي ياد رکندي آهي، وشنداس دلير انسان هو، جيڪو بنا ڪنهن خوف جي غريبن جي ڳالهه ڪندو هو، سيٺ وشنداس نه صرف پنهنجي بارن کي بهتر تعليم ڏياري پر علائقي ۾ هر ڪنهن کي ٻارن جي تعليم لاءِ اتساهيندو هو، سندس ڪردار هميشه ياد رهندو. سرڳواسي وشنداس ننگرپارڪر واري علائقي ۾ ڪالين ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ اتان جي بيروزگارن جي اتساهه جو سبب بڻيو، سندس خواب ۽ خواهش هُئي ته سنڌ جو هر ماڻهو سُکيو ۽ ستابو هُجي ۽ ڌرتي جا ماڻهو ترقي ماڻين ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق بڻجن، اُميد ڪري سگهجي ٿي ته سيٺ وشنداس ڀُٽاڻي جو ڇڏيل سفر سندس وارث جاري رکندا ۽ سنڌ جي نوجوانن ۽ غريب توڙي بي پهچ ماڻهن جي ترقيءَ ۽ خوشحالي وارو خواب وڌيڪ ساڀيان ماڻيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.