اسان مودي وٽ انساني حقن ۽ آزادي صحافت جو مسئلو اٿاريو آهي: جوبائيڊن

هنوئي  ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي سان انساني حقن جي احترام جي اهميت  کي ان وقت اٿاريو جڏهن هو جي 20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ۾ موجود هيو .

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، جوبائيڊن ويتنام جي گادي واري شهر هنوئي چيو ته هميشه وانگر انساني حقن جو احترام جي اهميت کي ۽هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ جي تعمير ۾ سول سوسائٽي ۽ آزاد صحافت جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.

جمعي واري ڏينهن مودي ۽ جوبائيڊن جي ٻه طرفه ڳالهين کانپوءِ جاري ڪيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ارادو ڪيو ته آزادي جمهوريت ، انساني حقن شموليت ، اجتماعي ۽ سمورن شهرين لاءِ برابر موقعا اسان جي ملڪن جي ڪاميابي لاءِ اهم آهن اهي اقدار اسان جي تعلق کي مضبوط ڪنديون آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.