صحافي عمران رياض پرڏيهه نه ويندو، خاموش رهندو !

لاهور (عوامي آواز نيوز) پر اسرار طور گم ٿيل صحافي عمران رياض  بابت اطلاع آهن ته هن جا معاملا  طئه ٿي ويا آهن ۽  هو جلد گهر پهچڻ وارو آهي.

صحافي نور الله جو چوڻ آهي ته ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته عمران رياض خاطري ڪرائي آهي ته هو خاموش رهندو ۽ ملڪ کان ٻاهر به نه ويندو. ان بنياد تي کيس آزاد ڪرڻ جو فيصلو  ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾عمران رياض جي بازيابي بابت داخل پٽيشن تي شنوائي دوران آءِ جي پوليس به خاطري ڪرائي هئي ته کيس 10 کان 15 ڏينهن ڏنا وڃن خوشخبري ٻڌائيندس پر هاڻي اطلاع آهن ته صحافي عمران رياض جلد گهر پهچڻ وارو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 12 سپيٽمبر2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.