ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڀارت پاڪستان جي شاندار بيٽنگ جي بدولت پاڪستان کي 228 رنسن جي رڪارڊ مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٽئين ميچ برسات سبب ٻه ڀيرا روڪي وئي ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن پاڪستان جي اننگز جو 11 هون اوور پورو ٿيو ته برسات بند ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي ته پاڪستان جون وڪيٽون گرڻ جو سلسلو وڌيڪ شروع ٿي ويو.
ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ڪولمبو ۾ ريزرو ڊي ۾ برسات بيهڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٻيهر شروع ٿي.
گذريل ڏينهن برسات سبب رڳو 24 ڏهائي هڪ اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي هئي، جنهن ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون. ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيون جنهن سبب ڀارت مقرر پنجاهه اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون.
ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول وچ ۾ ٽين وڪيٽ تي 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
پاڪستان ڀارت جي 356 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڀارت 228 رنسن جي وڏي مارجن سان ميچ کٽي ورتي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.