اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نئون عدالتي سال شروع ٿيڻ جي تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ چانهه پارٽي تي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان صحافي ۽ وڪيل فوٽو ڪڍرائيندا رهيا.
نامياري صحافي عمران وسيم موجب ان دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي کي سڏ ڪيو ته اچو گڏ فوٽو ڪڍرايون پر صحافي عبدالقيوم صديقي چيف جسٽس کي بهانو ڪري گڏ فوٽو ڪڍرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان دوران ڀر ۾ بيٺل صحافين ۽ وڪيلن صحافيءَ جو اهو انڪاري جملو خاص طور نوٽ ڪيو ۽ بعد ۾ بحث جو موضوع بڻيل رهيو.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 12 سپيٽمبر2023ع تي شايع ٿي