پريا ڪماري، نازيا کوسو ۽ ساگر جي آزادي لاءِ سنڌ جو شعور گڏ، ڪراچي ۾ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) هندو برادري ۽ عورت  مارچ تنظيم جي سڏ تي توڙي مختلف تنظيم پاران نينگري پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ تين تلوار تي هندو برادري سول سوسائٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو۔ احتجاج واري هنڌ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اڳوڻي ايم اين اي ڪيئل داس ڪوهستاني ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ ۽ ٻيا پهتا۔ هندو برادري جي عورتن ۽ ٻارڙا  به احتجاج واري هنڌ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي۔ مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جنهن تي پريا ڪماري ۽ ساگر جي بازيابي جا نعرا لکيل هئا۔ مظاهري واري هنڌ مظاهرين جو چوڻ هو ته جيستائين پريا ڪماري ۽ ساگر ڪمار کي بازياب نه ٿو ڪرايو وڃي احتجاج جاري رهندو۔ مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان نگران حڪومت پريا ڪماري ۽ ساگر کي بازياب  نه ڪرائي سگهي آهي۔ ڪيترن ئي ڏينهن کان مغوين جي بازيابي لاء سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجى مظاهرا ڪيا پيا وڃن پر هن محل تائين نگران سرڪار مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي۔ مظهارين  نگران گهرو وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته پريا ڪماري ۽ ساگر کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي۔ تين تلوار تي احتجاجي مظاهري واري هنڌ جونيئر ذولفقار ڀٽو ساگر ڪمار ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاء احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ۽ ساگر ڪمار جي امڙ ۽ والد سان اظهار يڪجهتي جو اظهاي ڪيو۔ جونيئر ذولفقار ڀٽو چيو ته آئون به مظلوم آهيان۔ آئون هندو برادري سان گڏ آهيان۔ هندو برادري سان انصاف لاء هر فورم تي گڏ آهيان۔ هندو برادري کي ڪڏهن به الڳ نه ٿو سمجهي سگهان هندو برادري سان اظهار  يڪجهتي تي پهتل ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ ڳالهائيدي چيو ته سنڌ جي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن  اغوا جون انڊسٽريون بنجي ويون آھن۔ هي رڳو سردارن ۽ وڏيرن جو معاملو ناھي ـ رڳو لعنتون ڏيڻ ڪافي ناھي اتي مستقل نيڪسز بڻيل آھي جنهن ۾ ايم پي اي ايم اين اي ـ وڏيراـ بيوروڪريسي ـ پوليس ۽ ڌاڙيلن جو گڏيل گروپ آهي۔ سندس چوڻ هو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين بدامني وڌي وئي آھي۔ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته شڪارپور۔ جيڪب آباد ـ ڪشمور ۽ سکر ۾ اغوا جا ڪيس معمول بنجي ويا آهن۔ عوام نيشنل ۽ انڊس ھائي وي تي نٿا ھلي سگھن اسانجا نمائندا ڌاڙيلن جا حمايتي آھن جن کي پوليس ۽ ڌاڙيل پولنگ اسٽيشنز تي کٽرائندا۔ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي پريا ڪماري گم آھي ـ نازيا کوسو گم آھي ـ امير ۽ غريب ڪنهن کي نٿا ڇڌين۔نگران گھرو وزير ۽  آءِ جي جيڪڏھن سنجيدا  آھن ته پنهنجي پوليس آڻين ۽ پاسي واري ضلعي جي پوليس آڻي گرينڊ آپريشن ڪن ـ سرپرست سردار ـ بااثر  ـ اڳوڻا ايم پي اي ايم اين اي جي ڳالهه ٻڌڻ بدران انھن کي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو وڃي  گرينڊ آپريشن ڪيو وڃي. چونڊ اچڻ واري آھي ڇھن مھينن بعد ٿيندڙ اليڪشن ۾ اھي ئي سردار انھن ڌاڙيلن ۽ پوليس جي مدد سان کٽيندا۔ جيڪو ھتي رھي ٿو ته اھو سردارن ۽ ڀوتارن جي مرضي کانسواء رھي ۽ ڪاروبار نٿو ڪري سگھي۔ ايڪويھين صدي ۾ سنڌ ۾ اڄ انھن ضلعن ۾ غلامي واري زندگي گذارين پيا. انھن ضلعن جي ٻن ايم اين اي ۽ چئن ايم پي ايز انهي گرينڊ  آپريشن ۾ رڪاوٽون آھن۔ اڳوڻي ايم اين اي کيئل داس مظاهري واري هنڌ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ جهنگ وارو قانون لاڳو آهي۔ ڪچي وارن علائقن ۾  ڌاڙيلن کي گرفتار ڇو نٿو ڪيو وڃي۔ ڌاڙيلن جي سرپرستي  ڪير رهيو آهي۔ سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو وڃي۔ هتي طاقتور لاءِ الڳ قانون عام ماڻهوءَ لاءِ الڳ آهي۔ جيڪڏهن هڪجهڙو قانون ۽ انصاف نه هوندو ته پوءِ امن نه رهندو.  ٽي تلوار تي ڊي سي ڏکڻ الطاف حسين ساريو مظاهرين وٽ پهتو جتي مظاهرين کي احتجاج ختم ڪرڻ لاء التجا ڪئي جنهن تي  مظاهرين ڊي سي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو  مظاهري واري هنڌ ڊي سي اڳيان ساگر جي امڙ به سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊي سي اڳيان لڙڪ لاڙي ويٺي ۽ ڊي سي ڏکڻ کي دانهيندي چيو ته مونکي پنهنجو ٻچڙو واپس ڪرايو  ڊي سي ڏکڻ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرڻ لاء چوندو رهيو پر مظاهرين ڊي سي ڏکڻ جي هڪ به نه ٻڌي.

ساگر ڪمار کي ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو، بااثرن وٽ قيد هجڻ جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪشمور مان اغوا ٿيل ساگر ڪمار ڌاڙيل وٽان بازياب ٿيڻ کانپوءِ سليم جان ۽ احسان مزاري وٽ قبضي ۾ آهي. اهڙو دعويٰ آمريڪا ۾ ويٺل صحافي امتياز چانڊيو ڪيو آهي. امتياز چانڊيو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽي هڪ آڊيو ليڪ ڪئي آهي جنهن ۾ ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته ڪشمور  جو مغوي ساگر ڪمار ڌاڙيلن وٽان اغوا ٿيڻ کانپوءِ سليم جان ۽ احسان مزاري جي قبضي ۾ آهي جيڪا انهن کي آزاد نٿا ڪن. هاڻي مزاري سردارن پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته لائيسن توڙي بنا لائيسن وارا هٿيار کڻي فوري طور تي پهچي وڃي، هاڻي اهو نئون ڊرامو کيڏيو پيو وڃي. ملڪ جا ادارا ۽ پوليس خاموش آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ امتياز چانڊيي هڪ آڊيو به ليڪ ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ اڻڄاتل شخص ٻروچڪي ٻولي ۾ مزاري برادري جي ماڻهن کي لائيسن وارا توڙي غيرقانوني هٿيار کڻي جلد پهچڻ جو مزاري سردار جو حڪم ٻڌائي رهيو آهي.

ڪچي ۾ جلد ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن کي پڪڙيو ويندو: حارث نواز

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) گهرو ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته ”بنو قابل“ قدم سان باصلاحيت  شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجيءَ سان واقفيت حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن کي پاڻ روزگار لاءِ پڻ تيار ڪرڻ ۾ وڏو فائدو پهچندو، اهڙي طرح هو مالي طور تي پاڻ خودمختيار ٿيندا. اها ڳالهه هن باغ جناح، شارع قائدين ڪراچي ۾ الخدمت ڪراچي جي نوجوانن کي اختيار بڻائڻ لاءِ پروگرام ” بنو قابل-1“ ۽ ”بنو قابل -2“ پروگرام جي شروعات جي موقعي تي چئي، بنو قابل پروگرام جو مقصد شهر جي نوجوانن کي  مفت جديد آءِ ٽي اسڪلز فراهم ڪري بااختيار بڻائڻو آهي ۽ هڪ تي اعتماد ڪيريئر قائم ڪرڻ ۾ ان جي مدد  ڪرڻ آهي. ڄاڻايل پروگرام جي ڪيمپسز جي تعداد 12 کان وڌائي ڪري 25 ڪيو ويو آهي ۽ بنو قابل 2 پروگرام جي تحت 30000 شاگرد گريجوئيشن ڪري سگهن ٿا، گهرو وزير حارث نواز شهر جي نوجوانن لاءِ اهڙو ڪارائتو پروگرام شروع ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته ”غير سرڪاري ۽ ڀلائي جي تنظيمن ملڪ ۽ ان جي عوام جي ترقي لاءِ عزم جي طور تي خاص طور تي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي“،گهرو وزير وڌيڪ چيو ته صوبي جي نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو ڇو ته نوجوان نسل هن ملڪ جو مستقبل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، صوبي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو .

غوثپور ڀرسان نوجوان جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن زنجير هڻي ڇڏيا

غوثپور (ن ع آ) غوثپور چار ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان مٿان ڌاڙيلن پاران تشدد واري وڊيو جاري  ڪري ڇڏي، زنجيرن ۾ جڪڙيل غوثپور واسي نديم ملڪ مٿان ڌاڙيلن سخت تشدد ڪرڻ واري وڊيو جاري ڪئي مغوي وڊيو ۾  ايس ايس پي ڪشمور ۽ غوثپور پوليس کي اپي ڪئي ته مون کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو، هن وارثن کي اپيل ڪئي ته وڏي تڪليف ۾ آهيان مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويندو ، جيڪڏهن پوليس مدد نه ٿي ڪري ته انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري مصيبت مان منهنجي جان ڇڏايو، مغوي جي چيو آهي ته اسين غريب آھيون اسان ڀنگ ڀرڻ جيتري حيثيت نٿا رکون، اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ 12 تاريخ تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.