عزيز ڪنگراڻي جي ڪتاب ”سِنڌ ٽُوئر اِزم ؛ ائن آرڪيولوجيڪل جَرني “ جو مختصر اڀياس

تحرير: اڀياس ڪار امين جويو

سائين عزيز ڪنگراڻي جوانگريزي ٻولي ۾ لکيل هي ڪتاب سال 2012ع  ۾ ” سنڌ ٽُوئر اِزم ڊپارٽمينٽ “ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي . هن ڪتاب جو مهاڳ ، ” سنڌ ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ “ جي تڏهوڪي چيف ايگزيڪٽو ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر ، منظور احمد ڪناسري صاحب لکيو آهي .هُن ليکڪ جا ٿورا مڃندي لکيو آهي ته ؛ ” عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ادبي ڄاڻ ۽ ڪارآمد تجربي جي مدد سان هي ڪم سهيڙيو آهي ، سو ڄڻ ته ڄاڻ جي ڪا کاڻ آهي. سنڌ جي سياحتي ، ثقافتي ۽ قديم ماڳن گهمڻ / ڏسڻ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هي هڪ مختصر ۽ بهترين ڪتاب آهي.“

جڏهن ته هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نالي واري محقق ۽ علم الانسان جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلهوڙي لکيو آهي .جنهن ۾هو لکي ٿو ته ؛ ” بنيادي طور پروفيسر عزيز ڪنگراڻي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي ، پر سندس دلچسپي گوناگون موضوعن ۾ رهي آهي. جنهن ۾ خاص طور تي سندس دسترس جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه جي ڪاڇي واري علائقي تي رهي آهي. هِن ڪتاب ۾ هُن تمام وڏو اهم ڪم ڪيو آهي ، جو هُن ڪاڇي جي ماڻهن پاران ٻڌايل تواريخ ۽ ڪاڇي جي قديم آثارن جي تواريخ کي قلمبند ڪري ورتو آهي. سندس هي ڪتاب ، سنڌ جا قديم آثارَ گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ اهم تبديلي ثابت ٿيندو“  عزيز ڪنگراڻي جي هن ڪتاب ۾ هيٺ ڏنل ماڳن مڪانن ۽ مشهور تواريخي جڳهن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي ؛ ” مائي ڪَلاچي ، چوڪنڊي ملير ، مزار قاعد اعظم ، جناح هائوس ڪراچي ، ڪراچي نيشنل ميوزيم ، موهاٽا پيلس ، ڊينسو هال ۽ لائبرري ، ايمپريس مارڪيٽ ، سينٽ اينڊريو چرچ ، فريئر هال ، منهڙي وارو مندر ، خالق ڏنو هال ، اين جي وي اسڪول ، ڊي جي سائنس ڪاليج ، شِري سوامي نارائڻ مندر ، ڪلفٽن مها شِو ديو مندر ، سنڌ مدرست الاسلام ، موکي ۽ متارن جو ماڳ ، مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون ، ڀنڀور ، مڪلي ، ڪلان ڪوٽ ، شاهجهان مسجد ٺٽو ، ڪينجهر ڍنڍ ، پڪو قلعو حيدرآباد ، ڪچو قلعو حيدرآباد ، حيدرآباد ۾ ميرن ۽ ڪلهوڙن جا مقبرا ، اگهم ڪوٽ ، جين مندرَ ، ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر وارا قديم آثار ، عمر ڪوٽ ، ڪاهو جو دڙو ، شِو مندر ( ميرپور خاص ) ، شهدادپور ۾ مير شهداد خان ٽالپر جو قبرستان ، چِٽوڙي قبرستان ، برهمڻ آباد ، ڏيپر گهانگهرو ، رني ڪوٽ ، آمريءَ جو دڙو ، لڪي شاهه صدر، ان جي ڀرسان وارو مندر ۽ ٻيا آثار، سيوهڻ وارو قلعو ۽ اوسي پاسي وارا ٻيا آثار ، ڍلاڻي جو دڙو ، منڇر ڍنڍ ، بُلي جي بُٺي ، ڪائيءَ ماٿري واريون غارون ، نئينگ شريف ، گرانڊيءَ وارا دڙا ، ماڙي کڙ وارو دڙو ۽ گاجي شاهه ، خدا آباد ، ميان يار محمد ڪلهوڙي جو مقبرو ، گورک هل اسٽيشن ، ڪافر ڪوٽ يا ڪارو ڪوٽ ، ميان جو ڪوٽ ، پپراسر ، قديم اُڪر وارا آثار ، ڪونٽيري وارو دڙو ، روميون قبرون ، آراڙي وارو قبرستان ، ڪلوئي جو دڙو ، شاهن فقير جو قبرستان ، جنگو خان جمالي جو قبرستان ، ماڻڪ ٽارو ، وِيرناٿ وارو مندر ، بهم جو دڙو ، بالو جا قُبا ، ٺُلهه مير رڪڻ ، ڪوٽ ڏيجي وارو قلعو ، فيض محل ، معصوم شاهه جو منارو ، قادر بخش جا قبا ، ساڌ ٻيلو ، ستين جو آستان ، آدم شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو ، اروڙ ، مومل جي ماڙي ( ماٿيلو ) ڊمب ٿرڙي وارو دڙو ، ٿرڙي نظام وارو دڙو ، پيرپڌري وارو دڙو ، ميران پور ، ڳوٺ مير محمد کوسي وارو ٺلهه ، جُهڪر وارو دڙو ، ڌامراهي وارو دڙو ، شاهه بَهاري جو مقبرو ، ميان شاهل محمد وارو مقبرو ۽ موهن جو دڙو.

جن ماڳن جي نالن جو ذڪر مٿي ٿيل آهي ، انهن تي سائين عزيز ڪنگراڻي صاحب مختصر پر شاندار نموني سان لکيو آهي ۽ پڙهندڙ کي اوسيتائين پهچائڻ جو گس پڻ ملي ويندو.  پر آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي قديم آثارن بابت هي ڪتاب ڪجهه اڻ پورو آهي ، ڇاڪاڻ ته منهنجي ڄاڻ مطابق سنڌ ۾ ساڍن ٽن هزارن کان به وڌيڪ تواريخي جايون ۽ ماڳ مڪان موجود آهن ! پر ظاهر آهي هڪڙو ماڻهو ڪٿي پهچي ڪٿي پهچندو…

سنڌ جي قديم آثارن تي تحقيق جو ڪم؛  ڪو هڪڙو يا ٻه فرد نه ٿا ڪري سگهن ، پر ان لاءِ ادارن جي ضرورت هوندي آهي ، جيئن ٻين سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪن ۾ ٿيندو آهي ، تيئن هتي سنڌ ۾ به جي قديم آثارن ۽ سياحتي ماڳن کي بچائڻ ۽ ٽوئرازم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان جي ادارن کي اڳيان اچڻو پوندو ، تڏهن وڃي اسان جي سنڌ جا قديم ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ محفوظ ٿيندا ۽ سياحت کي پڻ هٿي ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.